6.237 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر مايع حالت ۾ (پگھرائڻ جي نقطي): 5.70 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
Government
فزيڪل خاصيتون
• اُبلڻ جو نقطو
(1261°K), (988°C)
• پگھلڻ جو نقطو
(722.66K) (449.51°C)،
• پگھرائڻ لاء حرارت
17.49 ڪلو جول في مول
• ٻاڦ جي حرارت
114.1 ڪلو جول في مول
• مولر گرميء گنجائش
25.73 جول في مول.ڪيلون
ٽيلوريئم (Tellurium) هڪ ڪيميائي عنصر آهي، جن جو نشانTe ۽ ايٽمي نمبر52 آهي. اهو هڪ ڀُرندڙ، هلڪو زهريلو، ناياب، چانديءَ جهيڙي اڇي رنگ وارو يم ڌاتو (Metalloid) آهي. ٽيليوريم ڪيميائي طور تي سيلينيم ۽ سلفر سان لاڳاپيل آهي، جئين ته اها سڀئي چالڪوجن آهن. اهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اصلي شڪل ۾ عنصري ڪرسٽل جي صورت ۾ ملي ٿو. ٽيليوريم ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ پوري ڪائنات ۾ تمام گهڻو عام آهي. ڌرتيءَ جي ڪرسٽ ۾ هن جو، پلاٽينم مقابلي ۾ انتهائي ناياب ٿيڻ جو ڪارڻ، هن جو هڪ غير مستحڪم هائيڊرائيڊ جي ٺهڻ جي ڪري آهي. هن ڪارڻ ٽيليوريم ڌرتيءَ جي گرم نيبولر جي ٺهڻ دوران، گئس جي طور تي خلا ۾ گم ٿي ويو هو.
ٽيليوريم وارا مرڪب پهريون ڀيرو سال 1782ع ۾ ڪلينشلاٽن، ٽرانسلوانيا (هاڻي زلاٽنا، رومانيا) ۾ سون جي کاڻ ۾ آسٽريا جي معدنيات جي ماهر فرانز-جوزف مولر وون ريچينسٽائن پاران دريافت ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ اهو مارٽن هينريچ ڪلاپروٿ هو جنهن 1798ع ۾ نئين عنصر جو نالو، لاطيني ٽيلس، معني "ڌرتي"جي نالي تي ڏنو. سون جا ٽيليوريڊ معدنيات سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر قدرتي سون جا مرڪب آهن. بهرحال، اهي ٽيليوريم جو تجارتي طور تي اهم ذريعو نه آهن، جيڪو عام طور تي ٽامي ۽ شيھي جي پيداوار جي ضمني پيداوار جي طور تي ڪڍيو ويندو آهي.
تجارتي طور تي، ٽيليوريم جو بنيادي استعمال CdTe سولر پينل ۽ ٿرمو اليڪٽرڪ ڊوائيسز آهن. ٽامي (ٽيليوريم ڪاپر) ۽ اسٽيل مصر ۾ هڪ وڌيڪ روايتي استعمال، جتي ٽيليوريم مشيني صلاحيت کي بهتر بڻائي ٿو، ٽيليوريم جي پيداوار جو هڪ وڏو حصو پڻ استعمال ڪري ٿو.
ٽيليوريم جو ڪو به حياتياتي ڪم نه آهي، جيتوڻيڪ فنگس ان کي سلفر ۽ سيلينيم جي جاءِ تي امينو ايسڊ جهڙوڪ ٽيليوريسسٽين ۽ ٽيليوريميٿيونائن ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. انسانن ۾، ٽيليوريم جزوي طور تي ڊائي ميٿائل ٽيليورائيڊ، (CH3)2Te ۾ ميٽابولائز ٿئي ٿو، هڪ گئس جنهن ۾ لہسن جهڙي بوءِ هوندي آهي جيڪا ٽيليوريم جي نمائش يا زهر جي متاثرين جي ساهه ۾ خارج ٿيندي آهي.
سلوانائيٽ تي اصلي ٽيليوريم ڪرسٽل (واتوڪولا، ويٽي ليوو، فجي). تصوير جي ويڪر 2 ملي ميٽر.
ڌرتيء جي ڪرسٽ ۾ پلاٽينم جي مقابلي ۾ ڪثرت سان، (تقريبن 1 μg/ڪلوگرام)، ناياب مستحڪم مضبوط عنصرن مان هڪ آهي.[1] اڃا تائين ته ٿئليم ڪرسٽل، لينٽانائيڊس ۾ سڀ کان ناياب، جي ڪثرت به 500 μg/ڪلوگرام آهي.[2]
زمين جي ڪرسٽ ۾ ٽيليوريم جي نايابيت ان جي ڪائناتي ڪثرت جو عڪس ناهي. ٽيليوريم ڪائنات ۾ روبيڊيم کان وڌيڪ ڪثرت سان آهي، پر ڌرتيء جي ڪرسٽ ۾ روبيڊيم 10,000 ڀيرا وڌيڪ ڪثرت سان آهي. زمين تي ٽيليوريم جي نايابيت کي، شمسي نيبولا ۾ اڳواٽ ترتيب ڏيڻ دوران حالتن جي ڪارڻ خيال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ڪجهه عنصرن جي مستحڪم شڪل (آڪسيجن ۽ پاڻي جي غير موجودگي ۾) آزاد هائيڊروجن جي گهٽتائي واري طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪئي وئي هئي. اهڙي حالت ۾، ڪجهه عنصر جيڪا غير مستحڪم هائيڊرائيڊ، جهڙوڪ ٽيليوريم ٺاهيندا هئا، انهن هائيڊرائيڊ جي بخارات ذريعي تيزي سان ختم ٿي ويا. ٽيليوريم ۽ سيلينيم اهي ڳرا عنصر آهن جيڪي هن عمل ذريعي سڀ کان وڌيڪ ختم ٿيا.
