اتر ڪوريا(انگريزي:North Korea)ايشيا کنڊ جي اوڀر واري پاسيجزیرہ نما ڪوريا جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع ھڪ ملڪ جنھن جو سرڪاري نالوعوامي جمهوريه ڪوريا ياڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا آھي. هي اتر اوڀر ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾چين، اتر اوڀر ۾روس، اوڀر ۾جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ڏکڻ ڪوريا ۽ اولهه ۾یالو سمنڊ واقع آھي. ڪل پکيڙ 1,22,098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. ھي ملڪ پوري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جي جائز حاڪميت جو دعويدار آھي. ان جي گادي جو هنڌپيانگ يانگ آھي. هتان جي سرڪاري ٻولي ڪورين آهي.
ملڪي آئين جي پھرين شق مطابق ھي ملڪ ھڪ خودمختيارسماجوادي رياست آھي.[12] ھتي جي ھڪ پارٽي واري نظام ھيٺ ڪوريا جي ورڪرز پارٽي ۽ ڪم خاندان جي سربراھي واريمطلق العنانآمريت تي مشتمل آهي.[3][4][5][13][14] ھن ملڪ جو آئين جوشي نظريي تي مشتمل آهي. ملڪ جا سمورا پيداواري ذريعا رياست جي ملڪيت آھن. ھتان جي فوج چين، آمريڪا ۽ انڊيا کان پوء دنيا جي چوٿين وڏي فوج آھي جنھن ۾ فعال فوجي تعداد 12،10،000 آھي. ھن ملڪ وٽ ايٽمي ھٿيار پڻ آھن. گڏيل قومن ۾ رڪنيت سان گڏوگڏ ھي ملڪ آسيان، غيرجانبدار تحريڪ ۽ گروپ-77 ۾ پڻ شامل آهي. قديم سلطنت ڪوريو (Koryo) جي مناسبت سان ان کي ڪوريا سڏيو ويو. ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ پائي ڪتوسان (بلندي 2744 ميٽر) آهي.
اتر ڪوريا هڪ مضبوط سوشلسٽ حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ سال 1991ع کان اٿس.[15] سال 2019ع ۾ اتر ڪوريا هائيڊروجن بم جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي اتان جي سرڪاري ٽي وي تي ظاھر ڪيو تہ صدر ڪم جونگ ان جي 3 جنوري تي منظوري ڏني هئي.[16]
لفظ ڪوريا ڪوريو لفظ مان نڪتل آهي جيڪو سڀ کان پهرين ڪوگوريو واري قديم بادشاھت استعمال ڪيو ھو جيڪا پنھنجي دور جي اوڀر ايشيا جي وڏين بادشاھتن منجھان ھئي،[17][18][19][20] جنھن جی گوانگائتو اعظم جو راڄ ڪوريائي اپٻيٽ جي لڳ ڀڳ سموري حصي،منچوريا ۽روس جي آخري اوڀر ۽انر منگوليا واري علائقن تائين ڦهليل ھيو.[21][22][23] ڏھين صدي عيسويءَ ۾ ڪوگوريو جي جاء ڪوريو واري بادشاھت ورتي.[24][25][26][27] اھڙي طرح ان علائقي تي ڪوريو نالو پيو ۽ فارسي واپارين ان کي ڪوريا سڏڻ شروع ڪيو.[28]
ڪوريا جي رياست جي پيڙهه 2400 ق.م ۾ هڪ حڪمران تنگول جي هٿان پئي، هن سلطنت جو نالو چوزن (Chosen) ”پرهه ڦٽيءَ جي آسودگي“ رکيو، ڪوريائي ماڻهو ان کي تائي هان (Tai Han) چوندا هئا.[15] هتي هزارين سال اڳوچ ايشيا جي قبيلن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا.[15] ڪوريا جو پهريون بادشاهه ٽانڪون هو، جنهن ڪوريا تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوريائين کي پنهنجي 4300 سال اڳ جي تاريخ تي وڏو فخر آهي.