لومئ (Lome؛UK/ˈloʊmeɪ/؛LOH-may)ٽوگو جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هن جي شهري آبادي8,37,437 آهي.[2] جڏهن ته2022ع جي مردم شماري جي مطابق، ان جي ميٽروپوليٽن علائقي ۾21,88,376 مستقل رهائشي هئا.[3] ملڪ جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي،گني جي نار تي واقع، ان جي سڄي اولهائين حدگھانا جي وولٽا علائقي جي اوڀر واري ڪناري سان آهي. لومي ملڪ جو انتظامي مرڪز ۽ صنعتي مرڪز پڻ آهي.هڪ تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو شهر ۾ موجود آهي اها ملڪ جي مکيه بندرگاهه پڻ آهي، جتان کان ڪافي، ڪوڪو، کوپرو ۽ پام جا ٻج برآمد ڪندو آهي.
ان جي شهري حدون گھانا جي سرحد تائين پکڙيل آهن، جيڪو شهر جي مرڪز کان ڪجهه سو ميٽر اولهه ۾ واقع آهي، گھانا جي شهر افلاؤ ۽ ڏکڻ ڪيٽو ضلعي تائين جتي شهر واقع آهي، سال 2010ع ۾ 1,60,756 ماڻهو هئا. سرحد جي آر پار ڳنڍيل علائقي جي آبادي، جن جو مرڪز لومي آهي، 2020ع تائين ان جي آبادي لڳ ڀڳ 29 لک هئي.