ٽيليوريم ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اصلي (يعني، عنصري) شڪل ۾ ملي ٿو، پر اهو گهڻو ڪري سون جي ٽيليوريڊ، جهڙوڪ ڪيلاورائٽ ۽ ڪرينيرائٽ، (AuTe2 جا ٻه مختلف پوليمورف)، پيٽزائٽ (Ag3AuTe2) ۽ سلوانائٽ (AgAuTe4) جي صورت مان ملي ٿو. سون پاڻ کي عام طور تي غير گڏيل مليو آهي. پر جڏهن ڪيميائي مرڪب جي طور تي مليو، اهو اڪثر ٽيليوريم سان گڏ ڪيو ويندو آهي.
جيتوڻيڪ، ٽيليوريم سون سان گڏ غير گڏيل شڪل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي ٿو. اهو وڌيڪ عام ڌاتو جي ٽيليوريڊز جي طور تي گڏ ٿيل ملي ٿو. ميلونائيٽ (NiTe2). قدرتي ٽيليوريٽ ۽ ٽيليوريٽ معدنيات پڻ ٿين ٿا. جيڪي زمين جي مٿاڇري جي ويجهو ٽيليوريڊز جي آڪسائيڊيشن سان ٺهندا آهن. سيلينيم جي برعڪس. ٽيليوريم عام طور تي آئن ريڊي ۾ وڏي فرق جي ڪري معدنيات ۾ سلفر کي تبديل نٿو ڪري. تنهن ڪري ڪيترن ئي عام سلفائيڊ معدنيات ۾ سيلينيم جي وڏي مقدار ۽ صرف ٽيليوريم جا نشان هوندا آهن.[3]
سال 1893ع جي سون جي تلاش (Gold Rush) ۾، ڪلگورلي ۾، جڏهن خالص سون جي ڳولا ڪري رهيا هئا، ڪچ ڌات ۾ هڪ پائريٽڪ مواد کي رد ڪري ڇڏيا ۽ ان کي کڏن کي ڀرڻ ۽ فٽ پاٿ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. سال 1896ع ۾، هن رد ڪيل (ٽيلنگ) مان ڪيلاورائيٽ، سون جو هڪ ٽيليوريڊ، دريافت ڪيو ويو، جيڪا هڪ ٻئي گولڊ رش کي جنم ڏنو جنهن ۾ گهٽين جي مائننگ شامل هئي.[4]
سال 2023 ۾ فلڪيات دانن ٻن نيوٽران تارن جي وچ ۾ ٽڪراءَ دوران ٽيليوريم جي تخليق جو پتو لڳايو.[5]
Tellurium has twoallotropes, crystalline and amorphous. Whencrystalline, tellurium is silvery-white with a metallic luster. The crystals aretrigonal andchiral (space group 152 or 154 depending on the chirality), like the gray form ofselenium. It is a brittle and easily pulverized metalloid. Amorphous tellurium is a black-brown powder prepared by precipitating it from a solution oftellurous acid ortelluric acid (Te(OH)6). Tellurium is asemiconductor that shows greater electrical conductivity in certain directions depending onatomic alignment; the conductivity increases slightly when exposed to light (photoconductivity).[6] When molten, tellurium is corrosive to copper,iron, andstainless steel. Of thechalcogens (oxygen-family elements), tellurium has the highest melting and boiling points, at 722.66 ۽ 1٬261 K (449.51 ۽ 987.85 °C), respectively.[7]
Crystalline tellurium consists of parallel helical chains of Te atoms, with three atoms per turn. This gray material resists oxidation by air and is not volatile.[8]
Naturally occurring tellurium has eight isotopes. Six of those isotopes,120Te,122Te,123Te,124Te,125Te, and126Te, are stable. The other two,128Te and130Te, are slightly radioactive,[9][10][11] with extremely long half-lives, including 2.2 × 1024 years for128Te. This is the longest known half-life among allradionuclides[12] and is about 160trillion (1012) times theage of the known universe.
A further 31 artificialradioisotopes of tellurium are known, withatomic masses ranging from 104 to 142 and with half-lives of 19 days or less. Also, 17nuclear isomers are known, with half-lives up to 154 days. Except forberyllium-8 and beta-delayed alpha emission branches in some lighternuclides, tellurium (104Te to109Te) is the second lightest element with isotopes known to undergo alpha decay,antimony being the lightest.[9]
The atomic mass of tellurium (127.60 g·mol−1) exceeds that of iodine (126.90 g·mol−1), the next element in the periodic table.[13]
↑Alessandrello, A.; Arnaboldi, C.; Brofferio, C.; Capelli, S.; Cremonesi, O.; Fiorini, E.; Nucciotti, A.; Pavan, M. et al. (2003). "New limits on naturally occurring electron capture of123Te". Physical Review C67 (1): 014323.doi:10.1103/PhysRevC.67.014323.Bibcode: 2003PhRvC..67a4323A.
↑"Noble Gas Research", Laboratory for Space Sciences, Washington University in St. Louis, 2008,اصل کان 28 سيپٽمبر 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 جنوري 2013۔