ان جو عربي نالو گزبره يا ڪزبرہ، فارسي ۾ ڪشنيز، هندي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ نالو دهنيا، فوريون، فاتره ۽ بروغائون آهي. ان جو اثر سرد ۽ خشڪ آھي طب جي تحقيق مطابق ويسر ڪرائي ٿو. ان جي ٻج جو وزنڻ پنجن کان ست ماسا ھوندو آھي، جيڪو خوشبودار، گول ڀوري رنگ وارو ھوندو آھي. ان جي طبي خاصيتن مطابق ان جو ٻج معدي، دل ۽ دماغ کي تقويت ڏيندو آهي، معدي جا بخار جيڪي دماغ ڏانهن وڃن ٿا، اُنهن کي روڪيندو آهي. خفقان ۽ وسواس لاهين ٿا، هاضمي کي طاقت ڏين ٿا، دستن ۽ منيءَ جي وهڻ کي بند ڪن ٿا، ننڊ آڻين ٿا. مٿي جي سور، مٿي جي ڦيري، بواسير جي رت لاءِ فائديمند آهي. هنن جو ڪاڙهو وات جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جي گهڻي استعمال سان شهوت گهٽجي ٿي.[2]