Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

سنڌي ماڻھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھي مضمونڪن بہذريعن جوحوالو نٿو رکي. مھرباني ڪريمناسب ذريعن جا حوالا وجھيھن مضمونن کي سنوارڻ ۾ مدد ڪريو. ذريعن کان بغير مواد کي سان مقابلو ڪريختم ڪري سگھجي ٿو.جيڪڏهن توهانجي خيال ۾ هن مضمون جي ڪنهن به بيان جي فوري يا تڪڙي حذف شدگي (ڊانهن) گهربل آهي تهبحث صفحي تي ڳالھ ٻولھ ڪريو۔
53,410,910:پاڪستان ·
5890،000:هندستان ·
ٻولي:سنڌي ٻولي

سنڌي ماڻھوڏکڻ ايشيا ۾ آباد ماڻھن جو  هڪ نسلي گروھ آهي جيڪو دراوڙ، آريائي ۽ سامي نسلن سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻھوپاڪستان ۽ڀارت ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا۔ پاڪستان جو سنڌ صوبو انھن جي نالي سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻهو سنڌي ٻولي کي مادري ٻولي طور  ڳالهائيندا آهن ۽ اردو يا هندي کي ٻي درجي جي ٻولي طور ڳالهائيندا آهن۔

هندستان جي ورهاڱي کانپوء مسلمان سنڌي نئين ملڪ پاڪستان ۽ هندو سنڌي هندستان هليا ويا۔ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت مسلمان آهي،۽ سريلنڪا ۾ بہ مھاڻا ملاح ھزارن سالن کان سريلنڪا ۾ واپار لائي ويندا رھيا آھن جڏھن تہ ڀارت کان پوء سريلنڪا مين سنڌي واڏي تعداد ۾ رھندا آھن. هندو مذهب جي مڃيندڙن جو به وڏو انگ آهي ۽ ڪجهه ٻين مذهبن جا پيروڪار آهن۔

سنڌي رهڻي ڪهڻي

نالو

[سنواريو]

لفظ ”سنڌ“ يا ”سنڌو” سنسڪرت ٻولي مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب ”وڏو درياھ“  آهي ۽ سنڌو درياھ جي ڪپن کي پهريون دفعو آباد ڪندڙن کي سنڌين جو نالو ڏنو ويو۔

ٻولي

[سنواريو]

سنڌين جي مادري ٻولي سنڌي آھي، جيڪا ھڪ قديم ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي۔ سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي۔ انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي۔

قومون

[سنواريو]

سنڌي ماڻھن جي اڪثريت سماٽ ۽ ٻروچ قومن سان تعلق رکي ٿي۔ ان کان علاوہ عرب ۽ درواڙ نسل سان تعلق رکندڙ سنڌي به چڱي تعداد ۾ موجود آھن۔ پٺاڻ، پنجابي ۽ ڪجهه ٻين قومن سان تعلق رکندڙ سنڌين جي ھڪ قليل تعداد موجود آھي۔ انھن سڀني جي مادري ٻولي سنڌي آھي۔

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=سنڌي_ماڻھو&oldid=335896" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرو:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp