Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

ویب برائوزر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
2017ع ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ويب برائوزر

ویب برائوزر (Web Browser) يا "انٽرنيٽ برائوزر" يا صرف "برائوزر"، هڪسافٽويئر آهي، جنهن جي مدد سانعالمگير ويب مان ڄاڻ يا گھربل مواد کي حاصل ڪيو ويندو آهي. هرويب صفحو، تصويرون ۽ وڊيو، مخلتف لوڪيٽر (URL) جي مدد سان ڳنڍيل آهن، جڏهن برائوزر ۾ گھربل عالمي ريسورس لوڪيٽر (URL) لڳائبو ته اها مطلوبه ڄاڻ واپرائيندڙ جيڪمپيوٽر ياموبائيل تي ڏيکاريندو آهي.

ياد رکو ته ويب برائوزرڳولا انجڻ ناهن ۽ ان کان مختلف آهن.[1] هڪ واپرائيندڙ لاءِ ڳولا انجڻ صرف هڪ ويب سائيٽ ئي هوندي آهي، جيئنگوگل ڳولا انجڻ، جيڪا ٻين ويب سائيٽن جي متعلق ڄاڻ گڏ ڪندي آهي. گوگل ڳولا انجڻ يا ڪنهن ٻي ويب سائيٽ واري ڄاڻ ڏسڻ لاءِ جنهن اوزار جو استعمال ٿيندو آهي، ان کي برائوزر چيو ويندو آهي.[2]

مشهور ويب برائوزر ۾گوگل ڪروم (Google Chrome)فائرفاڪس (Firefox)،سفاري (Safari)،انٽرنيٽ ايڪسپلورر (Internet Explorer) ۽مائڪروسافٽ ايج (Microsoft Edge) شامل آهن.

مارڪيٽ ۾ حصو

[سنواريو]
برائوزر جي استعمال جا انگ اکر
گوگل ڪيروم
  
63.98%
موزيلا فائرفاڪس
  
13.6%
انٽرنيٽ ايڪسپلورر
  
8.21%
سفاري
  
5.46%
مائڪروسافٽ ايج
  
4.3%
ٻيا
  
4.46%
اسٽاٽڪائونٽر مطابق ڊيسڪٽاپ ۾ ويب برائوزر جي استعمال جا انگ اکر (سيپٽمبر 2017).[3]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "What is a Browser?", Google (on YouTube), 30 اپريل 2009, "Less than 8% of people who were interviewed on this day knew what a browser was." 
  2. "Difference Between Search Engine and Browser"۔ 
  3. "Desktop Browser Market Share Worldwide",StatCounter, 12 جولاءِ 2017 تي اصل کانآرڪائيو ٿيل۔ اڻڄاتل پيراميٽر|deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=ویب_برائوزر&oldid=323426" تان ورتل
زمرا:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp