Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

ڇنڇر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇنڇرهفتي ڇهون ڏينهن آهي.آچر ۽جمع جي ڏينهن جي وچ واروڏينهن آهي.

لفظ ڇنڇر

[سنواريو]

ڇنڇر = هن کي ڪٿي ڇنڇار به چوندا آهن. هي لفظ آهي سنڌي پر هن جو بنياد پڻ سنسڪرت لفظ شنيھ مان ملي ٿو.شنيھُ هندن جو ديوتا آهي. جيڪوانصاف جو ديوتا آهي، ۽ بُرن اعمالن تي دنيا ۾ سزائون ڏيندو آهي. علم نجوم جي حساب هن جو گرھزحل آهي. جيڪو نحوست جو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. هندي ۾ پڻ ساڳي نسبت سان شنيھ وار مان تبديل ٿيندي شني وار موجود آهي

جامع سنڌي لغت مطابق؛

[سنواريو]

ڇنڇر

ذ. [سن. شَنِهه] هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو. هڪ گرهه جو نالو. زُحل (جو عام طرح نَحسُ سمجهيو ويندو آهي). نُحُوسَت ، نڀاڳ ، ڪمبختي.

ان لاء سنڌي چوڻيون پڻ هن ڳالھ نسبت ڪن ٿيون ؛

[سنواريو]

ڇنڇر پيرن ۾ هُئڻ

[سنواريو]

هڪ هنڌ ٽِڪاءُ نه هئڻ ، نَحُوست جو اثر هئڻ ، چڪرن ۾ هئڻ.

ڇنڇرِي

[سنواريو]

ث. ڇنڇر گِرههَ جي نُحُوسَت. نِڀاڳُ ، بَدبَختي. (اسم خاص). ٻانڀڻن جو هڪ گروهه (جي ڇنڇر گرهه جي نحوست لاهين).

ڇنڇرِي لاهِڻ

[سنواريو]

نحوست لاهڻ. نڀاڳ ڪڍڻ. سخت سزا ڏيڻ (اهو خيال آهي ته ڇنڇر گرهه جو اثر پيل ماڻهو بَد مزاج ٿيندو آهي). ڏاڍي مارَ ڏيئي سڌو ڪرڻ. مغرور جي دماغ مان غرور ڪڍڻ.

انگريزي Saturday

[سنواريو]

رومن ديوتاSaturn جي نالي سان منسوب آهي. ۽ انگريزي ۾زحل گرھ کي بهSaturn چئبو آهي. جيڪو مال، زراعت، آزاديء ۽ وقت جو ديوتا آهي.

گيلري

[سنواريو]

.

  • زحل گرھ
    زحل گرھ
  • شنهي ديو جي تصوير
    شنهي ديو جي تصوير
  • شني ديو جي مورتي
    شني ديو جي مورتي
  • سيٽرن ديوتا (رومن ديوتا)
    سيٽرن ديوتا (رومن ديوتا)
ھي مضمونڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿاان کي سنواري.
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=ڇنڇر&oldid=292955" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرو:

[8]ページ先頭

©2009-2026 Movatter.jp