Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

ذات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Hereditary portion of a personal nameسانچو:SHORTDESC:Hereditary portion of a personal name
Suriname سان ڀل نہ کائو.

ذات (Surname)،ڪٽنب نالو ياآڪهه يا ڪجهه جائن تي خانداني نالو يا آخري نالو، ڪنهن جي ذاتي نالي جو حصو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ڪٽنب، قبيلي يا برادري کي ظاهر ڪري ٿو.[1] هڪ آڪھه جو نالو ڪنهن جي ذاتي نالي جو گهڻو ڪري موروثي حصو هوندو آهي، جيڪو ڪنهن جي خاندان کي ظاهر ڪري ٿو.[2] اهو عام طور تي هڪ ڏنل نالي سان گڏ ڪيو ويندو آهي ته جيئن هڪ شخص جو پورو نالو ٺهي. جيتوڻيڪ مڪمل نالي ۾ ڪيترائي ڏنل نالا ۽ لقب ممڪن آهن. جديد دور ۾ گهڻا آڪھه موروثي آهن. جيتوڻيڪ گھڻن ملڪن ۾ هڪ شخص کي پنهنجو نالو تبديل ڪرڻ جو حق آهي.

آڪھه ڪنهن شخص جي نالي جي شروعات ۾ يا آخر ۾ رکي سگهجي ٿو، اها مقامي ثقافت تي منحصر ڪري ٿو. هڪ فرد کي ڏنل آڪھه جي نالن جو تعداد پڻ مختلف آهي. گھڻن ڪيسن ۾ اهو صرف هڪ آهي، پر پرتگالي ڳالهائيندڙ ملڪن ۽ ڪيترن ئي اسپيني ڳالهائيندڙ ملڪن ۾، قانوني مقصدن لاءِ ٻه نالا، هڪ ماءُ کان ۽ ٻيو پيءُ کان ورثي ۾ ملندڙ، استعمال ڪيا ويندا آهن. هم ئي طرح ڪجهه معاشرن ۾ خاندان جي سڀني ميمبرن کي هڪجهڙا نالا رکڻ جي ضرورت ناهي. ڪجهه ملڪن ۾، نالا جنس ۽ هڪ شخص جي خانداني ميمبرشپ جي حيثيت جي لحاظ کان تبديل ڪيا ويندا آهن. مرڪب آڪھه الڳ الڳ نالن مان ٺهيل ٿي سگهن ٿا.[3]

نالن جو استعمال قديم ترين تاريخي رڪارڊن ۾ به دستاويز ڪيو ويو آهي. 11هين صدي ۾ انگلينڊ ۾ نوابن پاران خانداني نالن جا مثال دستاويز ڪيا ويا آهن. انگريزي خانداني نالا ان فرد جي هڪ خاص پهلوءَ، جهڙوڪ انهن جو ڌنڌو، پيءُ جو نالو، مقام جي حوالي سان ٺهڻ شروع ٿيا.[4] خاندان يا جڳهن جي لحاظ کان، آڪھن يا ذاتن جي مطالعي کي اونومئسٽڪس (Onomastics) سڏيو ويندو آهي.

سنڌ ۾ آباد ماڻهن جي ذاتيون

[سنواريو]

سنڌي ذاتيون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Surname",Britannica (ٻولي ۾ انگريزي),اصل کان 17 March 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 April 2023۔ 
  2. "surname",Oxford Dictionaries,اصل کان 20 January 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 3 October 2017۔ 
  3. "surname",Oxford Dictionaries,اصل کان 20 January 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 3 October 2017۔ 
  4. "BBC – Family History – What's in a Name? Your Link to the Past",BBC History (ٻولي ۾ en-GB),اصل کان 20 September 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 21 September 2020۔ 
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=ذات&oldid=335178" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرو:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp