ھومر(انگريزي:Homer)، جنھن کي يوناني ٻوليءَ ۾ ھومروس سڏين ٿا، 800 ق م ۾ پيدا ٿيو ۽ 701 ق م ۾ وفات ڪيائين. ان لاء خيال آهي ته اھو ٻن مشھور رزميه داستاننايليڊ ۽اوڊيسي جو ليکڪ ھيو جيڪي قديم يوناني ادب جو بنياد سمجھيا ويندا آھن. ايليڊ ۾ٽراء واري جنگ دوران يوناني بادشاھن جي گڏيل فوج طرفانٽراء واري قلعي جي ڏھ سالا محاصري جي ڪھاڻي بيان ڪيل آهي. اوڊيسي واري داستان ۾ ٽراء جي شڪست بعداٿاڪا جي بادشاھ اوڊيسيس جي ڏھ سالن جي سفر جو ذڪر آھي. آھي ٻئي داستان قديم يوناني ادب جا شاھڪار سمجھيا ويندا آهن. ھومر جي زندگي جا کوڙ تفصيل ڪلاسيڪي دؤر ۾ موجود ھيا جن مان سڀ کان وڌيڪَ مشھور ڳالھ اھا ھئي تہ اھو موجودهترڪي جي علائقياناطوليه جي وچ واري ساحلي خطي جي علائقيآيونيا سان تعلق رکندڙ انڌو قصاخوان سگھڙ ھيو. موجوده دور جي عالمن انھن ٻنھي داستانن کي افسانن ۾ شمار ڪيو آھي[2][3][4][5][6][7].
ھومر ۽ ان جو رھبر نالي سان 1874ع ۾ تيار ڪيل وليم ايڊولف بئوگرو جي پينٽنگ
قديميونان جو مشهور شاعر هومر جا لڳ ڀڳ 850 قبل مسيح ۾ زندهه هجڻ جا نشان ملن ٿا. ڪجهه اهل علم ان تاريخ کي 1200 ق م تائين ڊگهو ڪري وٺندا آهن.جرمني جي مشهور عالمفريڊريش آگسٽ وولف 1795ع ۾ هي خيال ظاهر ڪيو ته اليئڊ ۽ اوڊيسي جي مختلف حصن کي ڪيترن ئي ڳائڻ وارن شاعرن تصنيف ڪيو آهي. بعد ۾ انهن کي ايڊيٽر سهڙي ڪري ڪتابي صورت ڏني. هن جي لکيل نظمن کي جيڪي هيڏي هوڏي پکڙيل هئا، انهن کي سڀ کان پهرياناربستا ڪورس گڏ ڪيو. جيڪو ساموٿريس جو رهاڪو هو ۽اسڪندريه ڪتب خاني جو نگران هو. 150 ق م ۾ ٻه ايڊيشن شايع ڪيائون هن جي ڪلام جو سڀني مهذب ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
ڇا اوائلي رزميه شاهڪارن ايليڊ ۽ اوڊيسي جو جوڙيندڙ ڪو هڪ فرد هو يا هڪ کان وڌيڪ؟ هومري سوال (Homeric Question) سڏجندڙ انهيءَ مسئلي ڪلاسيڪي ادب جي عالمن کي صدين کان مونجھاري ۾ رکيو آهي[8]. جديد راءِ غالب طور انهي ڳالهه جي حق ۾ آهي ته يسوع مسيح کان اٺين يا نائين صدي قبل ۾ يوناني زبان ڳالهائيندڙ دنيا ۾ ڀٽن ۽ ڀانن جي گروه ۾ هومر نالي هڪ نمايان شاعر واقعي موجود هو. هو هڪ اهرو ڏات ڌڻي هو جنهن انهي آڳاٽي دور ۾ دستياب بيشمار گيتن جي مواد کي چونڊي، سوڌي سنواري هڪ سڳي ۾ پوئي ايليڊ ۽ اوڊيسي کي انهن جي موجوده شڪل ۾ پيش ڪيو[8].