سج جي روشني سيڊنا تائين پھچڻ ۾ پنج ڏينھن کان به وڌيڪ وقت لڳي ٿو . اڃان تائين جي مليل سيارن ۽ ننڍن سيارن جو سڀني کان وڌيڪ مفاصلو سيڊنا جو آھي .
ھبل ٽيلي اسڪوپ 2004 ء ۾ اسان کي ٻڌايو ته سيڊنا کي ڪو به چنڊ نه آھي . سيڊنا کي سج جو ھڪ چڪر لڳائڻ ۾ 11،400 سال جو وقت لڳي ٿو .
سيڊنا جي ڳجھارت کي سلجھائيندي شايد اسانکي اھيا ڳالھ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ته اسانجو ھي ڪائنات اھڙن ھزارين ڳجھارتن سان ڀريل آھي . اھيا ھڪ ڳجھارت آھي ته آخر سيڊنا ايترو پري ؟ڪٿان آيو ؟ ڇا ھن نظام شمسي ۾ پيدا ٿيو ؟ ايئن به ٿي سگھي ٿو ته ھن جي پيدائش ٻئي ڪنھن نظام شمسي ۾ ٿي ھجي ۽ اسان جي نظام شمسي جي گريوٽي ۾ ڦاسي پيو ھجي ؟
2075ء ۽ 2076ء ۾ سيڊنا سج جي صفا ويجھو ھوندو . تڏھن سيڊنا جو مفاصلو تقريبا 75 اسٽرونوميڪل يونٽ ھوندو . ناسا جو سيڊنا تي فلحال مشن موڪلڻ جو ڪو پروگرام نه آھي . جيتوڻيڪ 2075 ۽ 76 جي موقعي کي اسان ضايع ڪيوسين ته اڳيون موقعو اسان کي ٻارھن ھزار سالن کان پوء ملندو .
اسان کي سيڊنا تائين پھچڻ ۾ تقريبا 25 سال لڳندا . اھو به تڏھن جڏھن مشتري جي گريوٽي اسان جو ساٿ ڏيندي . جيڪڏھن اسان کي سيڊنا کي تسخير ڪرڻو آھي ته 2033ء ۾ پرواز ڪرڻو پوندو.
شايد ڪير به ھن سونھري موقعي کي ضايع نه ڪرڻ چاھيندو ڇو ته ڪائنات جو ھر راز پنھنجي پاڻ ۾ انوکو ۽ انمول ھجي ٿو . شايد سيڊنا کان اسان کي اسان جي نظام جي شروعاتي ڄاڻ ملي . اھو ڄاڻ به اسان لاء غنيمت آھي.