سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، مور پکي خوبصورت هئڻ سان گڏ ڏاڍو حساس پکي پڻ آهي. هن پکي جي نر کي مور ۽ مادي کي ڊيل سڏيو وڃي ٿو. مور، نانگ، بلائون، جيت گاهه ۽ سنهو ان کائيندو آهي. هي پکي پنهنجي حفاظت جي معاملي ۾ به ڏاڍو حساس آهي. هي پکي انساني آبادين جي ويجهو رهڻ جي باوجود به آزاد رهڻ پسند ڪري ٿو.
مور وڌيڪ حساس هئڻ سبب پنهنجي آسپاس جي ماحول ۽ موسمن جي ڦير گهير کان به وڌيڪ باخبر رهندو آهي. موسمن جي گرمي سردي جا اثر به مٿس وڌيڪ پون ٿا. انهن موسمن جي ڦير گهير سبب هو مختلف ٻوليون به ڪندو رهندو آهي.
چوماسي جي مند ۾ گُهٽ، آڙنگ، هوا ۾ آبي بخارن ۽ ماحول ۾ پيدا ٿيل گئسن جي خاص خوسبوءِ يا مهڪ مان مور پکي کي به برسات اچڻ جي اڳواٽ اندازو ٿي وڃي ٿو. ان ڪري برسات کان اڳ ۾ ئي هن جي چرپر ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي. برسات جي مند ۾ هن ۾ جنسي هارمونن جي گردش پڻ وڌي ويندي آهي، انڪري مستي ۾ اچي مٺڙيون ٻوليون به ڪندو آهي. برسات جي موسم مور جيلڳ ڪرڻ جي موسم پڻ آهي . ان ڪري هن موسم ۾ هي مستي ۾ اچي خوشي مانرقص ۽ ناچ به ڪندو آهي. برسات جي مند ۾ مينهن جي نه وسڻ سبب ۽ خاص ڪري سيپٽمبر جي مهيني ۾ مينهن نه وسڻ جي صورت ۾، هن جي ٻولين ۾ ڀوائتو رنگ شامل ٿي ويندو آهي. مور جون مٺڙيون ٻوليون برسات ۽ سڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ ڀوائتيون ٻوليون مايوسي، محرومي ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون. ٿر جا ماڻهو مور جي ٻولين مان ئي ايندڙ موسم بابت سمجهي ويندا آهن ته ڇا ٿيڻو آهي. انهي ڪري هي مور پکي سان وڌيڪ محبت پڻ ڪن ٿا.[3]قداور، رنگين کنڀن سان پيارو ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿيندي اٿس، اُن جا کنڀ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت سهڻو ڇَترو (ڇَٽ) ڪندو آهي. اهي کنڀ سياري جي شروعات ۾ کُسي ويندا آهن ۽ بعد ۾ نوان ڄمندا آهن. نانگ بلا جو سخت دشمن، ڏسڻ سان ئي ماري ڇڏيندو آهي. برسات وقت گوڙ ٻڌي دانهون ڪندو آهي. رات جو وڻن تي ويهندو آهي. ڳوٺن ۾ ۽ ڀرسات رهندو آهي، جتي وڻن جي گهاٽن ٻُٿن ۾ هيٺ پٽ تي زمين ۾ پاکولي ٺاهي مادي آنا لاهيندي آهي. ڪي ماڻهو مور جا ننڍا ٻچا جهلي پاليندا آهن[4].