قرآن پاڪ ۾ نماز ادا ڪرڻ بجاء اقامت ۽ محافظت جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جن جي معني آهي تہ نماز ادا ڪرڻ ۾ انھن ظاھري آداب جو بہ خيال رکيو وڃي جن جو تعلق نماز جي ظاھري درستيء سان آهي ۽ انھن اندروني صفتن جو بہ پورو پورو خيال ڪيو وڃي جن جو تعلق ماڻھن جي قلب ۽ روح، احساسات ۽ جذبات سان آھي. نماز جا ھيٺيان آداب آھن[2]:
نماز وقت جي پابندي سان فرض ڪئي وئي آهي. قرآن ۽ سنت مطابق فرض نماز جا پنج وقت آھن[2]:
فجر: صبح صادق يعني پرھ ڦٽڻ جي وقت کان سج اڀرڻ تائين وارو وقت
ظھر: سج لڙڻ کان شين جي پاڇي جي اصل کان ٻيڻ تائين ٿي وڃڻ جي وقت تائين. ان کي ٻيپھري جو وقت چوندا آهن.
عصر: ظھر جي ختم ٿيڻ واري وقت کان وٺي سج لھڻ کان اڳ پيلاڻ اچڻ کان پھرين تائين. پيلاڻ اچي وڃڻ سان نماز پڙهڻ مڪروه آهي. عصر ٽيپھري جو وقت ھوندو آھي
مغرب: سج لھڻ کان بعد شروع ٿيندو آهي ۽ سج جي ڳاڙھاڻ غائب ٿيڻ تائين باقي رھندو آھي
عشاء: سج جي ڳاڙھاڻ غائب ٿيندي ئي شروع ٿيندو آهي ۽ صبح صادق تائين باقي رھندو آھي. آسمان جي اڇاڻ سج لھڻ کان سوا ڪلاڪ بعد ختم ٿيندي آهي ان ڪري احتياطن عشاء نماز ڏيڍ ڪلاڪ بعد پڙھي ويندي آهي.
وتر ۽ عيد جون نمازون واجب نمازون آھن. وتر نماز عشاء جي نماز سان گڏ پڙھي ويندي آهي. البته رات جو آخري وقت ان لاءِ مستحب ھوندو آھي[2]. عيدن جون نمازون واجب آھن. جڏھن سج چڱي طرح نڪري اچي ۽ ان جي پيلاڻ ختم ٿئي ۽ روشني تيز ٿي وڃي ته عيدن جي نماز جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي. زوال تائين جاري رھي ٿو[2].
حنفي فقه مطابق نماز جا فرض چوڏھن آھن جن مان ھڪ بہ رھجي وڃن سان نماز نہ ٿيندي. انھن مان ست نماز جا شرط آھن ۽ ست نماز جا رڪن سڏبا آهن[2]. نماز جا شرط ھيٺيان آھن[2]:
نماز جي واجبن مان مراد اھي عمل آهن جن جو ادا ڪرڻ ضروري آهي پر جي ڀل ۾ رھجي وڃن تہسجدو سھو ( ڀل جو سجدو) ڪري ڇڏڻ سان نماز درست ٿي ويندي آهي پر جي ويسر جي ڪري ڪا ڳالھ رھجي وڃڻ کان پوءِ سھو جو سجدو نہ ڪيو وڃي يا ڄاڻي ٻجھي ڪا شئي ڇڏي ڏني وڃي تہ نماز جو موٽائڻ واجب ٿيندو آهي[2]. حنفي فقه ۾ نماز جي واجبن ۾ شامل آهن[2]: فرض نماز جي پھرين ٻن رڪعتن ۾ قرائت ۽ سورة فاتحه پڙهڻ ۽ ان بعد ڪا ٻي سورة پڙھڻ، ترتيب قائم ڪرڻ، قومو ڪرڻ، جلسو ڪرڻ، تعديل ارڪان، قعدہ اوله، ٻن قعدن ۾ ھڪ دفعو اتحيات پڙھڻ، امام جو فجر، مغرب، عشاءَ جي پھرين ٻن رڪعتن ۾ وڏي آواز سان قرائت پڙھڻ، سلام ورائي نماز ختم ڪرڻ، وتر جي وقت قنوت جي تڪبير چئي دعاء قنوت پڙھڻ ۽ ٻنھي عيد نمازن ۾ وڌيڪ تڪبيرون چوڻ[2].
نبيﷺ جن نماز ۾ فرضن ۽ واجبن کان سواءِ ڪجهه ڳالھين کي اختيار ڪيو ھو پر انھن جو تاڪيد ثابت ڪونھي انھن کي نماز جون سنتون چوندا آهن جن جي ادا نہ ڪرڻ سان نہ نماز ڀڄي ٿي نہ ئي سجدي سھو جي ضرورت پئي ٿي. نماز جو حنفي فقه مطابق 21 سنتون آهن.
حنفي فقه ۾ نماز ۾ پنج ڳالھيون مستحب آھن ۽ انھن جو خيال رکڻ ثواب آھي ۽ ڇڏي ڏيڻ م ڪو گناھ ڪونھي[2]. مرد کي ھٿ ٻاھر ڪڍي تڪبير تحريمه چوڻ کپي ۽ عورت کي ھٿ رئي جي اندر ڪري چوڻ گھرجي. بيھڻ وقت سجدي جي جاء تي نظر رکڻ، رڪوع وقت ٻنھي پيرن تي، قعدي م ويھڻ وقت ٻنھي گوڏن تي ۽ سلام ورائڻ وقت ڪلھن تي نظر رکڻ[2]. اڪيلي سر نماز پڙھڻ وقت رڪوع ۽ سجدي ۾ ٽي دفعا کان وڌيڪَ تسبيح پڙھڻ ۽ کنگھ کي روڪڻ ۽ اوٻاسي ۾ وات بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ کلي وڃڻ جي صورت ۾ قيام وقت سڄي ھٿ جي پٺي ۽ باقي ٻين وقتن تي کٻي ھٿ جي پٺي وات تي رکڻ شامل آهن[2].
نماز جي مفسدن مان مراد اھڙا عمل آھن جن سان نماز فاسد ٿي وڃي ٿي ۽ ان جو ٻيھر پڙھڻ ضروري آهي[2]. حنفي مذهب مطابق نماز جا پندرهن مفسد آھن جن ۾ نماز ۾ ڳالھائڻ، دعا ۽ ذڪر ڪرڻ، قرآن جي شرطن مان ڪو شرط ختم ڪرڻ، ڪوبہ نماز جو فرض رھجي وڃڻ، کائڻ پيئڻ ، قرآن جي تلاوت ۾ غلطي ڪرڻ وغيره شامل آهن[2].