Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

لامذهبيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوبه مذهب نه جو نشان
Part of a series on
اٿيئزم
 

باب مذهب

دهريت (انگريزي ٻولي:Atheism): ”دهر“ جي معنيٰ ”زمانو“ يا ”دنيا“ آهي. دهريت واري نظريو رکندڙ ماديت پرست هوندا آهن ۽ ڪنهن به خدا جي وجود يا تصور کان انڪار ڪندا آهن. هي نظريوڪميونزم جي دور ۾ وڌيڪ اُڀريو. ناستڪ ماڻهو مادي کي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ ۽ مستقل مڃيندا آهن . سندن خيال موجب زمانو ازلي ۽ ابدي آهي ۽دنيا جي زندگيءَ کان پوءِ ڪا به زندگي ناهي. ۽ قدرت جي قانون جو عمل دنيا جي هر ڪم جو ذميوار آهي جنهنڪري دنيا جُڙي هئي، جنهن ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي، ناستڪ ماڻهو هر ڳالھ ۾منطق ۽ سبب ڳولهيندا آهن ، پر انهن سڀني ڳالهين جي هوندي هو هڪ مٿانهين ذات جا به قائل آهن جنهن کي هي قدرت يا فطرت سڏيندا آهن..[1] دهريت جي لغتي معني ۾ هڪ اهڙي مفهوم لاءِ استعمال ٿيندو آهي تہ جڏهن ڪوئي خدا (ديوتائن) جو انڪاري هجي ۽ زمانو (وقت) جي ازلي ۽ ابدي صفت جو قائل هجي. اهو مفهوم ئي لفظ دهريت مذهب کان انڪاري هجڻ واري مطلب ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي؛ ان کي انگريزي ۾ atheism سڏبو آهي جڏهن ته لغتي معنائن atheism جو درست سنڌي ترجمو لامذهبيت (يا فارسي عبارت ۾ ناخدائي) سڏيو ويندو آهي؛ لفظ دهریت بذات خودسيڪيولرازم ۽ materialism سان وڌيڪ ويجهو آهي. لفظ دهريت منجهان ئي ان جو شخصي استعمال يعني دهريو ، ملحد جا لفظ پڻ اَخذ ڪيا ويندا آهن. ناستڪ (دهريو، ڪافر، ناستڪ، لامذهب ملحد يا الحق)، اهو شخص جيڪو خدا ياديوتائن جي وجود ۾ عقيدو نٿو رکي يا خدا جي وجود ۾ گهٽ يقين رکندو آهي. ناستڪ جو عالمي ڏهاڙو 17 مارچ آهي، جنهنجي شروعات 2013 ۾ ٿي.

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي


ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=لامذهبيت&oldid=337187" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرو:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp