ڀاڄيون (Vegetables)ٻوٽن جا اهي کائڻ لائق حصا آهن، جيڪي انسان يا ٻيا جانورکاڌي طور استعمال ڪن ٿا. هن لفظ جو اصل مطلب اڄ به عام استعمال ۾ موجود آهي، ۽ گڏيل طور ٻوٽن لاءِ استعمال ٿيندو آهي ته جيئن هر قسم جي کائڻ لائق ٻوٽن واري شين کي ظاهر ڪري سگهجي، جن ۾گلن،ميون،ڏانڊا/ٺاٺ،پن،پاڙون ۽ٻج شامل آهن. هڪ ٻي تعريف ڪجهه حد تائين من ماني طريقي سان اڪثر کاڌي پچائڻ واري شوق ۽ ثقافتي روايت جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي؛ ان ۾ مزيدار ميوا جهڙوڪ ٽماٽا ۽ کيرا، گل جهڙوڪبروڪلي، ۽ ٻج جهڙوڪ دالن کي شامل ڪيو ويندو آهي؛ پر ڪجهه ٻوٽن مان نڪتل اهي شيون خارج ڪيون وينديون آهن جيڪي ميوا، گل، نٽس يا گورا يا اناج جا داڻا شامل آھن.
شروعاتي دور ۾ ڀاڄيون جهنگ مانشڪار-۽-جمع ڪندڙن (hunter-gatherer) گڏ ڪيون، ۽ دنيا جي مختلف علائقن ۾ پوکيءَ ۾ داخل ٿيون, گهڻو امڪان آهي ته هي عمل 10,000ق م کان 7,000ق م واري دور ۾ ٿيو، جڏهن نئينزرعي زندگيءَ جو طريقو وڌيو. شروع ۾ مقامي طور وڌندڙ ٻوٽن کي پوکيو ويو، پر وقت سان واپار ذريعي ٻاهرين علائقن مان عام ۽ ناياب فصل به آيا ۽ گهريلو قسمن ۾ شامل ٿيندا ويا. اڄڪلهه موسم جي اجازت مطابق گهڻيون ڀاڄيون سڄي دنيا ۾ پوکيون وڃن ٿيون، ۽ گهٽ موزون علائقن ۾ به محفوظ ماحول ۾ فصل پوکيا وڃن ٿا.چين ڀاڄين جو سڀ کان وڏو پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، ۽ زرعي شين جي عالمي واپار سبب صارف پري پري ملڪن ۾ پوکيل ڀاڄيون به خريد ڪري سگهن ٿا. پيداوار جو پيمانوگھر-خرچ زراعت (agriculture Subsistence) ڪندڙ هارين کان، جيڪي رڳو پنهنجي خاندان لاءِ کاڌو پيدا ڪن ٿا، وڏنزرعي ڪاروبارن تائين ڦهليل آهي، جتي هڪ ئي پيداوار جا وسيع ايراضيءَ وارا فصل پوکيا وڃن ٿا. ڀاڄي جي قسم موجب، فصل لڻڻ کان پوءِ درجابندي، ذخيرو، پروسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ جا مرحلا ٿين ٿا.
ڀاڄيون ڪچيون به کائي سگهجن ٿيون ۽ پڪايون به؛ ۽ انساني غذائيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، عام طور تي چرٻي ۽ ڪاربوهائيڊريٽ ۾ گهٽ، پر وٽامنن، معدنيات ۽غذائي فائبر ۾ وڌيڪ. ڪيترائي غذائي ماهر ماڻهن کي ڀاڄيون ۽ ميوا وڌيڪ کائڻ جي صلاح ڏين ٿا؛ اڪثر روزانو پنج يا وڌيڪ حصا کائڻ جي سفارش ڪئي ويندي آهي.
