بنگلاديشڏکڻ ايشيا جو اهو ملڪ آهي، جنهن جي تقريباً هر پاسي کانهندستان آهي. پر ڏکڻ اوڀر ۾ هن جو ڪجهه حصوبرما ۽ خليج بنگال سان لڳي ٿو جتيگنگا ،برھمپترا ۽ميگھنا ندين جون ڊيلٽائون پڻ واقع آھن جن جي ڪري اڪثر ملڪ جو چڱو حصو ٻوڏ جو شڪار رھندو آھي.[12]. بنگلا ديش هن وقتسارڪ ۽او آئي سي جو رڪن آهي.
بينگال تاريخ ۾ اوڀر بينگال (موجوده بنگلاديش) ۽ انڊيا جي رياست اولھ بنگال تي مشتمل علائقو ھيو. جنھن ۾ اوڀر بينگال ٻيلن تي مشتمل علائقو ھيو جنھن ۾ قبيلائي نظام ۾ شڪار ۽ کاڌو گڏ ڪندڙ ماڻھو رھندڙ ھيا ۽ اھو خطو ھندوستان جي اتر اوڀر واري ٻيلن تي مشتمل سرحد طور سڃاتو ويندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ اولھ بينگال ۾ رياستون وجود ۾ اينديون رھيون[12]. جن ۾ ٻڌن جو پالا خاندان جو راڄ ۽ برھمڻن جو سينا گھراڻي جو راڄ پڻ شامل آھن[12]. مسلمان پھريون ڀيرو دھلي سلطنت جي قائم ٿيڻ بعد فتحون ڪندا ھتي پھتا[12]. انھن ۾ افغاني، ايراني ۽ ترڪ شامل ھيا جن شروعاتي مسلمان رياستون اولھ بينگال ۾ قائم ڪري ورتيون[12]. پر مسلمانن جي باقائده طاقتور حڪومت مغل خاندان جي اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ قائم ٿي پر مقامي آبادي غيرمسلم ھئي جيڪا سورھين صدي ۾ مسلمان صوفي بزرگن جي تبليغي ڪم ۽ مسلمانن جي دؤر ۾ اوڀر بينگال جي معاشي پائداري جي ڪري آبادي جو وڏو حصو اسلام ۾ داخل ٿي ويو..[12]. يورپين مان سڀ کان اول ھتي پورچوگيز 1517 ۾ پھتا جن کان پوء ڊچ 1602 ۾ ھتي اچڻ شروع ٿيا، 1650 ۾ انگريز ، 1690 ۾ فرانسيسي ۽ 1755 ۾ ڊينمارڪ جا ڊين ھتي اچڻ شروع ٿيا[12]. پر انھن مان انگريز ھتي قابض ٿي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اھڙي طرح 1757 کان 1857 تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني ھتي حڪومت ڪئي ۽ 1857 کان 1947 تائين برطانوي سرڪار سڌوسنئون حڪومت ڪئي[12]. ھن خطي ۾ اوڻويھين صدي ۾ مسلمانن ۾ ٻہ مذھبي تحريڪون زور سان ھليون جن ۾فرائضي تحريڪ ۽ سيد احمد شھيد کان متاثر ٿيلطريقه محمديه شامل ھيون[12].1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي وقت اوڀر بنگال (هاڻوڪو بنگلاديش) پاڪستان جو حصو بڻيو. ان وقتاوڀر پاڪستان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾عوامي ليگ سموري اوڀر پاڪستان جون 97 سيڪڙو نشستون کٽي وئي. ان وقت اوڀر پاڪستان جي آبادي پاڪستان جي ڪل آبادي جو 55 سيڪڙو هئي.عوامي ليگ واضع اڪثريت سان وفاقي حڪومت ٺاهڻ جيتري ڪاميابي ماڻي ورتي هئي. پر ان وقت جنرل يحي خان واري فوجي حڪومت مجيب الرحمان تي ڇھ نقطن واري پروگرام تي نظرثاني ڪرڻ جو زور رکيو ۽ ھو ايئن ڪرڻ لاء راضي نه ٿيو جنھن تي معاملا بگڙي ويا. اقتدار نہ ملڻ جي ڪري تحريڪ شروع ٿي وئي جنھن کي طاقت جي استعمال سان چيڀاٽڻ لاء فوجي ايڪشن شروع ٿيو نتيجي ۾ ھزارين ماڻھو مارجي ويا ۽ فوجي ايڪشن دوران فوج تي ھزارين عورتن جي لڄالٽ جا الزام پڻ لڳا جن جي تصديق پڻ ٿي. ان طاقت جي استعمال تي عوامي ليگ جي قيادت آزادي جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان گھرو ويڙھ دوران انڊيا بنگالي عوام جي مدد ۾ مداخلت ڪندي پاڪستان سان جنگ جي شروعات ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ 1971 ۾ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ بنگلاديش جي آزاديءَ جي راھ ھموار ٿي وئي ۽ ھي ملڪ وجود ۾ آيو جنھن کي جلد ئي پوري دنيا ۾ تسليم ڪيو .درياءِ گنگا ۽برهم پترا بنگلاديش ۾دريائي ٽڪور ٺاهيخليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. بنگلاديش جي سياسي حالتپاڪستان وانگر آهي جتي فوج اقتدار ۾ ايندي رھندي آھي. 1975 ۾ فوجي بغاوت ۾ مجيب الرحمان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو جيڪو پاڻ بہ پنھنجي خاندان سميت مارجي ويو. ان بعد بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ملڪ ۾ غالب پارٽي رھي.بعد ۾ عوامي ليگ ٻيھر اقتدار ۾ اچي وئي[12].
ھن ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ آهي جنھن جو 83 سيڪڙو مسلمان ۽ 16 سيڪڙو ھندو آھن. ھن ملڪ ۾ انڊونيشيا ، پاڪستان ۽ ڀارت کان پوء مسلمانن جو دنيا ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آھي[12]. ھن ملڪ جو سرڪاري مذھب پڻ اسلام آھي. مسلمانن جي ملڪن ۾ سڀ کان گھڻا ھندو ھن ملڪ ۾ رھن ٿا[12]. مسلمانن جي اڪثريت سني اسلام جي حنفي فقه سان تعلق رکندڙ آهي[12]. ھندن جي اڪثريت جو تعلق شيڊول وارين ذاتين سان آهي جن کي ماضي ۾ اڇوت ياھريجن (خدا جا ٻچا) سڏيو ويندو هو[12]. مٿين طبقي جا ھندو 1947 ۾ انڊيا جي رياست اولھ بينگال ھجرت ڪري ويا[12].
- ↑"NATIONAL SYMBOLS→National march",Bangladesh Tourism Board, Bangladesh: Ministry of Civil Aviation & Tourism, "In 13 January 1972, the ministry of Bangladesh has adopted this song as a national marching song on its first meeting after the country's independence."
- ↑"Article 3. The state language". The Constitution of the People's Republic of Bangladesh. Ministry of Law, The People's Republic of Bangladesh.http://bdlaws.minlaw.gov.bd/sections_detail.php?id=367§ions_id=24550. Retrieved 1 February 2017.
- ↑[Discover Bangladesh]
|trans-title= گهرجي|title= (مدد) (ٻولي ۾ بنگالي), National Web Portal of Bangladesh, حاصل ڪيل 13 February 2015۔ - ↑Ethnologue Bangladesh
- ↑Ethnologue Classification
- ↑"The Calcutta Review", 1 January 1941 – ذريعي وٽان Google Books۔ [Mussalman also used in this work.]
- ↑Choudhury, A. K. (1 January 1984),"The Independence of East Bengal: A Historical Process", A.K. Choudhury – ذريعي وٽان Google Books۔ [Mussalman also used in this work.]
- ↑حوالي جي چڪ: Invalid
<ref> tag; no text was provided for refs namedবাংলাদেশ - ↑9.09.19.29.3"Bangladesh",World Economic Outlook Database,IMF۔
- ↑"Gini Index",World Bank, 9 February 2015 تي اصل کانآرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2 March 2011۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑"Human Development Report 2016", United Nations Development Programme, 2016, حاصل ڪيل 6 April 2017۔
- ↑12.0012.0112.0212.0312.0412.0512.0612.0712.0812.0912.1012.1112.1212.1312.14 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001- pages# 86,87،88