Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

جاپان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رياست جاپان

日本国
نپون-ڪوڪونپن-ڪوڪو
Centered deep red circle on a white rectangle[1]
Golden circle subdivided by golden wedges with rounded outer edges and thin black outlines
جاپان جو جھنڊوشاھي مھر
ترانو: 
"عزت مآب شهنشاهه جو دور"[2][3]
جاپاني سرڪاري مھر
  • Seal of the Office of the Prime Minister and the Government of Japan
  • Go-Shichi no Kiri (五七桐)
Projection of Asia with Japan's Area coloured green
ايشيا جي نقشي ۾ ڏيکاريل سائي رنگ ۾ جاپان؛ تيز رنگ ان جا ڪنٽرول وارا علائقا ۽ ھلڪو رنگ ڪنٽرول کان ٻاهر وارا علائقا ڏيکاري ٿو جن جو جاپان دعويدار آهي.
جاپان جو ٽوپوگرافي نقشو
جاپان جو ٽوپوگرافي نقشو
گادي جو هنڌٽوڪيو[4]
35°41′N139°46′E / 35.683°N 139.767°E /35.683; 139.767
دفتري ٻوليونڪا بہ نہ[5]
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
يارھن ٻوليون[6]
  • اينو
  • امامي اوشيما
  • ڪيڪئي
  • ڪيوني گامي
  • مائياڪو
  • اوڪي ناوان
  • اوڪينوئرابو
  • توءونوشيما
  • يائي ياما
  • يوناگوني
  • يوران
قومي زبانجاپاني ٻولي[5]
نسلي گروھ(2011[7])
  • 98.5% جاپاني
  • 0.5% ڪوريائي
  • 0.4% چيني
  • 0.6% باقي ٻيا
مذهب
مقامي آباديجاپاني
حڪومتوحداني پارلياماني نظام جي هيٺ آئيني بادشاهت
• شھنشاھه
ناروهيتو
• وزيراعظم
شوگيرو ايشيبا
• نائب وزيراعظم
تارو آسو
مقننهنيشنل ڊائيٽ (قومي اسيمبلي)
ڪائونسلرن جو ايوان
نمائندن جو ايوان
جاپاني تاريخ
• قيام جو قومي ڏينھن
11 فيبروري، 660 ق.م.[9]
• ميجي وارو آئين
29 نومبر، 1890ع
• موجودہ آئين
3 مئي، 1947ع
• سان فرانسسڪو وارو معاھدو
28 اپريل، 1952ع
پکيڙ
• جملي
377٬972 km2 (145٬936 sq mi)[10] (61st)
• پاڻي (%)
0.8
آبادي
• 2017ع مردم شماري
126,672,000[11] (10هون)
•  گھاٽائي
336 /km2 (870.2 /sq mi) (36هون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد)2018ع لڳ ڀڳ
• ڪل
5.420 ٽريلين آمريڪي ڊالر[12] (چوٿين)
• في سيڪڙو
44,246 آمريڪي ڊالر[12] (27هون)
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ )2018ع لڳ ڀڳ
• ڪل
4.841 ٽريلين آمريڪي ڊالر[12] (ٽيون)
جاپان
لغوي معنیٰرياست جاپان
جاپانی نام
کانجی 日本国
Hiragana にっぽんこく
にほんこく
Kyūjitai 日本國
انتساخ
-رومن سازيNippon-koku


Nihon-koku

-Revised Hepburnنپون-ڪوڪو
نيهون-ڪوڪو

جاپان (انگریزي: Japan؛جاپاني:日本)، "اڀرندڙ سج جي سر زمين" جي نالي سان مشهور،ايشيا جي اوڀر ۾ ٻيٽن جي هڪ ڊگهي لڪير، جيڪا اتر کان ويندي ڏکڻ ۾ ختم ٿيندي آهي، تي مشتمل هڪ ملڪ آهي. هن جي اوڀر ۾پئسفڪ سمنڊ ۽ اولهه ۾ جاپان جو سمنڊ (Sea of Japan) آهي ۽ اتر ۾ اوکوٽسڪ سمنڊ کان ڏکڻ ۾ فلپائن سمنڊ ۽ اوڀر چين سمنڊ تائين پکڙيل آهي. هن جي ڏکڻ ۾ تائيوان ٻيٽ آهي. جاپانرنگ آف فائر جو حصو آهي ۽ 14,125 ٻيٽن وارو هڪٻيٽن جو ميڙ آهي، جنهن ۾ پنج مکيه ٻيٽ؛هوڪائيڊو،هونشو،شيڪوڪو،ڪيوشو ۽اوڪيناوا آهن.ٽوڪيو ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي، جن کانپوءِاوساڪا،ناگويا،ڪيوٽو، ڪوبي،ساپورو،فوڪوڪا ۽يوڪوهاما جا شهر آهن.

جاپان جي آبادي ساڍا 12 ڪروڙ (125 ملین) آهي ۽ دنيا جو 11هون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي. اهو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گنجان آبادي واري ملڪ مان هڪ آهي. ملڪ جي ايراضيءَ جو اٽڪل ٽي چوٿون حصو جبلن تي مشتمل آهي، جنهن جي تمام گهڻي شهري آبادي تنگ ساحلي ميدانن تي آهي. جاپان 47انتظامي صوبن ۽ 8روايتي علائقن ۾ ورهايل آهي. گريٽر ٽوڪيو ايريا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ميٽروپوليٽن علائقو آهي. جاپان ۾ ڄمڻ جي تمام گهٽ شرح جي ڪري آبادي ۾ گهٽتائي جو سامهون آهي، جڏهن ته ملڪ دنيا ۾ سراسري ڊگھي زندگي جي لحاظ کان سڀ کان مٿيان آهي.

جاپان قديم پٿر جي دور (Paleolithic Age)، 30,000 ق.م، کان وٺي آباد آهي. چوٿين ۽ نائين صدي عيسوي جي وچ ۾، جاپان جون سلطنتون هڪ شهنشاهه جي ماتحت ٿي ويون ۽ هيان۔ڪيو (نارا شهر) ۾ شاهي دربار قائم ڪیو ويو. 12هين صديءَ جي شروعات ۾ سياسي اقتدار جنگي لڙاڪن، "شوگن" ۽ جاگيردارن، "ڊيميو" جي هڪ سلسلي جي هيٺ هو، ۽ جنگي سردارن، "ساموري" جي هڪ طبقي طرفان نافذ ڪيو ويندو هو. هڪ صديءَ جي گهرو ويڙهه کانپوءِ، ملڪ کي 1603ع ۾ ٽوڪوگاوا شوگونيٽ تحت ٻيهر متحد ڪيو ويو، جن ٻئي دنيا سان ڌار ڌار رهڻ جي پرڏيهي پاليسي جوڙي. سال 1854ع ۾ آمريڪا جي گڏيل رياستون هتان جنگي بيڙين جو هڪ لشڪر موڪليو، جيئن ته جاپان کي يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن واپار کولڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. جن جي ڪارڻ شوگونيٽ حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ 1868ع ۾ شاھي حڪومت بحال ٿي. ميجي دور ۾، جاپاني سلطنت يورپي طرز جو آئين اختيار ڪندي، صنعت ڪاري ۽ جديديت جي پروگرام تي عمل ڪيو. جنگي جنون ۽ يورپي نوآبادياتي نظام ۾ اضافي جي وچ ۾ جاپان 1937ع ۾ چين تي حملو ڪيو ۽ سال 1941ع ۾، جرمني جي گڏ، هڪ محوري طاقت جي طور تي ٻئي مهاڀاري جنگ ۾ داخل ٿيو. پئسفڪ سمنڊ جي جنگ ۾ شڪست ۽ امريڪا پاران هن جي ٻن شهرن، هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم کيڙائڻ کان پوء، جاپان سال 1945ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ 7 سالن لاء آمريڪا جي فوجي نگراني هيٺ رهيو، جنهن جي دوران هن هڪ نئون آئين اختيار ڪيو.

سال 1947ع جي آئين جي تحت، جاپان هڪ گڏيل پارلياماني آئيني بادشاهت کي برقرار رکيو آهي، جنهن ۾ هڪ ٻه رڪني قانون ساز، ڊائيٽ (قومي اسيمبلي) آهي. جاپان هڪ ترقي يافته ملڪ، هڪ وڏي اقتصادي طاقت ۽ گهريلو گهربل پيداوار (GDP) جي لحاظ کان وڏي معيشتن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ اهو پنھنجي دفاع لاء فوجون رکڻ جو حق رکي ٿو ۽ هن جي فوج دنيا جي مضبوط ترين فوجن مان هڪ آهي، جنگ کانپوء جي شرطن جي هيٺ، جنگ ۾ اڳ نٿو ڪري سگهي.

روبوٽڪس ۽ گاڏين ۽ اليڪٽرانڪس جي صنعتن ۾ هڪ عالمي اڳواڻ طور، ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي برآمد ۽ درآمد ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي. اهو ڪيترن ئي وڏي بين الاقوامي ادارن جو حصو آهي. جاپان هڪ وڏي ثقافتي طاقت پڻ آهي ڇو ته جاپان جي ثقافت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جن ۾ ان جا فن، کاڌا، فلمون، موسيقي ۽ مشهور ثقافت، جن ۾ مانگا انيميشن فلم (anime) ۽ وڊيو گيم انڊسٽري شامل آهن.

نالو

[سنواريو]

جاپاني ۾ جاپان جو نالو ڪانجي لکت استعمال ڪندي "نپون" (日本) لکيو ويندو آهي. اٺين صديءَ جي شروعات ۾ لفظ "نپون" (日本) کي اپنائڻ کان اڳ، ملڪ چيني ۾ "وا" (倭) ۽ 757ع ۾ جاپاني ۾ تبديل ٿي "یا"، جاپان ۾ ياماتو جي مختصر نالي سان سڃاتو ويندو هو. اصلي چيني-جاپاني جا نپون لاء اکر، "日本" سرڪاري استعمالن، جيئن ته جاپان جي نوٽن ۽ ٽپال جي ٽڪيٽن تي، لاء پسند ڪيا ويندا آھن. تلفظ نيهون (Nihon) عام طور تي روزمره جي ٻول چال ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ ايڊو (Edo) دور ۾ جاپاني فونولوجي ۾ تبديلين کي ظاهر ڪري ٿو. ڪانجي اکرن "日本" جو معني، "سج جي جنم ڀومي" آهي، جيڪا هن جي عرفيت، "اڀرندڙ سج جي سرزمين" جو اصل آهي.

نالو "وو" (日本) زيمن يا وو چيني تلفظ تي ٻڌل آهي ۽ ابتدائي واپار ذريعي يورپي ٻولين ۾ متعارف ڪرايو ويو. 13ھین صدي عيسويءَ ۾، اطالوي سياح، مارڪو پولو، ملائي ماڻهن ۾ استعمال ٿيندڙ، مندارن چيني جي تلفظ، "چپانگو" (日本國) کي "سپانگو" (Cipangu) جي نالي سان رڪارڊ ڪيو. جاپان جو پراڻو ملائي نالو، جپان يا جیپون، هڪ ڏاکڻي ساحلي چيني ٻولي مان ورتو ويو هو ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پرتگالي واپارين سان مليو آھي، جن اهو لفظ 16ھین صدي جي شروعات ۾ يورپ ۾ آندو. انگريزيءَ ۾ نالي، جاپان جو پهريون نسخو سال 1577ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ ظاهر ٿيو، جنهن سال 1565ع ۾ پرتگالي خط جي ترجمي ۾ نالو "جیاپن" (Giapan) لکيو.

تاريخ

[سنواريو]

قبل از تاريخ کان ڪلاسيڪل تاريخ

[سنواريو]

تقريباً 30,000 ق.م. کان پيليولٿڪ ڪلچر جاپان جي ٻيٽن جي پھرين ڄاتل سڃاتل رھائش جو بنياد آھي. ان جي پٺيان لڳ ڀڳ 14,500 ق.م. (جومون دور جي شروعات) کان وٺي هڪ ميسو ليٿڪ (Mesolithic) دور کان وٺي نیولٿڪ نيم-سيڊنٽري شڪار گڏائيندڙ ڪلچر ذريعي ڪيو ويو، جنهن جي خصوصيت کڏن جي رهائش ۽ ابتدائي زراعت سان آهي. ان دور جا مٽيءَ جا برتن مٽيءَ جي قديم ترين بچيل مثالن مان آهن. تقريباً 700 ق.م. کان، جاپاني ڳالهائيندڙ يايوئي (Yayoi) ماڻهو ڪوريا جي جزائر کان ٻيٽن ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيا، جُومون سان ملائي؛ يايوئي جي دور ۾ طريقن جو تعارف ڏٺو ويو، جنهن ۾ گندي چانورن جي پوک، چين ۽ ڪوريا مان مٽيءَ جي برتن سازي جو هڪ نئيون انداز ۽ دھات سازي شامل آهن. ڏند ڪٿا موجب، شهنشاهه جومون (اماتراسو جو پوٽو) سال 660 ق.م. ۾ مرڪزي جاپان ۾ هڪ بادشاهي قائم ڪئي، هڪ مسلسل شاھي سلسلو شروع ڪيو.

جاپان لکيل تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيني "هان" ڪتابن ۾ ظاهر ٿيو، جيڪو سال 111ع ۾ مڪمل ٿيو. ٻڌمت جاپان ۾ سال 552ع ۾ بيڪوجي (هڪ ڪورين سلطنت) کان متعارف ڪرايو ويو، پر جاپاني ٻڌمت جي ترقي بنيادي طور تي چين کان متاثر ٿي. شروعاتي مزاحمت جي باوجود، حڪمران طبقي طرفان ٻڌمت کي فروغ ڏنو ويو، جنهن ۾ پرنس شوٽوڪو وانگر شخصيتون شامل هیون ۽ اسوڪا دور (سال 592ع-710ع) جي شروعات ۾ وسيع قبوليت حاصل ڪئي.

سال 645ع ۾، شھزادي ناڪا نو او ۽ فوجيوارا نو ڪاماتاري جي اڳواڻي ۾ حڪومت دور رس ٽائيڪا سڌارا ٺاهيا ۽ لاڳو ڪيا. سڌارن جي شروعات زميني سڌارن سان ٿي، جيڪا چين جي ڪنفيوشس جي نظرين ۽ فلسفن تي ٻڌل هئي. هن جاپان ۾ سڀني زمينن کي قوميائي (Nationalized) ڪئي، آبادگارن ۾ هڪجهڙائي سان ورڃائي ۽ ٽيڪسيشن جي نئين نظام جي بنياد جي طور تي گهر جي رجسٽري کي گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سڌارن جو اصل مقصد وڌيڪ مرڪزيت آڻڻ ۽ شاھي دربار جي طاقت کي وڌائڻ هو، جيڪو پڻ چين جي حڪومتي ڍانچي تي ٻڌل هو. سفيرن ۽ شاگردن کي چين موڪليو ويو ته جيئن چيني لکڻ، سياست، فن ۽ مذهب بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. سال 672ع جي جنشين جنگ، پرنس اواما ۽ سندس ڀائٽيو پرنس اوٽومو جي وچ ۾ هڪ خوني تڪرار، وڌيڪ انتظامي سڌارن لاء هڪ اهم نقطو بڻجي ويو. انهن سڌارن جو خاتمو تائيهو (Taihu) ڪوڊ جي اعلان سان ٿيو، جنهن موجوده قانونن کي مضبوط ڪيو ۽ مرڪزي ۽ ماتحت مقامي حڪومتن جو ڍانچو قائم ڪيو. قانوني سڌارن رٽسوريو (ritsuryō) رياست ٺاهي، چيني طرز جي مرڪزي حڪومت جو هڪ نظام جيڪو 500 سالن تائين برقرار رهيو.

نارا دور (710ع-784ع) هڪ جاپاني رياست جي ظهور جو نشانو بڻايو جيڪو هائيجو-ڪيو (جديد نارا شھر) ۾ شاهي دربار تي مرڪوز هو. هن دور ۾ ڪوجيڪي (712ع) ۽ نيهون شوڪي (720ع) جي مڪمل ٿيڻ سان گڏ هڪ نئين ادبي ثقافت جي ظاهر ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻڌمت کان متاثر آرٽ ورڪ ۽ فن تعمير جي ترقيءَ جي خاصيت آهي. سال 735ع -737ع ۾ چيچڪ جي هڪ وبا، جی جاپان جي آبادي جو ٽيون حصو مارجي ويو. 784ع ۾ شهنشاهه ڪنمو گاديءَ جو هنڌ منتقل ڪيو، جيڪو 794ع ۾ هيئن-ڪيو (جديد دور جو ڪيوٽو) تي آباد ٿيو. اهو هيئن دور (794-1185) جي شروعات ٿي، جنهن دوران هڪ جداگانه مقامي جاپاني ثقافت ظاهر ٿي. مراسڪي شڪيبو جي The Tale of Genji ۽ جاپان جي قومي ترانو ”ڪيميگيو“ جا گيت ان دور ۾ لکيا ويا. گنجي جي ڪهاڻي.جاگيرداري دور

جاپان ۾ اسلام جي آمد

[سنواريو]

ھتان جي ماڻهن کي اسلام بابت پهريون دفعو ڄاڻ 1877ع ۾ مغربي مذهبن جي معلومات حاصل ڪرڻ سان پئي. تقريباً ان ئي سال جي لڳ ڀڳ نبي ڪريم صہ جن جي سيرت جو جپاني زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان وقت تائين ڪوبه جپاني ملسمان نه ٿيو هو، بس هڪ تعليم يافته طبقي کي معلومات خاطر اسلام جي ڄاڻ حاصل ٿي.

جپانين کي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو ٻيو اهم موقعو 1880ع ۾ مليو، جڏهن ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت جپان سان سفارتي تعلقات شروع ڪرڻ ۽ جپانين ۽ ترڪ مسلمانن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ هڪ نيويءَ جو جهاز جپان موڪليو. ”ارتغرل“ نالي هي جهاز واپسيءَ تي ٻڏي ويو ۽ 609 ماڻهن مان 540 سمنڊ حوالي ٿي ويا.هونئن چون ٿا ته ميتسو تارو جيڪو ”تاڪا اوڪا“ ذات جو هو، پهريون جپاني مسلمان هو، جنهن 1909ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ حج ڪرڻ بعد پنهنجو نالو عمر يامااوڪا (Yamaoka) رکيو ۽ ٻيو جپاني مسلمان بوم پاچيرو آريگا هو جيڪو پڻ انهن ئي ڏينهن ۾ واپار جي سلسلي ۾ هندستان ويو هو. ۽ اتان جي مسلمانن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي پنهنجو نالو احمد رکيو باقي ذات ساڳي آريگا رهڻ ڏنائين.

اڄ ڪلهه جپان ۾ اسلام ۽ جپاني مسلمانن تي وڌيڪ Studies ٿيڻ تي معلوم ٿيو آهي ته تراجيرو يامادا (Tarajiro Yamada) گهڻو ڪري پهريون جپاني مسلمان هو جيڪو ترڪيءَ وارن جو جهاز ”ارتغرل“ ٻڏڻ بعد ترڪ مسلمانن جي مرڻ جي همدردي ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو هو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو عبدالخليل رکيو ۽ حج ڪري وطن موٽيو هو.

پهرين وڏي لڙائيءَ دوران (بولشيوڪ انقلاب ۾) وچ ايشيا ۽ روس کان ڪيترائي ترڪومن، ازبڪ، ڪرغيز، ڪراخ ۽ تاتار مسلمان جتي ايران ۽ انڊيا پاسي لڏي ويا، اتي انهن جا ڪيترائي ڪٽنب جپان پڻ آيا جو روس (USSR) جو اڀرندو حصو جپان سان وڃيو لڳي. جپان جي حڪومت طرفان کين جپان ۾ پناهه ڏنو ويو. مسلمان قبيلا جپان جي مختلف شهرن ۾ Settle ٿيا ۽ جپاني جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي، انهن جي وچ ۾ مسلمانن جون هي ننڍيون ننڍيون ڪميونٽيون قائم ٿيون، جتي جتي گهڻا مسلمان هئا اتي مسجدون پڻ ٺهڻ لڳيون، ڪوبي بندرگاهه جتي اسان جي پاڪستاني جهازن جو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو، اتي جي پراڻي مسجد ”ڪوبي مسجد“ 1935ع جي ٺهيل آهي جيڪا اڃا موجود آهي. ان دور جي ٻي مسجد ٽوڪيو ۾ هوندي هئي، جيڪا 1938 ۾ ٺهي.ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپاني حڪومت جپانين لاءِ ڪجهه ادارا ٺاهي انهن کي اسلام جي معلومات ڏني ۽ ان دور ۾ اسلام تي هڪ سئو کان مٿي ڪتاب ۽ جرنل جپان ۾ ڇپيا ويا. پر هي سڀ ڪجهه جپان ۾ رهندڙ ڌارين مسلمانن طرفان نه هو. جپان حڪومت پنهنجن ماڻهن کي اسلام جي تعليم انڪري ڏئي رهي هئي، جيئن جپان طرفان فتح ڪيل ملڪ (ملايا، سنگاپور، هانگڪانگ، چين وغيره) جن ۾ ڪيترائي مسلمان رهيا ٿي انهن کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ۽ مٿن ڪنٽرول رکڻ ۾ سهوليت رهي. ايتريقدر جو ٻي وڏي جنگ ۾ ملايا ۽ سنگاپور ۾ جپانين جو ڪو هوائي جهاز ڪريو ٿي ته جپاني پائلٽ ڪلمو پڙهي پاڻ کي مسلمان سڏايو ٿي ۽ مڪاني مسلمان عوام کيس واقعي مسلمان سمجهي نه فقط حفاظت ڏني ٿي، پر شان مان پڻ. 1945ع ۾ جيئن ئي جنگ ختم ٿي ته اهي سڀ جپاني ادارا ۽ فوجي جن اسلام جي هام هنئي ٿي سي ائين غائب ٿي ويا، جيئن بقول اردو چوڻيءَ جي ته ”گڏهه جي مٿي تان سڱ“.اسلام هوڏانهن اتر آفريڪا کان ويندي اسپين ۽ فرانس تائين پکڙيو ته هيڏانهن اوڀر ۾ چين، سنڌ، هند، برما ۽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان ٿيندو ڏکڻ فلپين ۾ اچي بلاڪ ٿي ويو. اتر فلپين پاسي وارا اسپين جي ڪالوني هئا ۽ اتان اسپيني پادري مٿي هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ جپان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ اسلام جي تعليم جپان تائين نه پهچي سگهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ چين فتح ڪرڻ تي جپانين جو چيني مسلمانن سان ميل ميلاپ ٿيو ۽ ڪيترائي جپاني مسلمان ٿيا. انهن نو مسلم جپانين 1953ع ۾ پهرين جپاني مسلم آرگنائيزيشن ٺاهي جنهن جو نالو ”دي جپان مسلم ائسوسيئيشن“ رکيو ۽ ان جو سهڪاري مرحوم صادق ايمائي زومي ٿيو جيڪو 1989ع ۾ گذاري ويو. ان بعد ان ائسوسيئيشن جو صدر مرحوم عمر ميتا ٿيو جيڪو پڻ سچو مسلمان ۽ اسلام جو خدمتگار ماڻهو هو. مرحوم عمر ميتا جپان طرفان قبضي هيٺ آيل حصي ۾ منشور ريلوي ڪمپنيءَ جو آفيسر هو. اتي چيني مسلمانن کان متاثر ٿي پيڪنگ ۾ مسلمان ٿيو. هن قرآن مجيد جو جپاني ترجمو پڻ ڪيو.[15]

نالو

[سنواريو]

جاپاني ٻولي ۾ جاپان جو نالو نِپون (日本) آهي. اٺين صدي جي شروعات ۾ نِهون (日本) اختيار ڪرڻ کان اڳ. ملڪ چين ۾ وا (倭) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ۽ 757 جي آس پاس جاپان ۾ يا (和) ۽ جاپان ۾ ياماتو جي نالي سان تبديل ڪيو ويو. نِپون (ڪردارن جي اصل چيني-جاپاني پڙهڻ) سرڪاري استعمال لاءِ پسند ڪئي ويندي آهي (جاپاني نوٽن ۽ پوسٽيج اسٽيمپن تي شامل آهي). نِهون عام طور تي روزمره جي تقرير ۾ استعمال ٿيندو آهي (۽ ايڊو دور ۾ جاپاني صوتياتيات ۾ تبديلين کي ظاهر ڪري ٿو). نِپون (日本) لاءِ ڪنجي اکرن جو مطلب آهي "سج جي اصليت". جيڪو مشهور لقب "اڀرندڙ سج جي زمين" جو ذريعو آهي. * "جاپان" نالو نِپون (日本) جي مِن يا وو چيني تلفظ تي ٻڌل آهي. ۽ شروعاتي واپار ذريعي يورپي ٻولين ۾ متعارف ڪرايو ويو. 13 صدي ۾. مارڪو پولو ڪردارن (日本國) جي شروعاتي مينڊرين چيني تلفظ کي Cipangu جي طور تي رڪارڊ ڪيو. جاپان لاءِ پراڻو ملائي نالو (جاپنگ يا جپون) هڪ ڏکڻ ساحلي چيني لهجي مان ورتو ويو هو. ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پرتگالي واپارين سان ان جو مقابلو ٿيو. جيڪي 16 صدي جي شروعات ۾ يورپ ۾ لفظ کڻي آيا.

جاگرافي

[سنواريو]
جاپان جو ڌرتي بناوٽ جي لحاظ کان (topographic) نقشو

حڪومت ۽ سياست

[سنواريو]

معيشت

[سنواريو]

انفراسٽرڪچر

[سنواريو]

آباديات

[سنواريو]

ثقافت

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]
نشان بابباب Asia
نشان بابباب Japan

ماڻهو

[سنواريو]

ورڇ

[سنواريو]

جاپان 3000 کان وڌيڪ ٻيٽن تي مشتمل آهي. جاپان ۾ 47 ڊويزنون آهن، جن جا نالا هن ريت آهن؛

هو ڪائڊو -آموري -ايواتي -مياگي -آڪيتا -ياما گاتا -فوڪوشيما -ايباراڪي -توچيگي -گونما -سايتاما -چي با -ٽوڪيو -ڪانا گاوا -نِيگاتا -توياما -اِيشِيڪاوا -فوڪوي -ياماناشي -ناگونو -گيفو -شي زواوڪا -آچي -مي اي -شيگا -ڪيوٽو -اوساڪا -هيوگو -نارا -واڪاياما -توتوري -شيماني -اوڪاياما -هيرو شيما -ياماگوچي -توڪو شيما -ڪاگاوا -اِيهيمي -ڪوچي -فوڪوواڪا -ساگا -ناگاساڪي -ڪوماموتو -اويتا -ميزاڪي -ڪاگوشيما -اوڪي ناوا.

معيشيت

[سنواريو]

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "National Flag and National Anthem", حاصل ڪيل 29 جنوري 2017, "The Rising Sun Flag and "Kimi Ga Yo" are respectively the national flag and anthem of Japan. This was formalized in 1999 with the Law Regarding the National Flag and National Anthem." 
  2. "Explore Japan National Flag and National Anthem", حاصل ڪيل 29 جنوري 2017۔ 
  3. "National Symbols",اصل کان 2 فيبروري 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 جنوري 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر|deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. "History of Tokyo", حاصل ڪيل 29 جنوري 2017, "The Edo Period lasted for nearly 260 years until the Meiji Restoration in 1868, when the Tokugawa Shogunate ended and imperial rule was restored. The Emperor moved to Edo, which was renamed Tokyo. Thus, Tokyo became the capital of Japan" 
  5. 5.05.1 (ٻولي ۾ Japanese), Legislative Bureau of the House of Councillorshttp://houseikyoku.sangiin.go.jp/column/column068.htm, حاصل ڪيل 19 جنوري 2009۔ خالي يا غائب|title= (مدد)
  6. "Japan Languages" (ٻولي ۾ English), حاصل ڪيل 29 جنوري 2017۔ 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid<ref> tag; no text was provided for refs namedcia
  8. حوالي جي چڪ: Invalid<ref> tag; no text was provided for refs namedDentsu2006
  9. According to legend, Japan was founded on this date byEmperor Jimmu, the country's first Emperor.
  10. "Facts about Japan, General Information", حاصل ڪيل 29 جنوري 2017۔ 
  11. "最新結果一覧 政府統計の総合窓口 GL08020101", Statistics Bureau of Japan, حاصل ڪيل 27 اپريل 2016۔ 
  12. 12.012.112.212.3"World Economic Outlook Database, April 2017 – Report for Selected Countries and Subjects",انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (IMF), حاصل ڪيل 21 اپريل 2016۔ 
  13. "World Factbook: Gini Index",CIA, حاصل ڪيل 11 مئي 2011۔ 
  14. "2016 Human Development Report", United Nations Development Programme, 2016, حاصل ڪيل 23 مارچ 2017۔ 
  15. {رسالو: سرتيون؛مضمون: جپان ۾ اسلام جي آمد جي تاريخ ؛؛از: الطاف شيخ؛ آگسٽ 2006؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو altafshaikh2004@yahoo.com.pk}}
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=جاپان&oldid=330184" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرا:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp