Gulzar | |
---|---|
![]() گلزار 2008 | |
پيدائش | سمپورن سنگھ ڪالرا Sampooran Singh Kalra آگسٽ 1934 (عمر 90 سال) دينا,پنجاب,برٽش انڊيا (present-dayپنجاب، پاڪستان) |
قوميت | انڊين |
پيشو | |
سَرگَرمُ سالَ | سن 1971–99 (ڊائريڪٽر طور) (retired) 1956–هاڻي (گيتڪار) |
جيون ساٿي | راکي گلزار (ش. 1973) |
ٻار ٻچا | ميگھنا گلزار |
ماءُپيءُ | مکڻ سنگهه ڪالرا ۽ سوجن ڪور |
اعزاز | ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ (2002) ,پدم ڀوشن (2004),داداصاحب ڦالڪي ايوارڊ (2013),بهترين اصل گيت لاءِ اڪيڊمي ايوارڊ (2008) |
سڃاڻپ نشان | |
![]() |
اصل نالوسمپورن سنگھ ڪالرا، (پيدائش 18 آگسٽ 1934ع)، پيشہ ور طور گلزار جي نالي سان مشھور ھندوستاني شاعر، گيت نگار، ليکڪ، فلمي مُسودا نگار ۽ فلمي ھدايتڪار آھي[1]. ھن 1963ع ۾ موسيقي جي ھدايتڪار ايس ڊي برمن سان فلم "بندني" ۾ گيت نگار طور ڪم ڪري پنھنجو پيشو شروع ڪيو ۽ ٻين ڪيترائي موسيقي جي ھدايتڪارن آر ڊي برمن، ساليل چوڌري، وشال ڀردواج ۽ اي آر رحمان سان ڪم ڪيو. کيس 2004ع ۾ ھندوستان جي ٽئين نمبر تي سڀ کان وڏي شھري ايوارڊ "پدما ڀوشڻ" سان نوازيو ويو[2]. اُن سان گڏ ساھتيہ اڪيڊمي ايوارڊ ۽ انڊين سئنيما جي سڀ کان وڏي "دادا صاحب ڦالڪا ايوارڊ" سان پڻ کيس نوازيو ويو[3]. ھن 05 انڊين نيشنل فلم ايوارڊ، 22 فلم فيئر ايوارڊ، 01 اڪيڊمي ايوارڊ ۽ 01 گرامي ايوارڊ کٽيا آھن[4].
گلزار، سمپورن سنگھ ڪالرا جي نالي سان دينا، ضلعي جھلم (ھاڻي پاڪستان ۾)،برٽش انڊيا جي سِک ڪُٽنب ۾ مکڻ سنگھ ۽ سَجن ڪور وٽ پيدا ٿيو. اسڪول ۾ ھنرابندر ناٿ ٽئگور جي لکڻين جا ترجما پڙھيا، جن کي پوءِ ھن پنھنجي زندگيءَ ۾ آيل ڪيترائي موڙن جي لاءِ اھم جُز طور ڳڻايو.ورھاڱي جي ڪري ھن جو خاندان ورھائجي ويو ۽ کيس سندس ڪُٽنب کي سھارو ڏيڻ جي لاءِ پڙھائي ڇڏيبمبئي (ممبئي) اچڻو پئجي ويو. بمبئي ۾ زندھ رھڻ جي لاءِ ھن ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڪيون، اُنھن ۾ بيلاسِيس روڊ (ممبئي) تي "ويچاري موٽرس" جي نالي سان گئريج پڻ شامل ھو. جتي ھي حادثن جي شڪار ٿيل گاڏين کي مُختلف رنگن سان ھٿ ھڻندو ھو. سندس پنھنجن لفظن ۾ "مان رنگن ۾ ماھر ھوندو ھوس".شروعات ۾ لکڻ جي ڪري سندس پيءَ کيس ڇِڙٻون ڏيندو ھو. ھن پنھنجو قلمي نالو گلزار دينوي کنيو ۽ پوءِ فقط "گلزار"[5]. راجيا سڀا ٽي وي وارن کي انٽرويو ڏيندي پينٽر (رنگ ڏيندڙ) طور ڪيل ڪم کي ڏاڍو ساراھيائين، ڇاڪاڻ تہ اُن جي ڪري کيس ھڪڙي ئي وقت ۾ لکڻ، پڙھڻ، ڪاليج وڃڻ ۽ "پراگريسِو رائٽرس ايسوسيئشن" سان گڏ رھڻ جي لاءِ کوڙ وقت ملي ويندو ھو.[6][7][8]