انگريزي لفظ ويجٽبل (vegetable) انگريزي ۾ پهريون ڀيرو 15هين صدي جي شروعات ۾ لکيل صورت ۾ ملي ٿو. هيقديم فرينچ مان آيو آهي،[1] ۽ شروعات ۾ سڀني ٻوٽن لاءِ استعمال ٿيندو هو؛ حياتيات جي تناظر ۾ اڄ به هن معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو.[2] هيوچئين دور جي لاطيني جي لفظvegetabilis مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب "وڌندڙ، ڦلندڙ" (يعني ٻوٽي بابت) هو؛ ۽ هي هڪ معنوي تبديلي هئي، جيڪا پوئين لاطيني ۾ "جيئارڻ، سُجاڳ ڪرڻ" واري معنيٰ مان ٿي.[1]
"ويجٽبل" جي معنيٰ "کاڌي لاءِ پوکيل ٻوٽو" طور 18هين صديءَ تائين قائم نه ٿي هئي.[3] 1767 ۾ هن لفظ کي خاص طور "کاڌي لاءِ پوکيل ٻوٽو، کائڻ لائق جڙ/پاڙ" جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. 1955 ۾ پهريون ڀيرو هن جو مختصر ۽ عام ٻوليءَ وارو روپ "veggie" استعمال ٿيو.[4]
صفت طورvegetable سائنسي ۽ فني متنن ۾ هڪ ٻي، وڌيڪ وسيع معنيٰ سان به استعمال ٿيندو آهي: عام طور "ٻوٽن سان لاڳاپيل"—کاڌي لائق هجي يا نه، جهڙوڪvegetable matter،vegetable kingdom،vegetable origin وغيره.[2]
"ڀاڄي" يا ويجٽبل جي ٺيڪ تعريف ان ڪري به بدلجي سگهي ٿي جو دنيا ۾ کاڌي طور ٻوٽي جا ڪيترائي حصا استعمال ٿين ٿا، پاڙون، ڏانڊا، پن، گل،ميوا ۽ ٻج. سڀ کان وسيع تعريف اها آهي جيڪا هن لفظ کي صفت طور "ٻوٽي جي اصل" واري معنيٰ ۾ استعمال ڪري. وڌيڪ مخصوص طور، ڀاڄي کي "اهڙو ٻوٽو جنهن جو ڪو حصو کاڌي لاءِ استعمال ٿئي" چئي به بيان ڪيو ويو آهي،[5] ۽ ٻي ثانوي معنيٰ "اهڙي ٻوٽي جو کائڻ لائق حصو" پڻ آهي.[5] هڪ وڌيڪ درست تعريف اها به ڏني وئي آهي ته: "کاڌي طور استعمال ٿيندڙ هر اهو ٻوٽياتي حصو جيڪو ميوا يا ٻج نه هجي، پر اهي پڪا ميوا شامل آهن جيڪي مکيه کاڌي جو حصو بڻجي کائبا آهن."[6][7] هنن تعريفن کان ٻاهر کائڻ لائق فنگس (جهڙوڪمُشروم) ۽کائڻ لائق سامونڊي ٻوٽا ايندا آهن؛ جيتوڻيڪ اهيٻوٽن جا حصا ناهن، پر گهڻو ڪري ڀاڄين وانگر ورتا ويندا آهن.[8]
ڪجهه اهڙا ميوا، جن کي کاڌي ۾ اڪثر ڀاڄيون سمجهيو ويندو آهي، جن ۾مڪئي,ٽماٽو ۽ مختلفاسڪواش ميوا شامل آهن
روزمره ٻوليءَ ۾، مٿي ذڪر ڪيل "ڀاڄي" واري تعريف مطابق "ميوا" ۽ "ڀاڄيون" هڪ ٻئي کان الڳ سمجهيا وڃن ٿا. "ميون" کيعلم نباتات ۾ درست معنيٰ حاصل آهي: اهو حصو جيڪوبيضه/اووري مانگلن واري ٻوٽي ۾ بڻجي ٿو. هي ڳالهه کاڌي واري معنيٰ کان ڪافي مختلف آهي. جيئنآڙو،آلوبخارا ۽نارنگي (ميوو) ٻنهي معنائن ۾ "ميوا" آهن، پر ڪيترين شين کي عام طور "ڀاڄي" چيو ويندو آهي، جهڙوڪواڱڻ،شملو مرچ ۽ٽماٽو، اهي نباتات مطابق ميوا آهن.ٽماٽو ميوا يا ڀاڄي؟ وارو سوال 1893 ۾آمريڪا جي سپريم ڪورٽ تائين به پهتو. عدالتنڪس vs ھيڊن, 1893ع (Nix v. Hedden) واري ڪيس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ته درآمد ٿيل پيداوار تي 1883ع واري ٽيرف تحت ٽيڪس لاءِ ٽماٽو کي "ڀاڄي" طور سڃاتو وڃي؛ جڏهن ته عدالت اهو به مڃيو تهعلم نباتات جي لحاظ کان ٽماٽو ميوو آهي.[9]
USDA جي امريڪين لاء غذائي ھدايتن موجب روزانو ميوا ۽ ڀاڄيون پنج کان نَو ويلن تائين کائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.[29] ڪُل مقدار عمر ۽ جنس مطابق بدلجي سگهي ٿو، ۽ عام طور کائيندڙ معياري حصن ۽ غذائي مواد جي بنياد تي طئي ٿيندو آهي. آلو هن ڳڻپ ۾ شامل ناهن، ڇاڪاڻ تہ اهي بنيادي طور نشاستي جا فراهم ڪندڙ آهن. گهڻين ڀاڄين ۽ ڀاڄي جي جوس لاءِ هڪ ويلو اڌ ڪپ آهي—ڪچي يا پڪي ٻنهي صورتن ۾. پنن واري ساڳي ڀاڄي لاءِ (جهڙوڪسلاد پتو ۽پالڪ) هڪ ويلي لاء اڪثر هڪ پورو ڪپ هوندو آهي.[30] مختلف قسمن جون شيون چونڊڻ گهرجن، ڇو ته ڪو به هڪڙو ميوا يا ڀاڄي صحت لاءِ گهربل سڀ غذائي جزا نٿو ڏئي.[21]
بين الاقوامي غذائي رهنمائي به USDA جهڙي آهي.جاپان مثال طور روزانو ڀاڄيون پنج کان ڇهه ويلائ کائڻ جي صلاح ڏئي ٿو.[31] فرانسيسي سفارشون به ملندڙ جلندڙ آهن ۽ روزانو پنج ويلا هدف رکن ٿيون.[32] ڀارت ۾ بالغن لاءِ روزانو275 گرام (9.7oz) ڀاڄيون کائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.[18]
ڀاڄيون قديم ترين زماني کان انساني خوراڪ جو حصو رهيون آهن. ڪجهه بنيادي خوراڪ آهن، پر گهڻيون معاون خوراڪ آهن—جيڪي کاڌن ۾ پنهنجي مخصوص ذائقي سان تنوع پيدا ڪن ٿيون ۽ ساڳئي وقت صحت لاءِ گهربل غذائيت وڌائين ٿيون. ڪجهه ڀاڄيون باراني/هميشه رهندڙ هونديون آهن، پر گهڻيون سالياني ۽ ٻه سالياني هونديون آهن، ۽ عام طور ٻج پوکڻ يا ٻوٽو لڳائڻ کان هڪ سال اندر لڻي وينديون آهن. پوک لاءِ جيڪو به نظام هجي، پوک جو ڍانچو گهڻو ڪري ساڳيو هوندو آهي: مٽيءَ کي ڀِڃي نرم ڪرڻ، گاهه-گندي هٽائڻ يا دفن ڪرڻ، ۽ نامياتي ڀاڻ يا ڪيميائي ڀاڻ شامل ڪرڻ؛ ٻج پوکڻ يا ننڍا ٻوٽا لڳائڻ؛ فصل جي واڌ دوران جڙي ٻوٽين سان مقابلي کي گهٽائڻ، نقصان ڏيندڙن تي ڪنٽرول ۽ مناسب پاڻي مهيا ڪرڻ؛ فصل پچڻ تي لڻڻ؛ پوءِ چونڊ/درجابندي، ذخيرو ۽ مارڪيٽنگ يا سڌو استعمال.[33]
مختلف مٽيءَ جا قسم مختلف فصلن لاءِ مناسب هوندا آهن، پر عام طور معتدل موسمن ۾ وارياسي مٽي جلدي سڪي ٿي پر بهار ۾ جلدي گرم به ٿيندي آهي، تنهن ڪري ابتدائي فصلن لاءِ سٺي آهي؛ جڏهن ته ڳري چڪني مٽي نمي بهتر رکي ٿي ۽ دير سان موسم واري فصلن لاءِ مناسب آهي. پوک جو موسمفليس،ڪلوش (Cloche)،پلاسٽڪ ملچ (mulch)، [پولي ٽنل]] (polytunnel) ۽گرين هائوس جي استعمال سان وڌائي سگهجي ٿو.[33] گرم علائقن ۾ ڀاڄين جي پيداوار موسم، خاص طور برسات جي نموني، سبب محدود ٿي سگهي ٿي؛ جڏهن ته معتدل علائقن ۾ اها گرمي پد ۽ ڏينهن جي ڊيگهه سبب محدود ٿئي ٿي.[34]
آمريڪا جي ڪولوراڊو ۾ گوبي جي قطارن ۾ جڙي ٻوٽيون هٽائڻ
گهر جي سطح تي، ڪوڏر، ڪهاڙي/ڏال، ۽ هَـو (hoe) پسنديده اوزار آهن؛ جڏهن ته تجارتي فارمن تي مختلف مشيني سامان موجود آهي. ٽريڪٽرن کان علاوه،هر،هئرو (اوزار)(Harrow)،ڊرل،ٽرانسپلانٽر،ڪلٽيويٽر،آبپاشي جو سامان ۽هاروسيٽر شامل آهن. نيون ٽيڪنيڪون به پوک جي طريقن کي بدلائي رهيون آهن، ڪمپيوٽر مانيٽرنگ سسٽم،جي پي ايس لوڪيٽرز، ۽ ڊرائيور بغير خودهلندڙ پروگرام (self-steer) اقتصادي فائدا ڏين ٿا.[34]
ڀاڄين کي محفوظ ڪرڻ جو مقصد انهن جي دستيابي کي استعمال يا مارڪيٽنگ لاءِ وڌائڻ آهي. مقصد اهو آهي ته خوراڪ کي ذائقي ۽ غذائيت جي بهترين حالت تي لڻي، ۽ انهن خوبين کي ڊگهي عرصي تائين برقرار رکجي. لڻائي کان پوءِ ڀاڄين جي خراب ٿيڻ جا مکيه سبب قدرتياينزائم جا عمل ۽خرد حيات سبب خراب ٿيڻ آهن.[40]ڪيننگ ۽فريزنگ سڀ کان عام طريقا آهن؛ ۽ انهن طريقي سان محفوظ ڪيل ڀاڄيون غذائي لحاظ کان گهڻو ڪري تازي پيداوار جهڙيون ئي هونديون آهن، خاص طوروٽامن اي،معدنيات ۽غذائي فائبر جي لحاظ کان.[41]
بينز جو کيت ۽ ڪيننگ ڪارخانو، نيو جرسي، آمريڪا
ڪيننگ هڪ عمل آهي جنهن ۾ ڀاڄين جا اينزائمز غير اثرائتا ڪيا ويندا آهن ۽ موجود خرد حيات (جراثيمن) کي گرميءَ سان ماريو ويندو آهي. سيل ٿيل ڪين هوا کي اندر اچڻ کان روڪي ٿو، جنهن سان بعد ۾ خرابي گھٽ ٿئي ٿي. ضروري حد تائين گهٽ گرمي ۽ گهٽ ۾ گهٽ پروسيسنگ وقت رکيو ويندو آهي ته جيئن پيداوار جي ميڪانيڪي ٽٽڻ کان بچي ۽ ذائقو ممڪن حد تائين برقرار رهي. پوءِ ڪين کي عام گرمي پد تي ڊگهي عرصي تائين رکڻ ممڪن ٿئي ٿو.[40]
فريزنگ ذريعي ڀاڄيون−10°C (14°F) کان هيٺ رکڻ سان مختصر عرصي لاءِ خراب ٿيڻ روڪي سگهجي ٿو، جڏهن ته ڊگهي مدي لاءِ−18°C (0°F) جي ضرورت هوندي آهي. اهڙن گرمي پدن تي اينزائيمي عمل مڪمل بند نه ٿيندو، صرف گهٽجي ويندو؛ ۽ فريز ڪرڻ کان اڳ مناسب ماپ ۾ تيار ڪيل ڀاڄين کيبلانچ ڪرڻ سان off-flavors گهٽ ٿين ٿا. اهڙن گرمي پدن تي سڀ خرد حيات ختم نه ٿيندا، تنهن ڪري پگھرڻ کان پوءِ ڀاڄيون جلد استعمال ڪرڻ گهرجن؛ نه ته موجود خرد حيات ٻيهر وڌي سگهن ٿا.[42]
يونان ۾ ٽماٽن کي سج ۾ سڪائڻ
روايتي طورسج ۾ سڪائڻ ڪجهه پيداوار (جهڙوڪ ٽماٽا، مشروم ۽ بينز) لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي؛ پيداوار کي ريڪن تي وڇايو ويندو آهي ۽ وقفي وقفي سان اُلٽو ڪيو ويندو آهي. هن طريقي ۾ ڪيترائي نقصان آهن، سڪائڻ جي رفتار تي ڪنٽرول نه هجڻ، سست سڪائڻ سبب خراب ٿيڻ، مٽي سان آلودگي، مينهن سبب ڀِڄڻ، ۽ ڪوئن، پکين ۽ ڪيڙن جو حملو. انهن مسئلن کيشمسي توانائي واري ڊرائير سان گهٽائي سگهجي ٿو.[36] سڪي ويل پيداوار کي ذخيرو دوران ٻيهر نمي جذب ڪرڻ کان بچائڻ ضروري آهي.[40]
گهڻي مقدار ۾کنڊ ۽لوڻ خوراڪ کي محفوظ ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي خرد حيات جي واڌ روڪين ٿا. سائي مٽرن کي لوڻ سان تهه در تهه رکڻ سان محفوظ ڪري سگهجي ٿو، پر هي طريقو گهڻين ڀاڄين لاءِ مناسب ناھن. لوڪي ، گجر ، چقندر ۽ ڪجهه ٻين ڀاڄين کي کنڊ سان اُبالِي جام جهڙو بڻائي سگهجي ٿو.[40]سرڪو خوراڪ محفوظ ڪرڻ ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو آهي؛ايسيٽڪ ايسڊ جي مناسب مقدار تباهه ڪندڙ خرد حيات جي واڌ روڪي ٿي، جنهن کياچار،چٽڻي وغيره تيار ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.[40]فرمينٽيشن به ڀاڄيون بعد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ محفوظ ڪرڻ جو طريقو آهي.ساور ڪرائوٽ ڪٽيل گوبي مان ٺهندو آهي ۽ليڪٽڪ تيزاب بيڪٽيريا تي ڀاڙيندو آهي، جيڪي اهڙا مرڪب پيدا ڪن ٿا جيڪي ٻين خرد حيات جي واڌ کي روڪين ٿا.[6]
↑Büchner,Frederike L.;Bueno-de-Mesquita,H. Bas;Ros,Martine M.;Overvad,Kim;Dahm,Christina C.;Hansen,Louise;Tjønneland,Anne;Clavel-Chapelon,Françoiseet al.(2010-09-01)."Variety in fruit and vegetable consumption and the risk of lung cancer in the European prospective investigation into cancer and nutrition".Cancer Epidemiology, Biomarkers & Prevention19(9): 2278–86.doi:10.1158/1055-9965.EPI-10-0489.ISSN1538-7755.PMID20807832.
12"Vegetables and Fruits", Harvard School of Public Health, 18 سيپٽمبر 2012, حاصل ڪيل 14 سيپٽمبر 2015۔
↑Finotti,Enrico;Bertone,Aldo;Vivanti,Vittorio(2006)."Balance between nutrients and anti-nutrients in nine Italian potato cultivars".Food Chemistry99(4): 698.doi:10.1016/j.foodchem.2005.08.046.
12345Home preservation of Fruit and Vegetables. Ministry of Agriculture, Fisheries and Food. 1968. pp.1–6.
↑Rickman, Joy C.;Bruhn, Christine M.;Barrett, Diane M.(2007)."Nutritional comparison of fresh, frozen, and canned fruits and vegetables II. Vitamin A and carotenoids, vitamin E, minerals and fiber".Journal of the Science of Food and Agriculture87(7): 1185–96.doi:10.1002/jsfa.2824.Bibcode:2007JSFA...87.1185R.
انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار اسٽينڊرڊائيزيشن (ISO) بين الاقوامي معيار مقرر ڪري ٿي ته جيئن شيون ۽ خدمتون محفوظ، قابل اعتماد ۽ سٺي معيار جون هجن. ميون ۽ ڀاڄين بابت ڪيترائي ISO معيار موجود آهن.[1] ISO 1991-1:1982 ۾ ڀاڄين طور استعمال ٿيندڙ ٻوٽن جي 61 جنسن جا ٻوٽاياتي نالا، ۽ انهن جا عام نالا انگريزي، فرينچ ۽ روسي ۾ ڏنل آهن.[2] ISO 67.080.20 ڀاڄين ۽ انهن مان ٺهندڙ شين جي ذخيرو ۽ آمدرفت کي ڍڪيندو آهي.[3]