Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

بيلاروس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف بيلاروس

  • Рэспубліка Беларусь (Belarusian)
  • Республика Беларусь (Russian)
Flag of بيلاروس
{{{coat_alt}}}
جھنڊوقومي نشان
ترانو: 
Show globe
Show map of Europe
مڪانيت بيلاروس  (سائو)

يورپ ۾  (تيز خاڪي)  [Legend]

گادي جو هنڌمنسڪ
53°55′N27°33′E /53.917°N 27.550°E /53.917; 27.550
سڀ کان وڏو شهرمنسڪ
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ
مقامي آباديبيلورشين
حڪومتوحدانيصدارتيريپبلڪ
 صدر
اليگزينڊر ليوڪا شينڪو
سرجي ريومس
مقننهقومي اسيمبلي
ڪائونسل آف ريپبلڪ
ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
قيام
987
c. 1236
1 جولائي 1569
1795
 سوويت روس کان آزادي ؛ عوامي جمھوريہ بيلاورس
25 مارچ 1918
 بيلاروسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو قيام
17 فيبروري 1919
 بيلاروسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ
31 جولائي 1920
 اولھ بيلاروسي انضمام
15 نومبر 1939
 رياستي خودمختياري جو اعلان
27 جولائي 1990
 سوويت يونين کان آزادي
25 آگسٽ 1991
8 ڊسمبر 1991
 آزادي تسليم ڪئي وئي
26 ڊسمبر 1991
15 مارچ 1994
پکيڙ
 جملي
207٬595 km2 (80٬153 sq mi)(84th)
 پاڻي (%)
1.4% (2.830 km2 يا 1.093 sq mi)
آبادي
 2018 اندازو
9,491,800کم[1](93rd)
  گھاٽائي
45.8 /km2 (118.6 /sq mi)(142nd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد)2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$188  ارب[2]
 في سيڪڙو
$20,008[2](GDP_nominal = $59  ارب[2])
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ )2018 لڳ ڀڳ

بيلاروس (Belarus؛Listeni/bɛləˈrs/)، سرڪاري طور تي بيلاروس جي جمهوريه،اوڀر يورپ ۾ هڪ خشڪي سان گھريل ملڪ آهي.[3]روسي ٻولي ۾ بيلورشيا (Byelorussia) به سڏبو آهي. ان جي اوڀر ۽ اتر اوڀر ۾روس، ڏکڻ ۾يوڪرين، اولهه ۾پولينڊ ۽ اتر اولهه ۾لٿوانيا ۽لاتويا آهن. بيلاروس 2,07,600 چورس ڪلوميٽر (80,200 چورس ميل) جي ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ هن جي آبادي 91 لک آهي. اهو انتظامي طور تي ڇهن علائقن ۾ ورهايل آهي.منسڪ گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هن شهر کي خاص حيثيت سان هڪ شهر جي طور تي الڳ انتظام ڪيو ويندو آهي.

هي ملڪ پنهنجي قيام کان وٺيگڏيل قومن جو ميمبر آهي. اهو CIS، CSTO، EAEU، OSCE، ۽ غير وابسته تحريڪ ۾ شامل رهيو آهي. هنيورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا به خواهش نه ڏيکاري آهي پر بلاڪ سان ٻه طرفي لاڳاپا برقرار رکي ٿو، ۽ باڪو انيشيئيٽو ۾ پڻ حصو وٺندو آهي. بيلاروس صرف ٽن يورپي ملڪن مان آهي (روس ۽ڪوسووو سان گڏ) جيڪو يورپ ڪائونسل جو ميمبر ناهي. ڪائونسل سان ان جو محدود تعلق 2022ع ۾ معطل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ان سال اپريل ۾ ان جي علائقي مان يوڪرين تي روسي حملي جي سهولت فراهم ڪئي وئي هئي.

تاريخ

[سنواريو]

ستر سال سوويت يونين سان گڏ رھڻ بعد بيلاورس 1991 ۾ آزادي حاصل ڪئي پر ھن سموري گذريل سوشلسٽ ريپبلڪن مان سڀ کان وڌيڪَ معاشي تعلقات روس سان رکيا. 8 ڊسمبر 1999 تي بيلاروس ۽ روس سياسي ۽ معاشي سالميت جو ھڪ معاھدو پڻ عمل ۾ آندو.[4]

جاگرافي

[سنواريو]

بيلاورساوڀر يورپ ۾پولينڊ جي اوڀر ۾ واقع آهي. ان جي جاگرافيائي بيھڪ53 00 N, 28 00 E آهي . پکيڙ 207,600 چورس ڪلوميٽر جنھن ۾ خشڪي 202,900 چورس ڪلوميٽر ء پاڻي 4,700 چورس ڪلوميٽر آهي.پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ان جو نمبر 87 آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 3642 ڪلوميٽر آهي. اھا سرحد پنجن ملڪن سان ملي ٿي، جن مانليٽويا سان 161 ڪ.م.،لٿونيا سان 640 ڪ م ، پولينڊ سان 418 ڪ م ، روس سان 1312 ڪ م ۽ يوڪرائن سان 1111ڪ.م. آھي. ھي ملڪ زمين سان گھيريل ملڪ آھي. سمنڊ کان سراسري بلندي 160 ميٽر اٿس. نيومن درياء جي سطح سڀ کان ھيٺ 90 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام زيارزينسڪايا ھارا آھي جتان جي اوچائي 346 ميٽر آھي.[4]

آبهوا

[سنواريو]

موسم سياري ۾ تمام ٿڌي، اونھاري ۾ ٿڌي ۽ گھميل رھندي آھي.[4]

قدرتي وسيلا ۽ معدنيات

[سنواريو]

ھتان جي قدرتي وسيلن ۽ معدنيات ۾ عمارتي ڪاٺ، ڪوئلو، ٿوري مقدار ۾ تيل ۽ گيس، گرينائيٽ، لائيم اسٽون، چونو ، واري ، بجري ۽ ميٽ شامل آھن.[4]

زراعت

[سنواريو]

ھن ملڪ جي زراعت واري زمين ملڪ جي ڪل زمين جو 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي جي لائق وري ان جو 27.2 سيڪڙو، مستقل فصل 0.6 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 15.9 سيڪڙو ۽ ٻيلا 42.7 سيڪڙو آھن.2012 جي رڪارڊ مطابق ڪل زمين جو 1140 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري آھي[4].

آبادي

[سنواريو]

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 9,549,747 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان 93 نمبر تي ھيو. ھتان جي ماڻهن کي بيلورشين يا بيلورشيائي يا بيلاروسي بہ چوندا آهن. ھن ملڪ جي ماڻهن ۾ بيلاروسي ماڻهو 83.7 سيڪڙو، روسي 8.3 سيڪڙو، پولش 3.1 سيڪڙو، يوڪريني 1.7 سيڪڙو آھن.ھتان جي ماڻهن جي گھڻي ڳالھائي ويندڙ ٻولي بيلاروسي آھي جنھن جا ڳالھائيندڙ 83.7 سيڪڙو آھن. ٻئي نمبر تي روسي 8.3 سيڪڙو ، يوڪرائيني ٻولي 1.7 سيڪڙو آھي. 2011 جي رڪارڊ مطابق ھتان جا 48.3 سيڪڙو ماڻهو آرٿوڊڪس مذھب سان تعلق رکندڙ آھن، 7.1 سيڪڙو ڪيٿولڪ، 3.5 سيڪڙو ٻيا مذھب ۽ 41.1 سيڪڙو لامذھب آھن.[4]

نالي جي معنیٰ

[سنواريو]

بيلاروس لفظ بيلاروسي ٻولي جي ٻن لفظن بيل (bel) ۽ روس (rus) مان نڪتل آهي. بيل لفظ جي معنیٰ آھي سفيد يا اڇو ۽ روس معنیٰ روس جو ملڪ آھي. اھڙي طرح بيلاروس جي معني سفيد روس آهي[4].

حڪومتي ۽ سياسي انتظام

[سنواريو]
بيلاروسي ھاؤس آف ريپريزنٽيٽوز
منسڪ ۾ وڪٽري چوڪ

ملڪ جو نالو جمھوريہ بيلاورس آھي. ملڪ جو رياستي نظام صدارتي آھي جيڪو آمريت جي مثل آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌمنسڪ آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 53 54 N, 27 34 E آهي.ھتي صوبن کي ووبلاسٽسي(انگريزي: voblastsi) چون ٿا . ملڪ ۾ 6 صوبا ۽ ھڪ ميونسپلٽي آھي. ھن ملڪ ۾ ٻٽي شھريت قابل قبول ناهي ۽ شھريت لاءِ ستن سالن جي رھائش شرط آهي. ووٽ جو حق 18 سالن جي ڄمار ۾ مليل آهي. رياست جو سربراھ صدر ۽ حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آهي[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. http://www.belstat.gov.by/ofitsialnaya-statistika/ssrd-mvf_2/natsionalnaya-stranitsa-svodnyh-dannyh/naselenie_6/chislennost-naseleniya1_yan_poobl//
  2. 123"Belarus", International Monetary Fund, 2018, حاصل ڪيل 26 October 2017۔ 
  3. UN Statistics Division (1 April 2010),"Standard Country and Area Codes Classifications (M49)", United Nations Organization, 17 April 2010 تي اصل کانآرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 22 April 2010۔ اڻڄاتل پيراميٽر|deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. 12345678آرڪائيو ڪيا ويا 2007-11-14 حوالو موجود آهيوي بيڪ مشين. سي.آء. اي.فيڪٽس بڪ
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=بيلاروس&oldid=339857" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرا:

[8]ページ先頭

©2009-2026 Movatter.jp