[15] ڪوريا جا اصل رهواسي منگولن ۽ قازقن جي نسل مان ٻڌايا وڃن ٿا.[15] ڇهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سلطنت سيلا ڏاکڻيئن ڪناري جي رياست ڪايا (Kaya) کي فتح ڪيو.[15] چوٿين صديءَ ۾ ٻڌمت ڦهليو، جيڪو ڇهين صديءَ ۾ طاقتور ۽ مضبوط حيثيت اختيار ڪري ويو.[15] اوڻويهين صديءَ ۾ ڪوريا تي قابض ٿيڻ لاءِ چين ۽ جاپان وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ شروع ٿي. 95-1894ع جي چين جاپان ويڙهه کانپوءِ 17 اپريل 1895ع تي ڪوريا جي ڌار وجود ۽ آزاديءَ کي تسليم ڪيو ويو.[15] چين کانپوءِ، 1905ع ۾ جاپان روس کي به شڪست ڏني، جنهن سان هن جا حوصلا وڌيا. 1948ع ۾ ڪوريا کي ٻن حصن اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ ورهايو ويو. اتر ڪوريا جي گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ قرار ڏنو ويو.[15] 1948ع جي آخر ۾ روسي فوجون ملڪ مان نڪري ويون.[15]
چين۔جاپان پھرين جنگ ۽ روس۔جاپان جنگ بعد سال 1910ع کان سال 1945ع تائين ڪوريا تي جاپان جو قبضو رھيو. ڪوريائي مزاحمتي گروپن ڊونگنپگون جي نالي سان آزادي جي جنگ وڙھندڙ فوج ٺاھي، چين ۽ ڪوريا واري سرحد کان جاپاني فوج سان گوريلا جنگ جوٽي، جن مان ھڪ گوريلا اڳواڻ ڪم ال سنگ ھيو، جيڪو بعد ۾ اتر ڪوريا جو پھريون سربراھ ٿيو. سال 1945ع ۾ ٻين جنگ عظيم جي پڇاڙيءَ ۾ جاپان جي پيش پوڻ بعد ڪوريائي اپٻيٽ ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. ان جي اترئين تي سوويت يونين ۽ ڏاکڻي حصي تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس قابض ٿيا. ڪوريا جي ٻنھي حصن جي الحاق لاء مذاڪرات ناڪام ٿي ويا. سوويت جنرل، ٽرينٽيئاء شتائيڪوف آڪٽوبر، 1945ع ۾ سوويت شھري انتظاميه قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ ڪم ال سنگ جي فيبروري 1946ع ۾ قائم ٿيل اتر ڪوريا جي عارضي پيپلز ڪاميٽي جي چيئرمين ٿيڻ جي حمايت ڪئي. سيپٽمبر 1946ع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ماڻھن اتحادين جي فوجي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪئي. اپريل 1948ع ۾ جيجو ٻيٽ وارن جي بغاوت کي سختي سان ڪچليو ويو. مئي 1948ع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي رياست جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ٻن مهينن بعد ڪميونسٽ مخالف، سنگمين ري ان نئين ملڪ جو سربراھ ٿيو.[29] 9 سيپٽمبر 1948ع ۾ ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا جو قيام عمل ۾ آيو جنھن جو پھريون پريميئر ڪم ال سنگ مقرر ٿيو. شتائيڪوف سوويت يونين جو اتي پھريون سفير مقرر ٿيو.سال 1948ع ۾ سوويت فوج اتر ڪوريا مان نڪري وئي ۽ 1949ع ۾ آمريڪي فوج پڻ ڏکڻ ڪوريا مان نڪري وئي پر جلد ئي اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ جنگ ڇڙي پئي.
