تھران(انگريزي:Tehran)Tehrân[tehˈɾɒ:n](ٻڌو))ايران جو سڀ کان وڏو شھر ۽ گادي جو هنڌ آهي. اھو ايران جيتھران صوبي جو پڻ گاديءَ جو هنڌ آهي. شھر جي آبادي 87 لک آھي ۽گريٽر تھران ميٽروپوليٽن واري علائقي جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ آھي.[4] ھي دنيا جو چوويھون وڏو شھر آھي.[5] 2016 کان شھري ڪائونسل جي فيصلي مطابق ھر سال ڇھ آڪٽوبر کي ھن شھر جو ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آهي جنھن ڏينھن جن شھر کي قجر گھراڻي جي حڪومت ھن شھر کي سرڪاري طور تي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ھو.[6]
تاريخ جي پراڻي رڪارڊ مطابق ھن شھر واري علائقي تي سڀ کان اولميڊيا وارن قبضو ڪيو ۽ ھي شھر اڏجڻ بعدميڊيا جو اھم شھر بڻجي ويو.[7] ھن شھر کي بعد ۾ مسلمان عربن، ترڪن ۽ منگولن چڙھائي ڪري اجاڙي ڇڏيو پر وري وري آباد ٿي اھميت حاصل ڪئي.قجر گھراڻي جي بادشاھآغا محمد خان قجر 1796 ۾ روس سان جنگين دوران ڪوھ قاف جي علائقي کسجي وڃڻ ڪري، ڪوھ قاف جي ويجھو ھجڻ ڪري ھن شھر کي گادي جو هنڌ بڻايو.[8]
ھن شھر جي آبادي جي اڪثريتفارسي ماڻھن جي آھي جن جي ٻوليفارسي آھي.[10][11] شھر جي 99 سيڪڙو آبادي فارسي ٻولي ڳالهائيندڙ آھي جن ۾ غير فارسي نسل جا ماڻھو بہ شامل آهن جن جي فارسي مادري زبان نہ پر رابطي واري زبان آھي.
↑Urban population: Data forTehran County. ~97.5% of county population live in Tehran city Metro population: Estimate on base of census data, includes central part of Tehran province andKaraj County andFardis fromAlborz province
↑Erdösy, George.(1995).The Indo-Aryans of ancient South Asia: Language, material culture and ethnicity. Walter de Gruyter. p.165."Possible western place names are the following: Raya-, which is also the ancient name of Median Raga in the Achaemenid inscriptions (Darius, Bisotun 2.13:a land in Media called Raga) and modern Rey south of Tehran"
↑Abbasi-Shavazi, Mohammad Jalal; McDonald, Peter; Hosseini-Chavoshi, Meimanat.(September 30, 2009)."Region of Residence".The Fertility Transition in Iran: Revolution and Reproduction. Springer. pp.100–101.
↑Schuppe, Mareike.(2008).Coping with Growth in Tehran: Strategies of Development Regulation. GRIN Verlag. p.13."Besides Persian, there are Azari, Armenian, and Jewish communities in Tehran. The vast majority of Tehran's residents are Persian-speaking (98.3%)."