سرائيڪيياسرائڪي ٻولي:Saraiki(سرائیکیSarā'īkī, also speltSiraiki, or less oftenSeraiki) ھڪانڊو آرين ٻولي آهي جيڪاپاڪستان جيڏکڻ پنجاب ۾ ڪثرت سان ڳالھائي ويندي آھي. .ھن ٻولي جي ڳالھائيندڙن ۽اسٽينڊرڊ پنجابي ٻولي جي ڳالھائيندڙن لاء ٻئي ٻوليون باھمي طور تي ھڪٻئي لاء سمجھ ۾ ايندڙ ٻوليون آھن.[3] سرائيڪيپاڪستان جي ٻہ ڪروڙ ماڻهن جي مادري زبان آهي[1][lower-alpha 1]
سرائڪي ٻولي (Siraaiki bboli) معنا سنڌ توڙي سنڌو نديءَ جي سري يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي، سنڌ جو سرو يا اتر وارو ڀاڱو.سنڌ ۾جت گهڻو ڪري سرائيڪي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري اهاجتڪي به سڏجي ٿي.[4]
’لهندو‘لفظ اصل ۾ آهي’اُلهندو‘۽ خاص طرح معنيٰ اٿس ’پنجاب جو الهندو طرف‘، ۽ اتي جي ٻولي ’لهندا‘ يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي سڏجي ٿي. اها ملتان ڏي ملتاني، بهاولپور ڏي بهاولپوري، ۽ سنڌ ۾ سرائڪي سڏجي ٿي.
سرائڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي’اُڀي جي ٻولي‘ (Ubhay jee bboli). پنجاب جو ڏاکڻون ڀاڱو، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ جي اتر واري ڀاڱي (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف) تائين.’اُڀو‘ سڏجي ٿو.’اُڀو‘ معنيٰ مٿيون پاسو(درياءَ جي وهڪ جو). ان جو ضد آهي ’لمو‘ معنيٰ ڏاکڻو يا هيٺاهون ڀاڱو. اُڀي جي ٻولي اُٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا آهن.[5] اها اُڀي جي ٻولي سرائڪيءَ کانٿوري ڦريل آهي.ڪراچي ۽حيدرآباد ۾ ڀاڳناري ۽جيڪب آباد ۽شڪارپور طرف جا ڀاڳي، ناريوال، ڇاٽي، روپاهي ۽ ٻيا ڪيترا هندو، جي اصل قلات طرفان آيا آهن، سي اڄ تائين زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، سرائڪي ۽سنڌي ٻيئي ٻوليون ڳالهائيندا آهن. اهڙيءَ طرحسنڌ ۾ جملي هڪ لک کن ماڻهو سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي ڳالهائين ٿا.[6]
سرائڪيءَ ۽ اُڀي جي ٻوليءَ جو جگري ناتو پنجاب جي ’لهندا‘ ٻوليءَ سان آهي، اهي سڀ داردڪ بنياد جون آهن ۽ پئشاچ لوڪن جي پئشاچي پراڪرت مان پيدا ٿيل آهن، تنهن ڪري اسان جيسنڌي ٻوليءَ سان جگري ناتو ڪو نه اٿن. پر ’لهندا‘ ۽ ’سنڌي‘ ٻئي هندستان جي بنهه اتر اولهه طرف چالو آهن.[7]