Movatterモバイル変換


[0]ホーム

URL:


مواد ڏانھن هلو
وڪيپيڊيا
ڳولا

اربع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اربع هفتي جو ٽيون ڏينهن آهي. اربعاڱاري ۽خميس جي وچ ۾ ايندو آهي. اردوءَ ۾ ان کي بڌ (بدھ)چوندا آھن.

لفظ اربع

[سنواريو]

اربع اصل عربي ٻولي جي لفظ ”اربع“ يا ”اربعه“ جنهن جي معنيٰ چار آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڦيري مطابق پڇاڙيءَ ۾ ’الف‘ وڌائي مؤنث صورت ۾ ”-اربعا-“ (=چوٿون يا چوٿين) کي هفتي جو چوٿون ڏينهن ڪيو ويو. ڇو جو نجوم مطابق هفتي جا ڏينهن -آچر- (-آرتوار-) کان شروع ٿيندا، ان ڪريآچر هفتي جو پهريون ڏينهن،سومر ٻيون ڏينهن،اڱارو ٽيون ڏينهن ۽ ٻڌر چوٿون ڏينهن هو.

ٻڌر مان اربع ٿيڻ

[سنواريو]

عربن کان پهريان هن ڏينهن کيٻڌر چوندا هئا. جيڪو پڻ سنسڪرت لفظ ٻڌ مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني عطارد گرھ آهي. اردو ۾ به هي ڏينهن ساڳي نسبت سان بدھ سڏيو ويندو آهي. ۽ هندي ۾ ساڳي طريقي سان بدھ وار چيو وڃي ٿو.[1]

. سنڌي هندو -ان- کي ’-ٻڌر-‘ چوندا آهن

’ٻڌر‘ تان ٻڌر مل نالو پڻ هندن ۾ آهي.

گرھ عطارد آهي.ٻڌر سنڪسرت ٻُڌ = گرهه. Mercuryعطارد + وار = ڏينهن. ٻڌ = سياڻو، داناءُ.[2]

هن حوالي سنڌي ٻولي هيٺيون چوڻيون مشهور آهن:

[سنواريو]

اَربَع خَطا

ث. چار گناه (شرع موجب ٽي گناه معاف ڪيا ويندا آهن). ڳري خطا. نه معاف ٿيڻ جهڙو ڏوهه.

اَربَع خطا ٿِيَڻُ

چوٿون ڀيرو گناه ٿيڻ. ناقابل معافي ڏوه ٿيڻ.

انگريزي Wednesday

[سنواريو]

انگريزي ۾ هن ڏينهن کيWednesday سيڪسنس ديوتا جنهن جا نالاوُڊن/ وُڊان/ اوڊن / وُٽن / ووٽان مخلتف لهجن ۾ آهن..

گيلري

[سنواريو]
  • ٻڌ (عطارد) گرھ
    ٻڌ (عطارد) گرھ
  • ٻڌ ديوتا
    ٻڌ ديوتا
  • ٻڌ ديو جي مورتي
    ٻڌ ديو جي مورتي
  • وُڊن / اوڊن ديوتا
    وُڊن / اوڊن ديوتا
  • سيڪسنس جو ديوتا وُڊن
    سيڪسنس جو ديوتا وُڊن


حوالا

[سنواريو]
  1. اربعا : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=اربع&oldid=292956" تان ورتل
زمرا:

[8]ページ先頭

©2009-2025 Movatter.jp