Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

مور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مور
Male (peacock) displaying
Female (peahen)
سائنسي درجا بنديe
جنس:Template:Taxonomy/Pavo{. cristatus
حياتياتي نالو
Pavo cristatus
Linnaeus,1758
Map showing native range
انڊيا جو مور
مور
مور جو آوازPavo crista

مور (انگريزي ٻولي:Peacock) هڪ خوبصورتپکي آهي جيڪو ايشيائي ۽ آفريڪي اڏرڻ وارو پکي آهي، نر جنس جي مٿي تي کنڀن جو هڪ تاج هوندو  آهي،هنن ۾ جيڪا بالغ مادي هوندي آهي اها اڪثر گري يا ڀوري رنگ جي هوندي آهي جڏهن ته انهن جا ننڍا ٻچاپيلا يا هيڊا ۽ تاواني رنگ جا هوندا آهن۔

حياتيات ۾ هن جي درجه بندي جي مطابقgenus جنسPavo ۽ خاندانen:pheasant ,Phasianidae سان تعلق رکن ٿا.انگريزي ۾ نر مور کيpeacock, مادي کيpeahen, ۽ ٻچن کيpeachicks چيو ويندو آهي.[2]

هنن جا رنگ مختلف هوندا آهن. جاگرافيائي حساب سان ڏٺو وڃي ته مختلف علائقن ۾ مختلف رنگن ۾ ملن ٿا.

هي پکي ڀارت جو قومي پکي آهي.

مور جون ٻوليون

[سنواريو]

مور پکي ڪيترين ئي قسمن جون ٻوليون ٻولي سگهي ٿو، جن ۾ ڪجهه ٻوليون وڻندڙ ۽ ڪجهه اڻوڻندڙ ۽ ڀوائتيون هونديو آهن. مور پکي جيڪڏهن رات جو مٺڙيون ۽ وڻندڙ ٻوليون ڪري ۽ ٻيا مور به گڏجي مٺڙيون ٻوليون ڪري وڻندڙ سرگم ڇيڙين، ته ٿر ۾ اهو سڪار جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو.پر جيڪڏهن مور گڏجي خوفناڪ اڻ وڻندڙ آواز ڪڍن ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.

سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، مور پکي خوبصورت هئڻ سان گڏ ڏاڍو حساس پکي پڻ آهي. هن پکي جي نر کي مور ۽ مادي کي ڊيل سڏيو وڃي ٿو. مور، نانگ، بلائون، جيت گاهه ۽ سنهو ان کائيندو آهي. هي پکي پنهنجي حفاظت جي معاملي ۾ به ڏاڍو حساس آهي. هي پکي انساني آبادين جي ويجهو رهڻ جي باوجود به آزاد رهڻ پسند ڪري ٿو.

مور وڌيڪ حساس هئڻ سبب پنهنجي آسپاس جي ماحول ۽ موسمن جي ڦير گهير کان به وڌيڪ باخبر رهندو آهي. موسمن جي گرمي سردي جا اثر به مٿس وڌيڪ پون ٿا. انهن موسمن جي ڦير گهير سبب هو مختلف ٻوليون به ڪندو رهندو آهي.

چوماسي جي مند ۾ گُهٽ، آڙنگ، هوا ۾ آبي بخارن ۽ ماحول ۾ پيدا ٿيل گئسن جي خاص خوسبوءِ يا مهڪ مان مور پکي کي به برسات اچڻ جي اڳواٽ اندازو ٿي وڃي ٿو. ان ڪري برسات کان اڳ ۾ ئي هن جي چرپر ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي. برسات جي مند ۾ هن ۾ جنسي هارمونن جي گردش پڻ وڌي ويندي آهي، انڪري مستي ۾ اچي مٺڙيون ٻوليون به ڪندو آهي. برسات جي موسم مور جيلڳ ڪرڻ جي موسم پڻ آهي . ان ڪري هن موسم ۾ هي مستي ۾ اچي خوشي مانرقص ۽ ناچ به ڪندو آهي. برسات جي مند ۾ مينهن جي نه وسڻ سبب ۽ خاص ڪري سيپٽمبر جي مهيني ۾ مينهن نه وسڻ جي صورت ۾، هن جي ٻولين ۾ ڀوائتو رنگ شامل ٿي ويندو آهي. مور جون مٺڙيون ٻوليون برسات ۽ سڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ ڀوائتيون ٻوليون مايوسي، محرومي ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهيون وڃن ٿيون. ٿر جا ماڻهو مور جي ٻولين مان ئي ايندڙ موسم بابت سمجهي ويندا آهن ته ڇا ٿيڻو آهي. انهي ڪري هي مور پکي سان وڌيڪ محبت پڻ ڪن ٿا.[3]قداور، رنگين کنڀن سان پيارو ۽ سهڻو پکي ٿيندو آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿيندي اٿس، اُن جا کنڀ ڊگها ٿيندا آهن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت سهڻو ڇَترو (ڇَٽ) ڪندو آهي. اهي کنڀ سياري جي شروعات ۾ کُسي ويندا آهن ۽ بعد ۾ نوان ڄمندا آهن. نانگ بلا جو سخت دشمن، ڏسڻ سان ئي ماري ڇڏيندو آهي. برسات وقت گوڙ ٻڌي دانهون ڪندو آهي. رات جو وڻن تي ويهندو آهي. ڳوٺن ۾ ۽ ڀرسات رهندو آهي، جتي وڻن جي گهاٽن ٻُٿن ۾ هيٺ پٽ تي زمين ۾ پاکولي ٺاهي مادي آنا لاهيندي آهي. ڪي ماڻهو مور جا ننڍا ٻچا جهلي پاليندا آهن[4].


قسم

[سنواريو]

مور ۾ به ڪافي قسم هوندا آهن، ڪجهه هيٺ ڏنل آهن:

ڪانگو مور

[سنواريو]
هڪ ڪانگو مور جو جوڙو (نر ۽ مادي)۔
نر مور جي ڳيچي

  سائو مور

[سنواريو]
هڪ خوبصورت سائو مور

هندستاني مور

[سنواريو]
هڪ سفيد هندستاني مور

تصويرون

[سنواريو]
  • مور پنهنجي پرن کي پکيڙيندي
    مور پنهنجي پرن کي پکيڙيندي
  • مور جو پر
    مور جو پر
  • سفيد "بھارتي مور"
    سفيد "بھارتي مور"
  • ڀارت، جي تامل ناڊو ۾ اڏندي مور
    ڀارت، جي تامل ناڊو ۾ اڏندي مور
  • هڪ ڀارتي مور پنهنجي پرن کي پکيڙيندي
    هڪ ڀارتي مور پنهنجي پرن کي پکيڙيندي

حوالا

[سنواريو]
  1. بقرة
  2. "Peacock (bird)",Britannica Online Encyclopedia۔ 
  3. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر,اصل کان 12 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 جولاءِ 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر|dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=مور&oldid=328950" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرا:

[8]ページ先頭

©2009-2026 Movatter.jp