Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

اڱارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڱارو هفتي جو ٻيو ڏينهن آهي. اڱاروسومر ۽اربع جي وچ وارو ڏينهن آهي.اڱارو = هن ڏينهن جو نالو سنسڪرت لفظ انگارڪ مان ورتو ويو آهي جنهن جون معنائون آهن.

  1. مريخ گرھ
  2. اهو جيڪو رنگ جو ڳاڙهو هجي. (Angāraka (अङ्गारक) - one who is red in colour also called)
  3. چارڪولcharcoal يعني اهڙي شيء جيڪا بنا هوا جي موجودگي جو ساڙي وڃي.
  4. هندن ۾ ڪن ھنڌن تي انگارڪ نالو ڇوڪرن تي رکيو وڃي ٿو.

هن ڏينهن جو گرھ مريخ آهي.

سنسڪرت منگلوار. منگل = منگل گرھ، Mars، مريخ + وار = ڏينهن. Tuesday. معنيٰ سدورو، سڀاڳو.[1]

’منگل‘ تان منگل خان، منگل مل، منگل راءِ. منگل

تاريخ

[سنواريو]

هفتي جو ٽيون ڏينهن جنهن کي هندو منگلوار چون، -اڱارو- هڪ قديم سنڌي لفظ آهي. -ان- سان ملندڙ لفظ هندستان جي ٻين ٻولين جي قديم ادب مان به مليا آهن. جيئن راجسٿانيءَ ۾ ”آڱري وار“، مرهٽيءَ ۾ ”اڱاروار“ ۽ پراچين مهاراشٽر ۾ ”انگارء وار“، جيڪو -ان- ٻوليءَ جي ٻه هزار سال پراڻي ڪتاب ”ستسئي“ ۾ ڪم آيل آهي. سنسڪرت جي مشهور لغت ”امر ڪوش“ ۾ اهو ساڳيو لفظ ”انگارڪ وار“ معنيٰ ”منگلوار“ ڏنل آهي. -اڱارو- هندي لفظ منگل جي برابر آهي. منگل -آسمان- ۾ نظر ايندڙ ڳاڙهو تارو آهي، جنهن کي ’منگل ديوتا‘ جي حيثيت حاصل آهي. اهو ئي تارو قديم يونان ۽ روم جو “Mars” (ديوتا) آهي.[2]

انگريزي Tuesday

[سنواريو]

انگريزي ۾Tuesday جيڪو سيڪسنس ٻولي وران پنهنجي ديوتاTiu يا Týr يا Tíw يا Tīwaz مان سندس نالي پٺيان سندس عبادت لاءَ ڏينهن کيTuesday چوندا هئا.

گيلري

[سنواريو]
  • انگراڪ ديوتا
    انگراڪ ديوتا
  • منگلا ديوتا (انگراڪ ديوتا)
    منگلا ديوتا (انگراڪ ديوتا)
  • مريخ (اڱاري جو ديوتا گرھ)
    مريخ (اڱاري جو ديوتا گرھ)
  • ٽِيو (سيڪسن جو ديوتا)
    ٽِيو (سيڪسن جو ديوتا)

حوالا

[سنواريو]
  1. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%B1%D8%A7%D8%B1%D9%88



ھي مضمونڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿاان کي سنواري.
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=اڱارو&oldid=292951" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرو:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp