رام پنهنجي گهرواري سيتا سان گڏ آڳاٽي هندُڪي زماني ۾اُتر هندستان ۾ اڪيچار سورما ۽ جنگي جوڌا ٿي گذريا آهن. ساري ديس ۾ سڀني کان ٻلوان ۽ سورمو راڄ ڪنور رام ٿي گذريو آهي جو دسرٿ، ايوڌيا (جو هاڻي اُتر هندستان ۾ اوڌ جي نالي سان ڪوٺبو آهي) جي راجا جو پٽ هو[ 7] .اُنهيءَ سمي ۾ سڀني کان وڌيڪ سوڀيان واري ڪنيا هئيسيتا جا هڪ ٻئي کتري راجا جي ڌيءَ هئي. پڻس کي هڪ وڏو ڳرو ڌنش (ڪمان) هو، ۽ چيائين ته جيڪو اِهو ڌنش موڙيندو تنهن کي سيتا جي ٻانهن ڏيندس. راجائن هڪ ٻئي پٺيان اُنهيءَ ڀاري ڌنش موڙڻ لاءِ جتن ڪيو، پر ڪو سوڀارو ڪونه ٿيو. پر جڏهين رام آيو تڏهين هو سهنجائي سان هن کي موڙي ويو ۽ ويس موڙيندو تان جو ٺڪاءُ ڏيئي ٻه ٽڪر ٿي پيو. چوڌاري واه واه پئجي ويئي ۽ پوءِ وڏي ڌوم ڌام سان رام ۽ سيتا جو ويانهن ٿيو.[ 7] .3- رام کي پڻس ٻين سڀني پٽن کان گهڻو ڀائيندو هو. جنهن صورت ۾ راجا جو وڏو پٽ هو تنهن صورت ۾ تخت جو وارث پاڻ ئي هو. پر رام کي هڪ ڪٺور دل ماٽيجي ماءُ هئي، جنهن جي مرضي هئي ته منهنجي پٽ کي گادي ملي. ٻڍي راجا کي پرڀائي ريجهائي چيائينس ته رام ۽ ڀاڻس لڪشمن کي ديس نيڪالي ڏيئي ڏکڻ هندستان ڏي بن ۾ موڪل ۽ منهنجي پٽ کي يوُراج مقرر ڪر. رام پنهنجا پيُ جي آگيا انوسار لڪشمن ۽ سيتا سان گڏجي ٻيڙيءَ ۾ ندي لتاڙي دکن جي ٽاڪرو ملڪ ڏي روانو ٿيو. 4- اِتي وڃي رام ڪيترا سال بن ۾ رهيو. ٻيلن ۾ ڪاري رنگ جون ڪي قومون رهنديون هيون جن کي آريه ڪوٺيندا ئي هوا باندرا. اِنهن سان رام دوستيءَ جو رستو رکيو. هڪڙي ڏينهن رام ويو شڪار تي ته سندس پر پٺ راوڻ نالي هڪ پاپي راجا سيتا کي کڻي ويو لنڪا جي ٻيٽ ۾، جن کي هاڻي سيلون ملڪ ڪري ٿا چون.[ 7] .رام سندس پٺيان پيو ۽ سُگر پوُ ٻيلن وارين ڪارين قومن جي حاڪم، پنهنجا سينا پتيءَ (سپه سالار) هنوُمان (جنهن کي هاڻي هندو باندرن جو ديوتا ڪري پوڄين ٿا) سان وڏو ڪٽڪ کيس واهر ڪرڻ ڪاڻ ڏياري موڪليو. راوڻ کي ماري سيتا کي سک سان موٽي وٺي آيا.5- نيٺ رام، سيتا ۽ لڪشمن سان گڏجي پنهنجي راڄ گديءَ ڏانهن موٽيا. پڻس ته مري ويو هو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جنهن گاديءَ تي وهڻ کان اِنڪار ڪيو هو ۽ ڀاءُ ڪاتر ساري راجائي امانت رکيو ويٺو هو تنهن رام جي موٽڻ شرط کيس ايوڌيا جي راجائيءَ جون واڳون سونپيون. رام اُتي ڪيترا سال ڏاڍي آنند ۾ راڄ ڪيو. اڄ ڏينهن سوڌو هندو کيس ديوتا ڪري پوڄيندا آهن. سندس جيون چرتر (حياتيءَ جو احوال) ڪَوِتا (شعر) جي نموني ۾ هندن جي هڪ وڏو پوتر پستڪ رامايڻ ۾ ڏنو ويو آهي.[ 7] .
رام ويدن واريسنسڪرت جو لفظ آهي جنھن جو ذڪرارٿ ويد ۾ ملي ٿو. مونئر وليمس مطابق ان لفظ جي معني آهي: ڪارو ، اونداهي رنگ وارو يا اوندھ وارو. اھو لفظ راتڙي مان نڪتل آهي جنھن جي معنيٰرات آهي. ٻين ويدن ۾ ساڳي لفظ جي مطلب سھڻو، پرڪشش ۽ پيارو ڏيکاريل آهي.[ 8] [ 9] ھي لفظ مختلف ھندي ٻولين م نالن جي آخر ۾ پڻ استعمال ٿيندو آهي جن م ان جي معني سھڻو يا وڻندڙ ھوندي آھي[ 10] . ھن لفظ جو استعمال نالن جي اڳيان پڻ ٿيندو آهي. ھن اوتار جو نالو رام چندر پڻ آهي جنھن جي معنيٰ آهيچنڊ وانگر سھڻو.[ 9] ), ھن جا ٻيا نالا، دسرٿي: دسرٿ جو پٽ، رگھوا: سورجونسي خاندان جي رگھو جي اولاد، آھن.[ 8] [ 11] جاوائي ٻولي ۾ ھن جو نالو رام وجي تامل ۾ رامار،تيلگو ۾ رامودو، ملائي ۾ ميگت سري راما آھي.[ 12] وشنو سھاسر نامو مطابق رام وشنو جو 394 ئون نالو آهي.
اجمير واري جين مندر ۾ رام جي سون جي ٺھيل بناوٽ خيال آهي تہ رام قمري ڪيلينڊر جي نائين مھيني ۾ پيدا ٿيو ان ڏينهن کيبھار جي مند ۾رام نوامي جي نالي سان ملھايو ويندو آهي ۽ اھوھندو ڪيلينڊر ۾ چئن نو راتڙين مان ھڪ آھي جنھن کي وسنٿا نوراتڙي چون ٿا.[ 13]
↑ James G. Lochtefeld 2002 555.↑ "Rama" .Random House Webster's Unabridged Dictionary .1 2 3 آرڪائيو ڪاپي ,اصل کان 04 اپريل 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 04 اپريل 2022 ۔ اڻڄاتل پيراميٽر| dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد ) ↑ King, Anna S. (2005).The intimate other: love divine in Indic religions . Orient Blackswan. pp. 32–33.ISBN 978-81-250-2801-7 .https://books.google.com/?id=0FvH1aCXETwC . ↑ Matchett, Freda (2001).Krishna, Lord or Avatara?: the relationship between Krishna and Vishnu . 9780700712816. pp. 3–4.ISBN 978-0-7007-1281-6 .https://books.google.com/?id=1oqTYiPeAxMC . ↑ James G. Lochtefeld (2002).The Illustrated Encyclopedia of Hinduism: N-Z . The Rosen Publishing Group. pp. 72–73.ISBN 978-0-8239-3180-4 .https://books.google.com/books?id=g6FsB3psOTIC . 1 2 3 4 ڪتاب جو نالو ؛ هندستان جي تواريخ ترجمو؛ ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻيڇاپو: پهريون سال 1927ع ڇپائيندڙ؛ برٽش انڊيا پريس بمبئي ڪاپي رائيٽ؛ مئڪملن ۽ ڪمپني لميٽيڊبمبئي، ڪلڪتو، مدراس ۽ لنڊن 1 2 Monier Monier Williams,राम , Sanskrit English Dictionary with Etymology, Oxford University Press, page 877 1 2 Asko Parpola (1998).Studia Orientalia, Volume 84 . Finnish Oriental Society. p. 264.ISBN 978-951-9380-38-4 .https://books.google.com/books?id=jkBZAAAAMAAJ . ↑ Thomas William Rhys Davids; William Stede (1921).Pali-English Dictionary . Motilal Banarsidass. p. 521.ISBN 978-81-208-1144-7 .https://books.google.com/books?id=0Guw2CnxiucC&pg=PA521 . ↑ Henk W. Wagenaar; S. S. Parikh (1993).Allied Chambers transliterated Hindi-Hindi-English dictionary . Allied Publishers. p. 528.ISBN 978-81-86062-10-4 .https://books.google.com/books?id=_kWROaer5UsC&pg=PA528 . ↑ Rajarajan, R.K.K. (2001) (en ۾).Sītāpaharaṇam: Changing thematic Idioms in Sanskrit and Tamil. In Dirk W. Lonne ed. Tofha-e-Dil: Festschrift Helmut Nespital, Reinbeck, 2 vols., pp. 783-97 . pp. 783–797.ISBN 3885870339 .https://www.researchgate.net/publication/263747582_Sitapaharanam_Changing_thematic_Idioms_in_Sanskrit_and_Tamil . ↑ Robin Rinehart (2004).Contemporary Hinduism: Ritual, Culture, and Practice . ABC-CLIO. pp. 139, 388.ISBN 978-1-57607-905-8 .https://books.google.com/books?id=hMPYnfS_R90C .
ديو ديويون ٻيون ديويون لکتون (متن يا ڪتاب) رسمون رواجَ ۽ لاڳاپيل ٻيا موضوع