جمعي جي نماز[1] (عربي:صَلَاة ٱلْجُمُعَة)، هر هفتي جمعي جي ڏينهن منجهند جو مسلمانن جو اجتماعي نماز لاءِ گڏ ٿيڻ جو ڏينهن آهي.[2]اسلام ۾، پاڻ هن ڏينهن کييوم الجماعة (جمعه جو ڏينهن) سڏيو ويو آهي، جنهن جوعربي مان ترجمو "ملاقات جو ڏينهن" يا "جمع ٿيڻ جو ڏينهن" آهي.[3]
هن ڏينهن تي، سڀني مسلمان مردن کان توقع ڪئي ويندي آهي ته اها، (فاصلي ۽ صورتحال جي ڪري ڪجهه استثنا سان)مسجد ۾ جمعي جو خطبو ٻڌڻ کان پوءِ، 2 رڪعت فرض جماعت سان ادا ڪن.[4] عورتون ۽ ٻار پڻ شامل ٿي سگهن ٿا، پر مردن وانگر، اها انهن لاء فرض نا آهي.[5]
قرآن جي 62هين سورت، سوره الجمعه ۾ هن جي تاڪيد هن ريت آئي آهي؛
عبدالله ابن عباس کان روايت آھي ته رسول الله ارشاد فرمايا؛
"جمعه المبارڪ به عيد جو ڏينھن آھي، جيڪا الله تعاليٰ مسلمانن کي عطا ڪيو آهي، تنهن ڪري جيڪو مسلمان جمعي جي نماز جو ارادو ڪري، پهرين غسل ڪري ۽ جيڪڏھن خوشبو ميسر ھجي ته خوشبو لڳائي ۽ توھان تي پر مسواڪ (بہ) لازم آھي."[6]