Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

راند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باسڪيٽ بال راند

راند (Sport) جسماني سرگرميءَ کي چئبو آھي جيڪا اڪثر مقابلي واري ۽ منظم روپ ۾ ھوندي آهي. رانديون جسماني صلاحيت ۽ مھارتن کي استعمال ڪن ٿيون، برقرار رکن ٿيون، يا بهتر ڪن ٿيون. اهي شرڪت ڪندڙن کي لطف اندوز پڻ ڪن ٿيون ۽ ڪجهہ حالتن ۾، تماشائين کي پڻ تفريح فراهم ڪن ٿيون. مختلف شرڪت ڪندڙن جي تعداد سان، ڪيتريون ئي رانديون موجود آهن، ڪجهہ انفرادي هونديون آهن، جڏهن تہ ٻيون هڪ کان وڌيڪ رانديگرن پاران ڪيون وينديون آهن. گهڻيون رانديون يا تہ ٽيمن جي وچ ۾ مقابلي طور يا انفرادي رانديگر جي وچ ۾ مقابلي طور ٿينديون آهن. ڪجهہ رانديون "نتيجي جي بغير" (Tie) جي اجازت ڏين ٿيون، جنهن ۾ ڪو بہ هڪ فاتح نہ هوندو آهي. ٻين ۾ هڪ جي فتح طور يقيني بڻائڻ لاءِ ٽائي بريڪنگ طريقا مهيا ڪيا ويندا آهن. هڪ رانديگر يا ٽيم کي چيمپيئن طور سڃاڻڻ لاء، ڪيترائي مقابلا، ٽورنامينٽ جي شڪل ۾ ترتيب ڏنا ويندا آهن. راند جي ڪيتريون ئي ليگون باقاعده راندين جي سيزن ۾، ڪجهہ صورتن ۾ پلي آف ذريعي، راندين کي ترتيب ڏئي ساليانا چيمپيئن ٺاهينديون آهن. مشھور راندين ۾فٽبال،ڪرڪيٽ،ھاڪي،بيڊمنٽن،والي بال،ٽينس لک وغيرہ شامل آھن.

حوالا

[سنواريو]
    "https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=راند&oldid=350621" تان ورتل
    زمرا:

    [8]ページ先頭

    ©2009-2026 Movatter.jp