اڪيڊمي اوارڊ جي تقريب ۾ موجود شوقينن پنجن منٽن تائين بيهي تاڙيون وڄائي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. چارلي چپلن جي فني ڪيريئر جون آخري ٻه فلمون ’اي ڪنگ ان نيويارڪ‘ ۽ ’اي ڪائونٽس فرام هانگ ڪانگ‘ برطانيا ۾ ٺاهيون ويون. پهرين فلم ۾ هن اداڪاري سان گڏ مصنف، هدايتڪار ۽ فلمساز جا فرض به سرانجام ڏنا. جڏهن ته ٻي فلم ۾ ساڻس صوفيا لورين ۽ مارلن برانڊو پڻ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. چارلي چپلن پنهنجي مخصوص اداڪاريءَ سبب تمام گھڻو مشهور هو، پر حسين اداڪارائن سان دوستين ۽ شادين، سندس عوامي همدرديءَ کي تمام گھڻو متاثر ڪيو. جن ۾ ڪجهه اداڪارائون ۽ هڪ رقاصه به شامل هئي. 1918ع ۾ مائيلڊرڊ ريڊ هيرسن سان شاديءَ وقت چپلن جي عمر 29 سال هئي. هيرسن مان کيس هڪ پٽ ڄائو، جيڪو ٽن ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو. 1922ع ۾ پولينڊ جي اداڪاره پولا نيگريءَ سان چپلن جي دوستي ٿي ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي دوستيءَ کي عوامي سطح تي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ڪيترن سوانح نگارن جو چوڻ آهي ته نينگريءَ سان هن دوستي صرف عوامي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي. چپلن جي زندگي ۾ ايندڙ آخري عورت اونا اونيري هئي، جنهن سان هن 1943ع ۾ شادي ڪئي، ان شاديءَ مان چپلن کي اٺ ٻار ٿيا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چارلي چپلن ويهين صديءَ جو عظيم ڪاميڊين هو، جيڪو پنهنجي فن سبب شوقينن جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي.
هـن جـي اداڪـاريءَ جـو اثـر سـنـڌ جـي ڪيـترن اداڪـارن تي آهي. جيئن نور محمد چارلي، عبدالمنان عباسي، عبدالله ملاح، نياز ديوانو، اردوءَ ۾ رنگيلا وغيره جي اداڪاريءَ تي چارلي چپلن جو نمايان اثر آهي.
سندس آخري فلم A Countess from Hong Kong هئي، جيڪا 1977ع ۾ رليز ٿي. هي مشهور اداڪار، هدايتڪار ۽ موسيقار، 25 ڊسمبر 1977ع تي سئيزرلينڊ ۾ ڪرسمس جي ڏينهن ننڊ ۾ ئي گذاري ويو. سندس قبر سئيزرلينڊ ۾ آهي.چارلي چپلن جو اهو ڪشادو گهر، جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا 24 سال گذاريا، هڪ يادگار ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان بنگلي ۾ هن پنهنجي زال اونا ۽ اٺن ٻارن سان آخري وقت گذاريو هو. سندس ميوزيم کي 2009ع ۾ مداحن لاءِ کوليو ويو.[1]