يونان يا جمھوريہ ھيلينيہ ڏکڻ اوڀريورپ ۾ جزيره نما بلقان جي نشيب ۾ واقع ملڪ آھي۔ ان جون سرحدون اتر ۾ البانيا،مقدونيہ ۽ بلغاريہ ۽ اوڀر ۾ ترڪي سان ملن ٿيون- اولھ ۾ بحيره ايوني ۽ ڏکڻ ۾ بحيره ايجين واقع آھي-
يونان کي فنون لطيفہ جي ماءُ به چيو ويندو آھي۔ ھتان سنگ مرمر افراط سان ملندو ھو لھٰذا فن تعمير ۾ غير معمولي ترقي ڪئي۔
جمھوريت جو تصور سڀ کان پھرين يونان ۾ قائم ٿيو ۽ اتان کان ھي طرز حڪومت دنيا جي ٻين ملڪن تائين پھتو۔ رونان ۾ ھر نوجوان کي ارڙھن سالن جي عمر ۾ ايٿينز جي ديوي جي حضور ۾ وفاداري جو حلف کڻڻو پوندو آھي۔
‘‘‘گريس‘‘‘ (انگريزي:Greece), سرڪاري نالو “ھيلينڪ ريپبلڪ“، ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ موجود ھڪ ملڪ، جنھن جي حدن ۾، اتر ۾ البينيا، بلغاريہ ۽ ماضي جي يوگوسليويائي مقدونيہ (FYROM)، اوڀر ۾ ترڪي،ايجين سمنڊ ڏکڻ لونين سمنڊ موجود آھي.جيڪڏهن اوهين يورپ جي نقشي تي نظر وجھندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو، ته يونان جو ملڪ هڪ هڏائين هٿ وانگر آهي، جنهن جون ڏنگيون ڦڏيون آڱريون، ڀونچ سمنڊ (Mediterranean Sea) طرف وڌيل آهن. ان جي ڏکن طرف ڪريٽ (Crete) جو عظيم ٻيٽ آهي، جتان عيسوي سن کان ٻه هزار ورهين اڳ، يونانين، تهذيب ۽ تمدن جا ابتدائي سبق حاصل ڪيا، اوڀر طرف، ايجين سمنڊ (Agean Sea) جي ٻئي پاسي، ايشيا ڪناري جي سرزمين آهي، جيڪا هن وقت خاموش ۽ مرده ٿي چڪي آهي، پر افلاطون (Plato) جي زماني کان اڳي، هيءَ صنعت، واپار ۽ سوچ ويچار جو مرڪز هئي. اولهه طرف ’آيونئن‘ سمنڊ (Ionian Sea) جي ٻئي ٻئي طرف اٽلي آهي، جا سمنڊ ۾ هڪ نوڙيل مناري وانگر، بيٺل پيئي لڳي. ساڳئي طرح اسپين ۽ سسلي آهن، جيڪي ان زماني ۾ يونان جون خشحال، ترقي ڪندڙ بيٺڪون هيون، آخر ۾ جبرالٽر (Gibraltar)، جنهن کي ان زماني ۾ ”هرڪيولس جا ٿنڀا“ چيو ويندو هو، هڪ اهو خوفنائتو سمنڊ آهي، جتان گهڻن قديم جهاز رانن کي لنگهڻ جي همت ئي ڪانه ٿي ٿئي. اتر پاسي اهي جهنگلي ۽ غير مهذب ملڪ هئا، جن کي ان وقت ٿِسلي (Thessaly)، ايپيرس (Epirus) ۽ مَيسيڊونيا (Mecedonia) سڏيو ويندو هو، جن مان اهي طاقتور قبيلا آيا، جن دنيا کي هومر (Homer) ۽ پيريڪلز (Pericles) جي زماني جون بزرگ هستيون ۽ عظيم ڪارناما مهيا ڪري ڏنا.جيڪڏهن وري ساڳئي نقشي تي غور سان نظر ڪندا، ته اوهان کي معلوم ٿيندو، ته يونان جو ڪنارو، بيحد کاڌل ۽ وروڪڙ واروآهي ۽ زمين لاهين چاڙهين واري اٿس. هن سرزمين ۾ هر طرف نهرون ۽ ناريون، اپسمنڊ ۽ چشما موجود آهن، سڄي زمين جبلن ۽ ٽڪرن سان ڀريل آهي، اهڙيءَ طرح، يونان انهن قدري بحري ۽ بري بندرن جي ڪري ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويل هو. ان وقت اتي مسافري ۽ آمدرفت بيحد خطرناڪ هئي، هر هڪ ماٿريءَ ۾ پنهنجي پنهنجي اقتصادي زندگي هئي، جنهن سبب هر ماٿريءَ ۾ خود حڪومت، ادارا، لهجا، مذهب ۽ تمدن پننجا پنهنجا پيدا ٿي پيا هئا، خود حڪومت جي دائري ۾ هڪ يا ٻه اهڙا شهر هئا، جيڪي جبلن جي وچ ۾ هئا، جن جي ماٿرين ۾ پوک لائق زمين موجود هئي، انهن ئي قسم جي حڪومتن کي ”شهري رياستون“ سڏيو ٿي ويو، جن کي تاريخ ۾ يوبيا (Euboea).لوڪرس (Locris)، آٽوليا (Atolia)، فوسس (phocis)، بوشيا (Beotia)، ايڪيا (Achae)، آرگولس (Argolis)، ايلس (Ellis) ۽ آرڪيڊيا (Arcadia) ۽ ميسينيا (Messenia) ۽ ليڪونيا (Laconia) جنهن جي اسپارٽا (Sparta) شهر کي تاريخي شهرت حاصل آهي، ۽ ائٽيڪا (Attica) جنهن جو مک شهر اٿينس هو، جي نالن سان ياد ڪيو ٿو وڃي، وري به هڪ ڀيرويونان جي نقشي ڏانهن نهاريون ۽ اٿينس جي بيهڪ کي جاچي ڏسو، اهو شهر، يونان جي سڀني وڏن شهرن جي اوڀر طرفآهي، اهوڄڻ ته هڪ دروازو آهي، جنهن مان يوناني لنگهي، ايشيا مائنر جي سرگرم شهر طرف وک وڌائيندا هئا، ۽ انهيءَ ئي دروازي رستي، ايشيا مائنر جا قديم شهر، عيش عشرت جو سامان ۽ تمدن نوجوان ۽ پراُمنگ يونان ڏانهن موڪليندا هئا، اٿينس کي هڪ تعريف جوڳو بندر هوندو هو، جنهن جو پَئريوس (piraus) هو، جتي بي انداز بيڙا، خطرناڪ سامونڊي لهرين ۽ طوفانن کان بچي، اچي پناهه وٺندا هئا، اٿينس کي هڪ وڏو سامونڊي فوجي ٻيڙو به هوندو هو.[9]