تھران(انگريزي:Tehran)Tehrân[tehˈɾɒ:n] (
ٻڌو))ايران جو سڀ کان وڏو شھر ۽ گادي جو هنڌ آهي. اھو ايران جيتھران صوبي جو پڻ گاديءَ جو هنڌ آهي. شھر جي آبادي 87 لک آھي ۽گريٽر تھران ميٽروپوليٽن واري علائقي جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ آھي.[6] ھي دنيا جو چوويھون وڏو شھر آھي.[7] 2016 کان شھري ڪائونسل جي فيصلي مطابق ھر سال ڇھ آڪٽوبر کي ھن شھر جو ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آهي جنھن ڏينھن جن شھر کي قجر گھراڻي جي حڪومت ھن شھر کي سرڪاري طور تي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ھو.[8]
تاريخ جي پراڻي رڪارڊ مطابق ھن شھر واري علائقي تي سڀ کان اولميڊيا وارن قبضو ڪيو ۽ ھي شھر اڏجڻ بعدميڊيا جو اھم شھر بڻجي ويو.[9] ھن شھر کي بعد ۾ مسلمان عربن، ترڪن ۽ منگولن چڙھائي ڪري اجاڙي ڇڏيو پر وري وري آباد ٿي اھميت حاصل ڪئي.قجر گھراڻي جي بادشاھآغا محمد خان قجر 1796 ۾ روس سان جنگين دوران ڪوھ قاف جي علائقي کسجي وڃڻ ڪري، ڪوھ قاف جي ويجھو ھجڻ ڪري ھن شھر کي گادي جو هنڌ بڻايو.[10]
تھران مشھور تاريخي جاين سان ڀريل آهي جن مگولستان محل،سعد آباد واري عمارت،نياوران ڪامپليڪس پڻ شامل آهن جن م گذريل ٻن شاھي گھراڻن جي رھائش ۽ درٻارون ھيون. ھن شھر جي مشھور جاين ۾آزادي ٽاور ھڪ آهي جيڪورضا شاھ پھلوي 1971 م فارس جي شھنشاھيت جي اڍائي ھزار سالا جشن جي تقريب جي ياد ۾ ٺھرايل ھڪ يادگار آھي. ا شھر جو ميلاد ٽاور 2007 م مڪمل ٿيو جيڪو دنيا جي بغير ٽيڪ وارن منارن ۾ ڇھون نمبر وڏو منارو آھي. طبعيت پل بہ مشھور جاء آھي جيڪا 2014 ۾ ٺھي راس ٿي.[11]
ھن شھر جي آبادي جي اڪثريتفارسي ماڻھن جي آھي جن جي ٻوليفارسي آھي.[12][13] شھر جي 99 سيڪڙو آبادي فارسي ٻولي ڳالهائيندڙ آھي جن ۾ غير فارسي نسل جا ماڻھو بہ شامل آهن جن جي فارسي مادري زبان نہ پر رابطي واري زبان آھي.
- ↑Tehran[مئل ڳنڍڻو]. Daft Logic.
- ↑Tehran, Environment & Geography. Tehran.ir.
- ↑Urban population: Data forTehran County. ~97.5% of county population live in Tehran city
Metro population: Estimate on base of census data, includes central part of Tehran province andKaraj County andFardis fromAlborz province - ↑https://www.amar.org.ir/english
- ↑"Major Agglomerations of the World - Population Statistics and Maps",citypopulation.de, 13 سيپٽمبر 2018,اصل کان 13 سيپٽمبر 2018 تي آرڪائيو ٿيل۔
- ↑SeeList of metropolitan areas in Asia.
- ↑"The world's largest cities and urban areas in 2006",City Mayors, حاصل ڪيل 25 سيپٽمبر 2010۔
- ↑https://ifpnews.com/exclusive/citizens-of-capital-mark-tehran-day-on-october-6/
- ↑Erdösy, George. (1995). The Indo-Aryans of ancient South Asia: Language, material culture and ethnicity. Walter de Gruyter. p. 165. "Possible western place names are the following: Raya-, which is also the ancient name of Median Raga in the Achaemenid inscriptions (Darius, Bisotun 2.13:a land in Media called Raga) and modern Rey south of Tehran"
- ↑"Tehran (Iran) : Introduction – Britannica Online Encyclopedia",Encyclopædia Britannica, حاصل ڪيل 21 مئي 2012۔
- ↑"Tabiat Pedestrian Bridge / Diba Tensile Architecture",ArchDaily, 17 نومبر 2014۔
- ↑Abbasi-Shavazi, Mohammad Jalal; McDonald, Peter; Hosseini-Chavoshi, Meimanat. (September 30, 2009). "Region of Residence". The Fertility Transition in Iran: Revolution and Reproduction. Springer. pp. 100–101.
- ↑Schuppe, Mareike. (2008). Coping with Growth in Tehran: Strategies of Development Regulation. GRIN Verlag. p. 13. "Besides Persian, there are Azari, Armenian, and Jewish communities in Tehran. The vast majority of Tehran's residents are Persian-speaking (98.3%)."