ولنيئس (Vilnius)، اڳ ۾ انگريزيءَ ۾ "ولنا" (Vilna) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو،ليٿوانيا جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي، ۽ بالٽڪ رياستن ۾ ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. جنوري، 2024ع اندازي مطابق، ولنيئس جي آبادي 6,02,430 هئي، ۽ ولنيئس شهري علائقو جيڪو شهر جي حدن کان ٻاهر پکڙيل آهي ان جي اندازي مطابق آبادي 7,08,627 آهي.[13]
ولنيئس پنهنجي پراڻي شهر جي فن تعمير لاءِ قابل ذڪر آهي، جيڪويورپ جي سڀ کان وڏي ۽ بهترين محفوظ ڪيل پراڻي شهرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. ولنيئس کي سال 1994ع ۾يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو.[14][15][16][17] آرڪيٽيڪچرل اسلوب جنهن کي ولنيئن باروڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان شهر جي نالي تي رکيو ويو آهي، جيڪو اوڀر وارو باروڪ شهر آهي ۽الپس جبل جي سڀ کان وڏي اتر ۾ آهي.[18][19]
هي شهر اڳ ۾ ئي پولش۔لٿوانين دولت مشترڪه جي زماني ۾ ان جي گهڻ ثقافتي آبادي لاءِ مشهور هو، هم عصر ذريعن سان ان جو مقابلو بابل شھر سان ڪيو ويو آهي.ٻي عالمي جنگ ۽ هولوڪاسٽ کان اڳ، ولنيئس يورپ ۾ يهودين جي اهم مرڪزن مان هڪ هو. ان جي يھودين جي اثر سبب ان جو نالو "لٿوانيا جو يروشلم“ رکيو ويو. نيپولين ان کي ”اتر جو يروشلم“ سڏيو، جيئن هو 1812ع ۾ اتان گذريو.[20]
سال 2009ع ۾، ولنيئس، آسٽريا جی شھر لينز سان گڏ، يورپ جي ثقافت جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڈنو ویو.[21] سال 2021ع ۾، ولنيئس کي fDi جي مستقبل جي 25 عالمي شهرن مان هڪ رکيو ويو.[22] ولنيئس کي دنيا جي وڏن مالي مرڪزن مان، عالمي سطح تي 76هين ۽ يورپ ۾ 29هين نمبر تي، گلوبل مالي مرڪز انڊيڪس جي مطابق، مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.[23] سال 2023ع ۾، ولنيئس سال 2023ع نيٽو اجلاس جي ميزباني ڪئي. ولنیئس یوروشھرن (Eurocities)[24] ۽ يونين آف ڪيپيٽلز آف يورپي يونين (UCEU) جو ميمبر آهي.[25]
↑Widespread use of the nickname from the 16th century to this day as a reference to the many Catholic churches and monasteries in Vilnius and overall religious atmosphere in the centre. This nickname was/is used not only by foreigners but also by the local population. The 19th-century Lithuanian cultural figureDionizas Poška called Vilnius "Rome of the North", as, according to him, Vilnius is "the old religious centre, that transformed from a pagan city into the bastion of Christianity". D. Poška,Raštai, Vilnius, 1959, p. 67
↑Especially in the 16th–17th centuries, Vilnius was called the ‘New Babylon’ because of the many languages spoken there, as well as its many religions (various Christian denominations as well as Jews and a Muslim Tatar community). E.g.: S. Bodniak, "Polska w relacji włoskiej z roku 1604", Pamiętnik biblioteki kórnickiej, 2, (Kórnik, 1930), p. 37.
↑This nickname was very popular among theLithuanian nobility, citizens of Vilnius, and poets, especially during the Baroque period. Many poets of the period, includingMaciej Kazimierz Sarbiewski, called Vilnius "the capital of Palemon" or "the city of Palemon". Živilė Nedzinskaitė, Vilnius XVII–XVIII a. LDK lotyniškojoje poezijoje, Acta Academiae Artium Vilnensis, Vilnius, 2010, p. 16; Eugenija Ulčinaitė, Motiejus Kazimieras Sarbievijus: Antikos ir krikščionybės sintezė; Vilniaus pasveikinimas, Lietuvių literatūros ir tautosakos institutas, Vilnius, 2001, pp. 47, 59, 61, 63; etc.