Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

انگريزي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انگريزي (انگلش)
اچار/ˈɪŋɡlɪʃ/[1]
خطوبرطانوي ٻيٽ (اصل وطن)
انگريزي ڳالھائيندڙ دنيا
نسلاينگلو سيڪسنس (تاريخي لحاظ کان)
ٻولي ڳالهائيندڙ
36–40 ڪروڙ (2006)[2]
ٻين زبان طور ڳالھائيندڙ: 75  ڪروڙ;
ڌاري ٻولي واري حيثيت ۾: 60–70 ڪروڙ[2]
پراڻيون صورتون
مصنوعي ڪوڊن واري انگريزي
(ڪثير نظامن وارا)
سرڪاري حيثيت
سرڪاري ٻولي وغيره
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-1en
ISO 639-2eng
ISO 639-3eng
گلوٽولوگstan1293[3]
لنگاسفيئر52-ABA
  علائقا جتي انگريزي اڪثريت جي مادري ٻولي آهي
  علائقا جتي انگريزي اڪثريت جي مادري ٻولي نہ ھوندي بہ سرڪاري ٻولي آھي
This article containsIPA phonetic symbols. Without properrendering support, you may seequestion marks, boxes, or other symbols instead ofUnicode characters. For a guide to IPA symbols, seeHelp:IPA.

انگريزي (انگريزي:English)برطانوي ٻيٽن جي مقامي ٻولي ھجڻ سميت سڄي دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ هڪ وسيع ٻولي آهي. انگريزي پاڪستان سميت دنيا جي 67 خودمختيار ملڪن ۽ 27 علائقن جي سرڪاري ٻولي آھي. انگريزيدنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي آهي جڏهن ته هيءَ سڄي دنيا ۾ رابطي جي ٻولي سمجهي وڃي ٿي. مادري ٻولي (مادري زبان) جي طور تيدُنيا جي سڀ کان وڏي ٻوليجديد چيني ٻولي آهي جنهن کي 70 ڪروڙ فرد ڳالهائين ٿا، ان کانپوءِ انگريزي آهي، جيڪا گهڻا ماڻهو ثانوي (ٻئي ٻولي, سيڪنڊري لينگوج) يا رابطي جي زبان جي طور تي ڳالهائيندا آهن جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن فردن جو انگ هڪ ارب کان مٿي ٿي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 35 ڪروڙ 40 لَک فردن جي مادري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته ٻي ٻوليءَ جي حيثيت سان انگريزي ڳالهائڻ وارن انگ 75 ڪروڙ کان ڏيڍ اربن جي وچ ۾ آهي. انگريزي، مواصلات، تعليم، ڪاروبار، هوا بازي، تفريح، سفارتڪاري ۽انٽرنيٽ ۾ سڀ کان اعليٰ بين الاقوامي ٻولي آهي. هي 1945ع ۾گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کان هينئر تائين ان جي سرڪاري ٻولين منجهان هڪ آهي.

انگريزي يا انگلش نالو قديم زماني جيجرمنڪ ماڻھن جي ھڪ گروھاينگلز مان نڪتل آهي. اھي ماڻھو بالٽڪ سمنڊ جي ھڪاپٻيٽاينگليا مان لڏي برطانوي ٻيٽن ۾ اچي آباد ٿيا ۽ اھڙي طرح ان نئين علائقي تي پڻ انھن جي نالي تي انگلينڊ نالو پئجي ويو. انگريزي ٻوليفريزيئن ٻولين ۽ھيٺاھين سيڪسن ٻولي سان وڌيڪ نزديڪ آھي ۽ ان جي لغت وڏي پيماني تي ٻين جرمنڪ ٻولين مان متاثر ٿيل آھي. انھن ٻولين ۾اتر جرمنڪ ٻولين مانآڳاٽي نورس،لاطيني ۽فرينچ ٻولي شامل آهن[4].[5][6]انگريزي ٻولي جي ارتقا 1400 سالن ۾ ٿي. ان جي اوائلي نمونن ۾ اولھ جرمنڪ ٻولي:انجويئونڪ ٻولي جو لھجو شامل آھي جيڪا اينگلو ۽ سيڪسن ماڻھو برطانوي ٻيٽن ۾ پنجين صدي عيسويءَ ۾ کڻي آيا. انھن اوائلي نمونن کي گڏائيآڳاٽي انگريزي يا پراڻي انگريزي سڏيندا آهن. يارھين صدي عيسويءَ ۾نارمن واري فتح بعد آڳاٽي فرينچ ٻولي ۽ نارمن ٻولين کان متاثر ٿينديوچولي انگريزي جي شروعات ٿي[7][8] پندرهين صدي عيسويءَ ۾ لنڊن ۾ پرنٽنگ پريس جي آمد سان ۽ڪنگ جيمز بائيبل ۽ حروف علت جي تبديلين سان آڳاٽي جديد انگريزي جي شروعات ٿي[9]. سترھين صدي عيسويءَ ۾ برٽش ايمپائر ۽ آمريڪا کان متاثر ٿيندي جديد انگريزي جي شروعات ٿي جيڪا ھڪ عالمي ٻولي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اندررابطي جي ٻولي بڻجي وئي ۽ ھڪ اندازي مطابق دنيا جا ٻہ ارب ماڻھو اھا ٻولي ڳالھائيندا يا ڳالھائي سگھندا آهن.[10] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق هن ٻوليءَ جاڪوڪني (Cockney) سوس (Scouse) گوردي (Geordi) -اوڀر انگيليا، برمن، سائوٿو ويلز، ايڊنبرگ،بيلفاسٽڪارنوال،ڪمبرلينڊ (Cumberland)مرڪزي ڪمبرلينڊ،ديور شاير (Devar shire)اڀرندي ديور شاير،ڊورسيٽ (Dorset)دُرهم (Durham)بولٽن لينڪشاير،ريڊڪلف لينڪ شاير،ناٿرميرلينڊ،نارفوڪ (Norfolk)، نيوڪبسل نارٿم برلينڊ، ۽ ٻيا لهجا آهن[11]. هي -ٻولي- جرمن ٻوليءَ سان 60 سيڪڙو فرينچ سان ۽ 27 سيڪڙو ۽ روسيءَ سان 24 سيڪڙو مشابهت رکي ٿي[11]. هن ٻوليءَ جو اصل وطنبرطانيا آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ -پاڪستان-، -جپان- ۽ ٻيا سوين ملڪ -جن- ۾ -انگريزي- نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر -تعليم- جو ذريعو به -انگريزي- آهي[11]. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي[11]. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي[11]. هيءَ ٻولي هند يورپيائي، جرمنيائي، اولهه انگريزي ٻولين جي خاندان مان آهي. هي ٻولي رومن خط ۾ لکي وڃي ٿي[11]. برطانيه ۾ 55000000 ۽ دنيا ۾ 1999ع جي رپورٽ موجب 30935280 ماڻهو هي -ٻولي- ٻي ٻوليءَ طور لکن پڙهن ٿا[11]. آسٽريليا ۾ 15682000 ماڻهو، بربادوس ۾ 13000، برازيل ۾ 55998، برمودا ۾ 58800، (هتي به هي سرڪاري ٻولي آهي) برٽش انڊيا ۾ سرڪاري ٻولي، برونائيءَ ۾ قومي ٻولي 8000 ڳالهائڻ وارا، ڪمبوڊيا ۾ فرنيچ ٻوليءَ جي جاءِ وٺي رهي آهي، ڪينياڊا ۾ سرڪاري -ٻولي- 17100000 ڳالهائڻ وارا، چين ۾ (1993ع) 54000 خاص طور هانگ ڪانگ ۾، ايٿوپيا ۾ (1986ع) سرڪاري ٻولي. فجي ۾ (1976ع) 4929 سرڪاري ٻولي، گمنبيا هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري ٻولي، گهانا (1977ع) ۾ 1000000 سرڪاري ٻولي، گوانا ۾ قومي ٻولي، هندوستان ۾ قومي ٻولي 11021610 ڳالهائڻ وارا، آئرلينڊ ۾ قومي ٻولي 2600000 ڳالهائڻ وارا، -اسرائيل- ۾ انگلٽ (Anglit) لهجو ڳالهائجي ٿي[11]. سرڪاري -ٻولي- شيم ئيل آهي (1993ع) ۾ 100000 ڳالهائڻ وارا، ڪينيا ۾ سرڪاري ٻولي، لبنان ۾ هي ٻولي گهرن يا بزارن ۾ ڪانه ڳالهائجي صرف 3300 (2004ع) ڳالهائڻ وارا، مالوي ۾ سرڪاري ٻولي 18000 هزار ڳالهائڻ وارا، مالٽا ۾ سرڪاري ٻولي 2400 ڳالهائڻ وارا. ماريشش ۾ سرڪاري -ٻولي- صرف 3000 ڳالهائڻ وارا. نائيجريا ۾ ڏهه لک، نيوزلينڊ ۾ سرڪاري ٻولي 3213000 ڳالهائڻ وارا ۽ ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ۾ تمام گهڻو ادب پيدا ٿئي ٿو[11].

پُراڻِي يا آڳاٽي اَنگِريزِي

[سنواريو]

جديد انگريزيءَ جِي ماءُ، جنھن کي اينگلوسيڪسَن پڻ سڏيو ويندو آھي. اھا 400ع کان 1100ع تائين برطانيا ۾ ڳالھائي ويندي ھئي. اِنَ کي اسمن ۽ صفتُن جون پنج حالَتُون آھي.[12]

وِچولي دورَ جِي اَنگِريزِي

[سنواريو]

نئين انگريزيءَ جي ماءُ ٻولي، جيڪا سن 1100ع کان 1600ع تائين انگلستان ۾ ڳالھائي ويندي ھئي. ان جي اوسر اينگلو سيڪسن مان ٿي، جنھن تي نارمن قبضي کان پوءِ فرانسيسي ۽ لاطيني ٻولين جو تمام گھرو اثر پيو.[13]

ڊي فيڪٽو
گڏيل قومن جون سرڪاريٻوليون
Search Wikimedia Commonsوڪيميڊيا العام ۾انگريزي ٻولي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو.

حوالا

[سنواريو]
  1. Oxford Learner's Dictionary 2015, Entry:English – Pronunciation.
  2. 2.02.1Crystal 2006424–426.
  3. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "انگريزي". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History.http://glottolog.org/resource/languoid/id/stan1293. 
  4. Finkenstaedt, Thomas; Dieter Wolff (1973). Ordered profusion; studies in dictionaries and the English lexicon. C. Winter.ISBN978-3-533-02253-4. 
  5. Bammesberger 199230.
  6. Svartvik & Leech 200639.
  7. Ian Short,A Companion to the Anglo-Norman World, "Language and Literature", Boydell & Brewer Ltd, 2007. (p. 193)
  8. Crystal 2003b30.
  9. "How English evolved into a global language", BBC, 20 December 2010, حاصل ڪيل 9 August 2015۔ 
  10. Crystal, David (2008). "Two thousand million?" (en-US ۾). English Today 24 (1): 3–6.doi:10.1017/S0266078408000023. 
  11. 11.011.111.211.311.411.511.611.711.8 [انگريزي : (Sindhianaسنڌيانا) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  12. پُراڻِي اَنگِريزِيِ - Wiktionary
  13. وِچَ زمانِي اَنگريزِي - Wiktionary
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=انگريزي_ٻولي&oldid=314076" تان ورتل
زمرا:
لڪيل زمرو:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp