Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

اُرڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
RougeoleDP

ارڙِي، ننڍي ماتا، (Measles): هڪ قسم جي چمڙيءَ جي پکڙجندڙ بيماري، جيڪا ”ماتا“ وانگر ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي بيماريءَ طور مشهور آهي پر ٻنهي ۾ فرق آهي. اها بيماري هڪ خاصوائرس سان پکڙبي آهي. -ان- جا داڻا ٻاجهريءَ جي داڻن جيڏا ۽ ڳاڙها، خشڪ ۽ بنا روڳ جي ٿيندا آهن. هيءَ بيماري گهڻو ڪريچيٽ جي مهيني ۾ ٿيندي آهي. هن بيماريءَ ۾تپ تيز ٿيندو آهي ۽چيلهه ۾ سور،نڪ ۾ خارش، -اکيون- ڳاڙهيون ٿينديون آهن. اکين ۽ نڪ مان -پاڻي- وهندو آهي. اُرڙيءَ ۾ تپ گهڻو ٿيندو آهي ۽ اُرڙيءَ جا داڻا جلد نڪرندا آهن. اُرڙي، ماتا کان گهڻي نقصانڪار ٿيندي آهي. خاص ڪري داڻن جو رنگڪارو،نيرو ياواڱڻائي هجي ته بيقراري ۽ بيهوشي ٿيندي. هڪ ڀيرو اها بيماري ٿيڻ کان پوءِ جسم ۾ -ان- خلاف ايتري قوت مدافعت ٿيندي آهي جو وري تا عمر ڪا نه ٿيندي آهي. عام طرح چوندا آهن ته ”ماتا“ يا ”اُرڙيءَ“ ۾ ڪابه دوا ناهي ڪرڻي، پر اهو خيال غلط آهي. باقاعدي علاج جي ضرورت ٿيندي آهي. طبيبن ۽ ڊاڪٽرن وٽ ارڙيءَ توڙي ماتا جي بيماريءَ جو علاج موجود آهي. -ان- ڏس ۾ ڊاڪٽري علاج کانسواءِ حڪيم شمس الدين جي ڪتاب ”آسان علاج“ ۾ ڪافي مواد آهي.[1]

Video summary (script)

ٻيا نالا

[سنواريو]

اُرڙي، لُنڊي، پنجڙي پنجِڙِي (اُرڙي)، ننڍي مائي ننڍي مائي (اُرڙي)، ٿَڌِڙا[2][3]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. اُرڙي : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. "Measles word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary",sindhyat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 11 اپريل 2020۔ 
  3. "Measles | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون",dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 11 اپريل 2020۔ 
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=اُرڙي&oldid=323831" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرو:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp