البانيا(انگريزي:Albania)ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ واقع آهي.[6]جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف البانيا آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شھرتيرانا (Tirana) آھي. 28748 چورس ڪلوميٽر پکيڙ رکندڙ ھن ملڪ جي آبادي ٽيھ لک آھي. ھن ملڪ جا تيرانا کان علاوه ٻين وڏن شھرن ۾دريس (انگريزي: Durrës), ولورا (انگريزي: Vlorë)، سريند (انگريزي: Sarandë)، شڪودرا (انگريزي: Shkodër)، بيرات (انگريزي: Berat)، ڪورچ (انگريزي: Korçë)، جيروڪاستر (انگريزي: Gjirokastër) ۽ فاير (انگريزي: Fier])شامل آهن.
البانيا بلقان اپٻيٽ جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي جتي ان جون حدون اتر اولھ ۾مونٽي نيگرو، اتر اوڀر ۾ڪوسووو، اوڀر ۾ميسيدونيا ۽ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر۾يونان سان ملن ٿيون.ھن ملڪ جو وڏو حصو جابلو آھي جنھن ۾ اتريون البانيائيالپس جبل ۽ اوڀر ۾ڪوراب جبل ، ڏکڻ واروسرونيئن جبل ۽ وچ البانيا ۾اسڪيندر بيگ جبل پڻ شامل آھن.ھن ملڪ جا ساحلي ڪنارا اتر اولھ ۾ايڊريئاٽڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ اولھ ۾آئيونيئن سمنڊ سان ملن ٿا ان سان گڏوگڏدرياءَ البانيا پڻ ھن ملڪ ۾ وھي ٿو.ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ41 00 N, 20 00 E آھي. يورپ جي ھن ننڍڙي ملڪ جي ايراضي28748 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 27398 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 1350 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ 145 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 691 ڪلوميٽر آهي جن مان 212 ڪلوميٽر يونان سان، 112 ڪلوميٽر ڪوسووو سان، 186 ڪلوميٽر مونٽي نيگرو سان ۽ 181 ڪلوميٽر ميسيدونيا سان مليس ٿي. ملڪ جو سامونڊي ڪنارو 362 ڪلوميٽر آهي ۽ سمنڊ م ھن ملڪ جي حد 12ناٽيڪل ميلن تائين آهي.ھن ملڪ جي سمنڊ جي سطح کان سراسري بلندي 708 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان اوچو مقامماجاء ڪورابت (گولام ڪوراب) آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 2764 ميٽر بلند آھي.[7]
جولائي 2017 جي انگن اکرن مطابق ھن ملڪ جي آبادي3047987 ھئي. دنيا جي ملڪن سان ڀيٽ ۾ ھي ملڪ 136 نمبر تي آهي. ملڪ جا ماڻهو البانيائي يا البانين سڏبا آهن. آبادي جو 82.6 سيڪڙوالبانيائي ماڻهو آھن، 0.9 سيڪڙو يوناني.
ملڪ جي 98.8 سيڪڙو آبادي جي ٻوليالبانيائي آھي جيڪا ملڪ جي سرڪاري زبان آھي. ان کان سواءِ 0.5 ماڻھويوناني ڳالھائيندا آھن. باقي 0.6 سيڪڙو ماڻهوروماني،ولاچ،ترڪي ۽اٽالين ۽ ٻيون ڳالھائيندا آھن.
ھن ملڪ ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي. آبادي جو 56.7 سيڪڙو ماڻهو اسلام سان تعلق رکندڙ آھن. باقي ٻين مذھبن ۾ رومن ڪيٿولڪ 10 سيڪڙو، آرٿوڊڪس 6.8 سيڪڙو، لادينيت 2.5 سيڪڙو، بيڪتاشي (صوفي سلسلو)2.1 سيڪڙو آھن. 1967 ۾ ھتي سڀني مسجدن ۽ چرچن کي بند ڪري مذھبي رسمن جي ادائگي تي پندش وڌي وئي ھئي پر نومبر 1990 ۾ بندش ختم ڪري مذھبي آزادي ڏني وئي.
ھن ملڪ جي معدني وسيلن ۾پيٽرول،قدرتي گئس،ڪوئلو،باڪسائيٽ،ڪرمائيٽ،ٽامو،لوھ،نڪل،لوڻ،عمارتي ڪاٺ شامل آهن.ملڪ ۾ زراعت واري زمين % 42.86 آھي جنھن مان %52.42 پوکي لائق آھي ۽ %6.84 زرعي زمين تي مستقل پوک ٿيندي آهي.%40.73 زرعي زمين چراگاھن تي مشتمل آهي ۽ %28.19 سيڪڙو تي ٻيلا واقع آھن. 2014 جي انگ اکرن مطابق ھن ملڪ جي آبپاشي واري زمين 3537 چورس ڪلوميٽر آهي.[8]
ھن ملڪ جي آبهوا ٿورڙيٽيمپريٽ آھي.ھميشہ ٿڌي ۽ جھڙالي ھوندي آھي. سياري جو موسم گھميل رھندي آھي ۽ اونھاري جو وري گرمي ٿئي ٿي ۽ موسم خشڪ ۽ صاف ھوندي آھي.
شروع ۾اليريائي،ٿريشيائي ۽ڪيئونيائي قبيلن جا ماڻهو ھن سرزمين تي رھندا ھئا ۽ ان جي اليريائي سامونڊي ڪناري تي کوڙ يوناني ڪالونيون آباد ٿيل ھيون جنھن بعد ٽين صدي قبل مسيح ۾ رومن ايمپائر ھن پرڳڻي کي پنهنجي سرحدن۾ ضم ڪري ڇڏيو.
البانيا 1912 ۾خلافت عثمانيہ کان پنھنجي آزادي جو اعلان ڪيو پر 1939 م اٽلي کيس فتح ڪيو ۽ 1943 ۾ جرمني ان تي قبضي ڪيو. 1944 ۾ ڪميونسٽ پارٽي وارن ملڪ کي پنھنجي ضابطي ۾ آندو جنھن بعد ھي ملڪ سويت يونين جو اتحادي ٿي ويو ۽ 1960 تائين ان اتحاد ۾ شامل رھيو. ان کان پوءِ 1978 تائين ھي ملڪچين جو اتحادي رھيو 1990 واري شروعاتي ڏھاڪي ۾ البانيا ۾ ڪميونسٽ نظام جي 46 سالن جي دؤر جو خاتمو ٿيو ۽ گھڻين پارٽين جي جمھوريت جو آغاز ٿيو. 1991 ۾ اتي گھڻ جمائتي عام چونڊون ٿيون. اپريل 2009 ۾ البانياناٽو ۾ شامل ٿيو. ھي ملڪ اڃان تائين يورپ جي غريب ترين ملڪن ۾ شامل آھي.[9]
ھن ملڪ جو پورو نالو ريپبلڪ آف البانيا آھي.البانوي ٻولي ۾ کيس Republika e Shqiperise سڏيندا آهن. الباني لفظ Shqiperise جو مطلب عقاب(انگريزي: Eagle) آھي.لفظ البانيا جو مطلب عام طور تي عقابن جي سرزمين سمجھيو ويندو آھي.
ھن ملڪ ھڪپارلياماني ريپبلڪ آھي جنھن جي گاديءَ جو هنڌ تيرانا آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 41 19 N, 19 49 E آھي. 28 نومبر 1912ع تي خلافت عثمانيه کان آزادي حاصل ڪرڻ تي ان ڏينهن کي فليگ ڊي (انگريزي: Flag Day) ڪري ملھايو ويندو آهي. ھي ملڪ عالمي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي. ھي ملڪ ٻٽي شھريت کي تسليم ڪندڙ آھي. رھائش جي جي بنياد تي شھريت لاءِ مدو پنج سال اٿس. ووٽ ڏيڻ جو حق شھرين کي 18 سالن جي عمر ۾ ملي ٿو. رياست جو سربراھ ھتي صدر ۽ حڪومتي سربراھ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ جو وزيراعظم ھوندو آھي.ملڪ جي صدر کي اسيمبلي پنج سالن لاءِ چونڊيندي آھي ۽ اھو ٻيھر چونڊجڻ لاء بہ اھل ھوندو آھي. اڪثريتي پارٽيءَ جي رٿ تي وزيراعظم کي صدر چونڊيندو آھي. ھن ملڪ جي قانونساز اسيمبلي ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالوڪويندي (انگريزي: Kuvendi) آھي جنھن جا 140 رڪن آھن جيڪي سڌا سنوان تڪن مان چار سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ھتان جي سپريم ڪورٽ ۾ 17 جج ھوندا آھن جن ۾ چيف جسٽس پڻ شامل آهي. آئيني ڪورٽن ۾ 9 جج ٿين ٿا جن ۾ انھن جو چيئرمين پڻ شامل ھوندو آھي. انھن سڀني اعلي عدالتن جي ججن ۽ چيئرمين جي مقرري ملڪ جو صدر اسيمبليء جي مشوري سان 9 سالن جي عرصي لاءِ ڪندو آهي.