ڏکڻ ڪوريا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، دولت مشترڪه ۽ گڏيل قومن جون فوجون
25 جون 1950ع تي اتر ڪوريا جي فوج ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪري گھري آئي ۽ تيزي سان ڏکڻ ڪوريا جي لڳ ڀڳ سموري علائقي تي قابض ٿي پر جلد ئي گڏيل قومن جي فوج مداخلت ڪئي ۽ تيزي سان اتر ڪوريا طرف پيشقدمي ڪئي ۽ جڏھن چيني سرحد ويجھو پھتي تي چيني فوج اتر ڪوريا جي فوج جي مدد لاءِ مداخلت ڪئي جنھن سان توازن تبديل ٿي ويو. 27 جولاءِ 1953ع تي ڪوريائي جنگ بندي واري معاھدي ذريعي جنگ جو خاتمو ٿيو. ان معاهدي سان پراڻي سرحد بحال ڪئي وئي پر امن معاھدو عمل ۾ نہ اچي سگھيو.[30] ھی جنگ 30 لک ماڻھن کي پنھنجو کاڄ بڻايو جيڪو ٻين جنگ عظيم کان پوءِ ويٽنام جنگ وانگر سڀ کان وڏو انساني الميو ھيو ۽ اھا سرد جنگ جو سڀ کان وڏو موتمار تڪرار ھيو.[31][32][33]
پيانگ يانگ ۾ ڪوليما تحريڪ جو يادگار ڪوليما وارو مجسمو
جنگبندي جي معاھدي باوجود سرحدي فوجي چڪريون، اھم شخصيتن تي قاتلاڻي حملن ۽ اغوائن جا واقعا جاري رھيا جن ٻنھي ملڪن ۾ ٽڪراء واري صورتحال کي برقرار رکيو.[34] جنگ کان پوءِ ٻن ڏهاڪن تائين ٻنھي ملڪن ۾ مذاڪرات شروع ٿي نہ سگھيا. سال 1971ع ۾ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ مٿين سطح وارا رابطا مخفي طرح شروع ٿيا ۽ 4 جولاءِ 1972ع ۾ ٻنھي ملڪن ڪوريا جي پرامن الحاق لاء گڏيل بيان جاري ڪيو. 1973ع ۾ ڏکڻ ڪوريا ٻنھي ملڪن جي عالمي ادارن ۾ الڳ رڪنيت وٺڻ جي موقف ڪري مذاڪرات ناڪام ٿي ويا.[35] سال 1956ع ۾ ڪم ال سنگ سويت يونين ۽ چين طرفان سندن حامي ڌڙن جي حق ۾ معزول ڪرڻ جي ڪوششن جي مزاحمت ڪئي.[36][37] آڪٽوبر 1958 ۾ چيني فوج جو آخري جٿو اتر ڪوريا مان ٻاھر نڪتو[36][37][38] اتر ڪوريا چين ۽ سوويت يونين جي ويجھو رھيو ۽ جڏھن ٻنھي طاقتن ۾ اختلاف ٿي پيا تہ ان پاڻ کي ٻنھي کان پاسيرو رکي پنھجو الڳ نظريو رکيو جنھن جو نالو جوشي رکيو.[39]
گادي جي هنڌ زير زمين ريلوي اسٽيشنپيانگ يانگ ميٽرو جنھن ۾ بم کان محفوظ رھڻ وارو نظام رکيل آهي
جنگ بعد 1954ع ۽ 1955ع ۾ ھڪ وڏو ڏڪار آيو جنھن ۾ 8 لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. سال 1994ع کان 1998ع تائين آيل ڏڪار ۾ 28 لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا.[40] ملڪ جي قيام بعد صنعتي ترقيءَ ۾ اضافو آندو ويو ۽ ملڪ جي ڪرنسي جو قدر ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪَ ھيو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ان جي معاشي واڌ ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪَ ھئي. سال 1976ع ۾ اتر ڪوريا جي جي ڊي پي ۽ في ڪس آمدني جي شرح ڏکڻ ڪوريا جي برابر ھئي پر سال 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ھن ملڪ جي معيشت جي رفتار تمام سست ٿي وئي ۽ 1987ع ۾ معاشي ترقي جي شرح منفي ٿي وئي. 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد روسي امداد بند ٿي وڃڻ ڪري ھن ملڪ جي معيشت بلڪل ويھجي وئي. ڏڪار کان اڳ ھن ملڪ ۾ متوقع عمر جي حد 72 سالن تائين ھئي.[41] ڏڪار کان اڳ ھن ملڪ جي صحت جو نظام 45,000 ڊاڪٽرن، 800 اسپتالن ۽ 1,000 ڪلنڪن تائين ھيو.[42]
سال 1992 ۾ ڪم ال سنگ جي صحت تمام بگڙي وئي ۽ سندس پٽڪم جانگ ال آھستي آھستي رياستي معاملن کي سنڀالڻ شروع ڪيو. سال 1994ع ۾ دل جي دوري پوڻ ڪري وفات ڪري ويو.ڪم جانگ ال ملڪ ۾ ٽن سالن تائين قومي سوڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون.[43] ھن ملڪ ۾ فوج کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِسونگن يعني "فوج اول" واري پاليسي متعارف ڪرائي.[44] سال 1990ع واري ڏهاڪي جي وچ دوران ٻوڏ سان فصلن جي تباھي ڪري ھڪ وڏو معاشي بحران شروع ٿيو ۽ نتيجي ھڪ وڏي ڏڪار کي جنم ڏنو جنهن ۾ 2,40,000 کان 4,20,000 ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. سال 1996ع ۾ حڪومت گڏيل قومن کان خوراڪ جي مدد ورتي.
اتر ڪوريا ڪوريائي اپٻيٽ جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع آهي جنھن جي پکيڙ120٬540 ڪلوميٽرزچورس (46٬541sqmi) آھي.[7] اتر ڪوريا ۽ چين جي سرحد تي امنوڪ ندي (چين ۾ ان کي يالو ندي سڏيندا آهن) واقع آهي جيڪو ٻنھي ملڪن کي ڌار ڪري ٿو. اتر ڪوريا ۽ روس جي سرحد تي وري تومين ندي واقع آهي جيڪا ٻنھي ملڪن کي ڌار ڪري ٿي.[56] ان جي ڏکڻ ڪوريا سان ملندڙ سرحد تي ڪوريائي غير فوجي علائقو واقع آهي. ملڪ جي اولھ ۾پيلو سمنڊ ۽ڪوريائي نار واقع آهي. اوڀر ۾جاپاني سمنڊ جي ٻئي پارجاپان واقع آهي.
اتر ڪوريا انتھائي مرڪزيت واري ھڪ جماعتي رياست آھي. ان جي 2016 واري آئين مطابق اھا ھڪ انقلابي ۽سوشلسٽ رياست آھي جيڪا جوشي نظريي ۽ سونگن نظريي جي رھنمائي تحت ڪم ڪري ٿي[61] ملڪ جي واحد رياستي جماعتڪوريا جي ورڪرز پارٽي آھي جنھن جي سربراهي ڪم خاندان جو ڀاتي ڪندو آهي[62] سن جماعت جا 30 لک رڪن آھن جيڪي اتر ڪوريا جي سموري سياست تي حاوي ھوندا آھن. ان جماعت جون ٻہ ذيلي جماعتون:ڪوريائي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽چونڊوئسٽ چونگو پارٽي آھن[63]. ملڪ جو موجوده سپريم ليڊر ڪم جانگ ان آھي[64] جيڪو حڪومت جي سمورن ڍانچن جو سربراھ آھي. ھي ڪوريا جي ورڪرز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري، رياستي معاملن جي ڪميشن جو صدر ۽ فوج جو سپريم ڪمانڊر پڻ آهي[65][66]. ان جو ڏاڏو ڪم ال سنگ ملڪ جو باني ۽ 1994ع ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين تاحيات صدر رھيو[67] سندس پيءُ ڪم جانگ ال پاڻ کي تاحيات جنرل سيڪريٽري ۽ نيشنل ڊفينس جو تاحيات چيئرمين قرار ڏنو. ملڪ جي آئين مطابق حڪومت جون ٽي سرڪاري شاخون آهن جن ۾اتر ڪوريا جي رياستي معاملن واري ڪميشن پڻ شامل آهي جيڪو رياستي سالميت لاء قوم جي سڀ کان عظيم رھنمائي وارو ادارو آھي.[68][69] اھو ادارو رياستي جي دفاع وارا فيصلا ڪندو آهي ۽ ملڪ جون اھم پاليسيون جوڙيندو آهي ۽ ڪميشن جي چيئرمين ڪم جانگ ان جي حڪمن تي عملدرآمد ڪندو آهي. ٻين شاخ ملڪ جو قانونساز ادارو آهي جيڪو اتان جي ھڪ ايواني سپريم پيپلز اسيمبلي آھي جنھن جا ڪل 687 رڪن آھن جن جي چونڊ پنجن سالن لاءِ عام ووٽن ذريعي ٿيندي آهي[70]. حڪومت جي ٽين شاخ اتر ڪوريا جي ڪابينه آھي جنھن جو سربراهه پريميئر ھوندو آھي. 14 آگسٽ 2020ع تي ملڪ جو پريميئر ڪم ڊاڪ ھون مقرر ٿيو. ھن اداري کي ملڪ جا ايگزيڪيوٽو وارا اختيار ڏنل آھن[71]. پريميئر حڪومت جي نمائندگي ڪندو آهي. ڪابينه جي رڪنن ۾ ٻہ نائب پريميئر ۽ 30 وزير، 2 ڪابينه جي ڪميشن جا چيئرمين، ڪابينه جو چيف سيڪريٽري، مرڪزي بينڪ جو چيئرمين، سينٽرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جو ڊائريڪٽر، سائنسن واري اڪيڊمي جق صدر شامل آهن. اتر ڪوريا پنھنجي مخالف ڏکڻ ڪوريا وانگر سموري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جو دعويدار آھي[72] ڪجهه مبصرن جي خيال مطابق ھن ملڪ جو سياسي نظام مطلق بادشاھت يا وراثت واري آمريت وارو آھي[73][74][75][76] ان جي تشبيهه اسٽالن واري آمريت سان پڻ ڪئي ويندي آهي.
حڪومتي ونھوار ۽ ورڪرز پارٽي جي ڪم جو بنياد ڪم ال سنگ جي حڪمت واري جوشي نظريي تي آهي جيڪو ان ڊسمبر 1955ع ۾ پنهنجي ھڪ تقرير ۾ ڏنو. ان نظريي جا متا معاشي خود انحصاري، فوجي خود انحصاري ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي آھن. ھن نظريي کي شروع ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي نفاذ جي نئين صورت طور متعارف ڪرايو ويو پر 1970 واري ڏهاڪي ۾ ان نظريي کي ڪميونسٽ سماج جي قيام لاء واحد انقلابي ۽ نظرياتي ڍانچو قرار ڏنو ويو. 1980 واري ڏهاڪي ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي جاء مڪمل طور تي ھن نظريي کي ڏني وئي. 1992ع ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي حوالن کي آئين مان مڪمل طور تي خارج ڪيو ويو. 2009 واري آئين مان ڪميونزم کي خارج ڪيو ويو ۽ ان جي جاء تي فوج اول وارو سونگن نظريو متعارف ڪرايو ويو[77]. آئين ۾ سوشلزم کي تنھن ھوندي بہ برقرار رکيو ويو[78]. جوشي جو خود انحصاري وارو نظريو وقت۽ حالات سان اسريو جيڪو پارٽي کان اسپارٽا واري سادگي، قرباني ۽ نظم جي تقاضا ڪري ٿو.برائن رينولڊس مائرس مطابق اتر ڪوريا جو اصل نظريوڪوريائي نسلي قوم پرستي آھي جيڪا يورپيفسطائيت ۽ جاپانيشووا اسٽيٽزم وانگر آھي[79][80][81]
اتر ڪوريا جا ماڻھو مانسو ھل واري وڏي يادگار تي ڪم ال سنگ (کاٻي پاسي) ۽ ڪم جانگ ال جي مجسمن جي تعظيم ڪندي ڏيکاريل
اتر ڪوريا ۾ ڪم گھراڻي کي پيڪٽو جبل وارو نسل سڏيندا آهن جيڪو ڪم ال سنگ ۽ ان جي اولاد جي ٻن نسلن تي مشتمل آهي. جوشي نظريي تحت ڪم ال سنگ شخصيت وارو مسلڪ متعارف ڪرايو. ان تحت پارٽي ۽ انقلاب جي تاحيات سربراھي ڪم ال سنگ جي خاندان مان ھوندي[82] ڪم ال سنگ جي ذات جي محور واري شخصيتي مسلڪ خانداني وراثتي جانشيني کي جائز بڻائي ڇڏيو[83]
پيانگ يانگ ۾ راندين واري اريرانگ جشن ذريعي چين ۽ اتر ڪوريا جي ويجھن لاڳاپن جو ڏيک
ملڪ جي قيام بعد شروعات ۾ ھن ملڪ جا پرڏيهي ناتا رڳو ڪميونسٽ ملڪن سان ھيا. 1960 ۽ 1970 واري ڏهاڪن ۾ ھن ملڪ آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي جنھن تحت ان ڪيترن ئي ترقي پزير ملڪن سان ناتا جوڙيا ۽ غير جانبدار تحريڪ جو رڪن ٿيو. سوويت يونين جي خاتمي بعد معاشي بحران جو شڪار ٿيڻ بعد ان کوڙ ملڪن ۾ پنھنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا پر ساڳئي وقت ترقي يافتہ آزاد تجارت وارن ملڪن سان ناتا جوڙڻ جي شروعات ڪئي[84] 1991 ۾ گڏيل قومن جو رڪن ٿيو. غيرجانبدار تحريڪ سان گڏوگڏ آسيان جي علائقائي فورم ۽ گروپ 77 جو پڻ رڪن ٿيو[85] ھن وقت ان جا سڀ کان وڌيڪَ ويجھا لاڳاپا چين سان آھن[86] اتر ڪوريا جا 166 ملڪن سان سفارتي ناتا آھن ۽ 47 ملڪن ۾ ان جا سفارتخانا آھن[84] تنھن ھوندي بہ ان جاارجنٽينا،فرانس،اسٽونيا،عراق،اسرائيل،يونائيٽيڊ اسٽيٽس،جاپان،تائيوان ۽بوٽسوانا سان سفارتي لاڳاپا ڪانه آھن[87][88][89][90][91][92] ان جا ويٽنام، لائوس ۽ ڪمبوڊيا سان مضبوط لاڳاپا آھن.[93]
ڪم جانگ ان 25 اپريل 2019 تي روسي صدر پيوٽن سان ملندي جون 2018ع ۾ سنگاپور جي اتر ڪوريا يونائيٽيڊ اسٽيٽس سمٽ ۾ ڊونالڊ ٽرمپ سان گڏڪم جانگ ان ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مون جئي ان اپريل 2018ع تي انٽر ڪورين سمٽ ۾ ھٿ ملائيندي
↑Yunn, Seung-Yong (1996), "Muslims earlier contact with Korea",Religious culture of Korea, Hollym International, ص:99۔
↑"Administrative Population and Divisions Figures (#26)",DPRK: The Land of the Morning Calm, Permanent Committee on Geographical Names for British Official Use, April 2003,اصل کان 25 September 2006 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 October 2006۔
↑Kim,Samuel S.(2014)."The Evolving Asian System".International Relations of Asia.Rowman & Littlefield. p.45.ISBN978-1442226418."With three of the four major Cold War fault lines—divided Germany, divided Korea, divided China, and divided Vietnam—East Asia acquired the dubious distinction of having engendered the largest number of armed conflicts resulting in higher fatalities between 1945 and 1994 than any other region or sub-region. Even in Asia, while Central and South Asia produced a regional total of 2.8 million in human fatalities, East Asia's regional total is 10.4 million including theChinese Civil War (1 million), the Korean War (3 million), theVietnam War (2 million), and thePol Potgenocide in Cambodia (1 to 2 million)."
↑Cumings,Bruce(2011).The Korean War: A History.Modern Library. p.35.ISBN978-0812978964."Various encyclopedias state that the countries involved in the three-year conflict suffered a total of more than 4 million casualties, of which at least 2 million were civilians—a higher percentage than in World War II or Vietnam. A total of 36,940 Americans lost their lives in the Korean theater; of these, 33,665 were killed in action, while 3,275 died there of nonhostile causes. Some 92,134 Americans were wounded in action, and decades later, 8,176 were still reported as missing. South Korea sustained 1,312,836 casualties, including 415,004 dead. Casualties among other UN allies totaled 16,532, including 3,094 dead. Estimated North Korean casualties numbered 2 million, including about one million civilians and 520,000 soldiers. An estimated 900,000 Chinese soldiers lost their lives in combat."
12Chung, Chin O.Pyongyang Between Peking and Moscow: North Korea's Involvement in the Sino-Soviet Dispute, 1958–1975. University of Alabama, 1978, p. 45.
12Kim, Young Kun;Zagoria, Donald S.(December 1975)."North Korea and the Major Powers".Asian Survey15(12): 1017–1035.doi:10.1525/as.1975.15.12.01p0132i.
↑Armstrong,Charles.Tyranny of the Weak: North Korea and the World, 1950–1992. Studies of the Weatherhead East Asian Institute, Columbia University. Cornell University Press. pp.99–100."Kim would not yield to Soviet and Chinese pressure even when combined, much less when the Soviets and Chinese were later in competition with one another."
↑Schaefer, Bernd. "North Korean 'Adventurism' and China's Long Shadow, 1966–1972". Washington, D.C .: Woodrow Wilson International Center for Scholars, 2004.
↑Andrei Lankov. “Trouble Brewing: The North Korean Famine of 1954–1955 and Soviet Attitudes toward North Korea.”Journal of Cold War Studies 22:2 (Spring 2020) pp:3-25.online
↑Young W. Kihl, Hong Nack Kim.North Korea: The Politics of Regime Survival. Armonk, New York, M. E. Sharpe, Inc., 2006. p. 56.
↑Robert A. Scalapino, Chong-Sik Lee.The Society. University of California Press, 1972. p. 689.
↑Bong Youn Choy. A history of the Korean reunification movement: its issues and prospects. Research Committee on Korean Reunification, Institute of International Studies, Bradley University, 1984. p. 117.
↑Brian Reynolds Myers(1 October 2009)."The Constitution of Kim Jong Il.".Wall Street Journal.https://www.wsj.com/articles/SB10001424052748704471504574445980801810944."From its beginnings in 1945 the regime has espoused—to its subjects if not to its Soviet and Chinese aid-providers—a race-based, paranoid nationalism that has nothing to do with Marxism-Leninism. [...] North Korea has always had less in common with the former Soviet Union than with the Japan of the 1930s, another 'national defense state' in which a command economy was pursued not as an end in itself, but as a prerequisite for rapid armament. North Korea is, in other words, a national-socialist country"
12Daniel Wertz; JJ Oh; Kim Insung (August 2015),"Issue Brief: DPRK Diplomatic Relations", The National Committee on North Korea, صص:1–7; n4,اصل کان 4 March 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 April 2016۔