پاناما شھر،پاناما (Panamá ) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو،پاناما جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي.[1][2] ان جي ڪل آبادي 10,86,990 آهي،[3] ان جي شهري علائقن جي آبادي 21,00,000 کان مٿي آهي. هي شهر،پاناما صوبي ۾، پاناما ڪينال جيپئسفڪ داخلا تي واقع آهي. هي شهر ملڪ جو سياسي ۽ انتظامي مرڪز آهي، گڏوگڏ بئنڪنگ ۽ واپار جو مرڪز آهي.[4]
پاناما شهر جو بنياد 15 آگسٽ 1519ع تي اسپيني فاتح پيڊرو آرياس ڊيويلا رکيو. اهو شهر مهمن جو شروعاتي نقطو هو جنهنپيرو جي انڪا سلطنت کي فتح ڪيو. اهو آمريڪي براعظم جي سڀ کان اهم واپاري رستن مان هڪ تي هڪ اسٽاپ اوور پوائنٽ هو، جيڪو نومبری دی ڈائیوس Nombre de Dios ۽ پورتوبیلو Portobelo جي ميلن ڏانهن وٺندو ھو، جنهن جي ذريعي گهڻو ڪري سون ۽ چاندي گذري ٿو جيڪو اسپين آمريڪا کان کنيو هو.
28 جنوري 1671ع تي اصل شهر کي باهه لڳڻ ڪري تباھ ڪيو ويو جڏهن پرائيويٽ هينري مورگن تباھہ ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. شهر کي ٻن سالن بعد 21 جنوري 1673 تي باضابطه طور تي، اصل آبادي کان8km (5 ميل) جی مفاصلی تي، هڪ ٻيٽ تي بحال ڪيو ويو. اڳ ۾ تباهه ٿيل شهر جو ماڳ اڃا تائين بربادي ۾ آهي، ۽ هاڻي هڪعالمي ورثو آهي[5] ۽ مشهور سياحن جي ڪشش جو، اسڪول جي سفرن ذريعي باقاعده دورو ڪيو ويندو آهي.
↑Real Academia Española y Asociación de Academias de la Lengua Española, «Lista de países y capitales, con sus gentilicios»,Ortografía de la lengua española, Madrid, EspasaEspañola, Real Academia (2010),Panamá.1 País de América., Espasa, ص:726,آئي ايس بي اين978-84-670-3426-4, "GENT.panameño -ña. CAP. Panamá. Panamá.2 Capital de Panamá."